( ٻ )
1. ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي. (چوڻي)
ٻاٻل: بابل، بابو، ڪاڪو، پريو مڙس، مکي، چوڌري. آچاري: نياءُ ڪندڙ. ۲. پنھنجي گهر ۾ يا پاڙي ۾ ڪو نياءُ ڪندڙ هوندو ته به کيس مڃڻ لاءِ ڪو ماڻهو تيار ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاڙي ۾ آهي.
2. ٻار اک کان ٻاهر ٿيو، ته کريو. (چوڻي)
3. ٻار، ٻاروتن ۾ پڌرو. (چوڻي)
ٻاروتا: ٻاراڻا ڪپڙا. هيئن به چون: پٽ، ڪپٽ؛ پينگهي ۾ ئي پڌرو.
4. ٻار چُريو، گهر ڦُريو. (چوڻي)
ننڍڙو ٻار چرڻ پرڻ لڳندو آھي ته سڀني شين ۾ هٿ وجهي نقصان ڪندو آهي.
5. ٻارنھن گدرا، تيرنھن لاڳدرا. (ورجيس)
گدرا آهن ٻارنھن ته حصو پتي ڇڪيندڙ آهن تيرنھن.
6. ٻارڻ ٻهُون ڪجن، ته به رڙا رجهن ڪين ڪي. (پھاڪو)
ٻارڻ: باهه جو ٻارڻ. ٻهون: گهڻا. رڙو: سخت اَناج جو داڻو. مڱ يا مٽر جو کريل داڻو، جو مشڪل ڳرندو آهي.
7. ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. (چوڻي)
ٻارهن ڪوهن کان پوءِ، ٻولي ڦريل ڏسڻ ۾ ايندي.
8. ٻاليتو، نه ماليتو. (پھاڪو)
ٻاليتو: ٻارن وارو. ماليتو: مال ملڪيت وارو. ۲. ڪٽنبي ماڻهو، مال ملڪيت وارو مشڪل ٿي سگهندو. سندس گهڻو خرچ، ٻارن جي پالنا ۾ ٿي ويندو هليو.
9. ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو، ڪانگن ويهي رنو. (چوڻي)
10. ٻانڀڻ چئي چُڪي، واڻيو وهي چُڪي. (چوڻي)
11. ٻانڀڻ ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦڪڙي. (چوڻي)
ڦڪڙي: ڪڪ ڪندڙ.
12. ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي. (چوڻي)
13. ٻاهران جَپَ، اندر ۾ ڪَپَ. (ورجيس)
هيئن به چون: ٻاهران ماکي، اندر ۾ ڪاتي.
14. ٻاهران چکي مکي، اندران بُـڙ بُـڙ دکي. (ورجيس)
چکي مکي: ٻاهران ڏيکدار. بڙ بڙ: چلم مان اندران آواز نڪرندو آهي. ۲. ٻاهران ڏسڻ ۾ سٺي، پر اندران اِهو ڪنو آواز پيو نڪرندو.
15. ٻاهران زيب زبان ۾، دل ۾ هچارو! (ورجيس)
جنھن جي ٻاهران زبان مٺي هجي ۽ اندر ۾ ڪجهه ٻيو هجي، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ايئن چيو ويندو آهي.
16. ٻاهران ماکي، اندر ۾ ڪاتي. (ورجيس)
17. ٻاهران مِٺِ مِٺِ، اندر ۾ ڦِٺِ ڦِٺِ. (ورجيس)
18. ٻاهر جي سڄيءَ کان گهر جو اڌ ڀلو،
گهر جي دال ڀلي توڙي ٻاهر ملي پلو. (چوڻي)
19. ٻاهر سڙندو سڀڪو ڏسي، اندر سڙندو ڪو نه ڏسي. (چوڻي)
ٻاهر جي باهه، سڀ ڪنھن کي ڏسڻ ۾ اچي. پر اندر ۾ ٻرندڙ باهه، ڪنھن کي ڏسڻ ۾ ڪا نه اچي.
20. ٻائي ٻير، اڍائي سير. (ورجيس)
ٻير ٿا وڪامن، چي؛ ڪھڙو اگهه؟ پئسي جا اڍائي سير! پوءِ ضرور ڪنھن ڪم جا نه هوندا، جو ايڏا سستا ٿا وڪامن.
21. ٻائيءَ جي ٻانهي، پکي سونهين پنھنجي. (پھاڪو)
ٻائي: سانئڻ. ٻانهي: نوڪرياڻي. پکي: اجهي، گهر. ۲. سانئڻ پنھنجي گهر ۾ سونھندي، نوڪرياڻي پنھنجي گهر ۾ سونھندي.
22. ٻه ته ٻارنھن. (چوڻي)
23. ٻُٽي ٻڪري، در تي نه ٻڌجي. (چوڻي)
24. ٻٽيھن ڏندن مان، شڀ ٻولجي. (چوڻي)
25. ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو،
اهڙو گنجو ساماڻو، جو سڀني کڻي ماٺ ڪئي. (چوڻي)
26. ٻج خرابو، ته نج خرابو. (چوڻي)
27. ٻڌل ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي، ڏٺل تي ويچار ڪجي. (چوڻي)
28. ٻڌي ٻڌي، انڌو به واٽ لھي. (چوڻي)
29. ٻڏندڙ کي، ڪک جو به آسرو. (پھاڪو)
30. ٻڏڻ ويو وسري، لڏڻ آيو ياد. (ورجيس)
بي شرم ماڻھن کي، شرم بدران مزو ئي ايندو آهي.
31. ٻڏو سھن، ڏنو نه سھن. (ورجيس)
پاڻيءَ ۾ وجهي ٻوڙي ڇڏيائين، پر ڪنھن کي ڏيئي سڪيارٿ ڪو نه ڪندا.
32. ٻڏو ماڻھو به، ٽئين ڏينھن لڀي. (پھاڪو)
33. ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو، لوهه به چڱو. (پھاڪو)
ڪي لوهه جي بدران، هريڙون يا تختو به چوندا آهن.
34. ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري. (چوڻي)
زالون پاڻ ۾ حجت پائي ٻڙي! ڪري ڳالھائينديون آهن. هڪ زال ٻئي زال کي مٿئين نموني ۾ ڏوراپو ٿي ڏئي.
35. ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه! (پھاڪو)
کپي هڪ شيءِ، سڙي ٻي شيءِ، پر شاباس وري به ڏيئي يعني روشنيءَ کي پيئي ملي!
36. ٻريل ماڻھو، ڪنجهڻ کان ڪو نه ويندو. (چوڻي)
37. ٻڙيءَ کي ڪھڙو جوکو؟ (چوڻي)
ٻڙيءَ کان پوءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. جنھن کي ڪجهه به هـڙَ ۾ نه هوندو، تنھن کي جوکو وري ڇا جو؟
38. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري. (چوڻي)
ٻجهي: ٻڌجي.
39. ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ. (چوڻي)
گاڏڙ: گڏ. ۲. ٻڪري ڏهڻ سان کير ڏئي. پر ساڳئي وقت ڦولهڙيون به لاهي.
40. ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي. (چوڻي)
41. ٻگهه کي صورت سهڻي ڏنائين، ڪوئل کي ڪيائين ڪاري. (چوڻي)
42. ٻلي به پنھنجي گهر ۾ شينھن آهي. (چوڻي)
43. ٻلي ست ڪئا کائي، حج چڙهي. (چوڻي)
44. ٻلي کائيندي ڪين ساري، پر کنگهندي ساري. (چوڻي)
ٻلي کاڌو کائيندي ڪو نه ڪڪ ڪري، پر کنگهڻ لڳندي آهي ته ڪو نه وڻندي آهي.
45. ٻلي مڇي کائي، پر پنھنجا پير ڪو نه پسائي!؟ (پھاڪو)
ڪيترا ماڻهو پاڻ ڪن ڪن، پر ٻاهران ايئن ڏيکارين ته سندن هٿ ان ۾ ڪونھي.
46. ٻليءَ شينھن پڙهايو، ڦر ٻليءَ نون کاوڻ آيو،
چڱو ٿيو جو مين تيڪون چڙهڻ نه سيکاريو. (پھاڪو)
47. ٻليءَ کي خواب ۾، به ڇڇڙ. (پھاڪو)
ٻلي خواب ۾ به رڳو ڇڇڙ ڏسندي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس من جي ورني ڇڇڙن ڏانھن ھوندي آهي.
48. ٻليءَ نصيبين، ڇڪو ڇنو. (پھاڪو)
اڳئين زماني ۾ ڇت ۾ ٺڪر جو ڇڪو ٽنگيو ويندو هو، جنھن ۾ کاڌي جون شيون ٽنگيون وينديون هيون. ڪنھن وقت، جيڪڏهن ڇڪو ڇڄي پٽ ۾ اَچي پوندو هو ته ٻليءَ جو نصيب لکيل سمجهيو ويندو هو، جو هوءَ کائي پيٽ ڀريندي هئي.
49. ٻن ٻيڙين تي جو چڙهي، تنھنجون ڄنگهون ڦاٽن. (پھاڪو)
50. ٻن پاڏن سان، هڪ شينھن به نه پڄي. (پھاڪو)
51. ٻَنڌ ڀڄي، هيڻي هنڌان. (پھاڪو)
ٻنڌُ: پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند. ۲. جنھن هنڌ پاسو هيڻو هوندو، اتان ئي بند ڀڄندو.
52. ٻن زالن جو وَرُ، تنھن جو قبر ۾ گهر. (چوڻي)
وَر: گهوٽ، مڙس.
53. ٻن گهرن جو مھمان، بکون ڪڍي. (چوڻي)
54. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (پھاڪو)
گاهي: گاهه ڪندڙ. ۲. گاهه ڪندڙ هميشه گاهه ڪپيندو ٿو رهي، پر وري ٻني هميشه سائي رهي ٿي.
55. ٻنيءَ تي ٻار هجي، ته پرديس جا پنڌ ڇو ڪجن؟ (چوڻي)
56. ٻورا ٿي سبيا، ته گڏهن ٿي رنو. (پھاڪو)
57. ٻوڙو ٻُڌي ٻه دفعا، ٽيڏو ڏسي ٽي دفعا. (چوڻي)
58. ٻوڙو، کلي ٻه دفعا. (چوڻي)
59. ٻول ۾ چول، نه ڪجي. (چوڻي)
60. ٻه به ويئون، ته ڇهه به ويئون. (ورجيس)
61. ٻه ٻروچ، ٻارنهن ڪتا، ته به ٻروچ تکا! (چوڻي)
ٻروچ: بلوچ، بلوچستان جا رهاڪو.
62. ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. (چوڻي)
ٻه ڀائر ڀلي ڪنھن ڪم ۾ ڀائيوار ٿين، پر ٽيون ليکو رکڻ تمام ضروري آهي، نه ته گهڻن غلط فھمين ٿيڻ جو امڪان آهي.
63. ٻه تراريون، هڪ مياڻ ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
64. ٻه شينھن، هڪ ٻيلي ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
65. ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
66. ٻه گهر جوڙڻ سٿرا، پر هلائڻ ڏکيا. (پھاڪو)
67. ٻئي تي ڀاڙڻ، بک سمهڻ. (چوڻي)
68. ٻئي تي ڀت پيئي سهي، پاڻ تي ڪک پيو نه سَهي. (ورجيس)
69. ٻئي ڳالهيون، هٿن مان ويون. (عام جملو)
70. ٻيڙيءَ تي چاڙهي، ڪنھن جو ڦرهو نه ڪڍجي. (پھاڪو)
ڦرهو: تختو.
71. ٻي سڀ ڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ. (پھاڪو)
گانءِ، مينھن وغيره ويهي ڏهبي آهي، پر اُٺ ڏهڻ لاءِ، اٿي بيھڻو پوندو آهي.
72. ٻين کي نه پِٽجي، نه پاڻ کي پٽائجي. (چوڻي)
73. ٻيو سڀڪو هوريان هلي، ڍيڪَـڻ پائي ڊڪون. (پھاڪو)
ڍيڪڻ: ڍيڪ ڇڏيندڙ، ڦڙ ٻاٽي.
74. ٻيو سڀ ڪِي ٿيو، باقي چنڻ وسري ويو. (ورجيس)
75. ٻيو هر ڪو اچڻو وڃڻو، پمو ٿانائي! (پھاڪو)
چيو وڃي ٿو ته پمن نالي، ساهتيءَ جو هڪ واڻيو هوندو هو، جو لڳڻي ٻيڙي هو. جيڪو ماڻھو ڪنھن هنڌ کپ کوڙي ويھي رهي، تنھن لاءِ مٿيون پھاڪو ڪتب آندو ويندو آهي.
***