( ڊ )
1. ڊڄ انھيءَ ڏينھن کان، جو ستل جهيڙي کي چون؛ اٿ. (پھاڪو)
2. ڊڄ اُنھيءَ کان، جو درياهه جي پرينءَ ڀر بيھي گاريون ڏئي. (پھاڪو)
3. ڊڄ انھيءَ کان، جو کڏ تي بيھي گاريون ڏئي. (پھاڪو)
4. ڊڄ اُنھيءَ کان، جو منھن تي ڪوڙ ڳالهائي. (پھاڪو)
5. ڊڄ تنھن جي ڊاءِ، جنھن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا. (پھاڪو)
6. ڊني واڻئي؛ نه مور، نه لاڀ. (پھاڪو)
واڻيو: وڻج ڪندڙ واپاري.
***