( س )
1. ساٿي جو ئي هجي، سو ڀلو. (چوڻي)
2. ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورو، چورن سان اڌ ڀائيوار. (ورجيس)
ڪيترا پاکنڊي ساڌن سنتن جي شيوا ۾ مشغول ٿين. پئنچات جي پئنچن سان به پورا ۽ وري جيڪي چور هجن تن سان به اَڌ ڀائيوار هجن.
3. ساڌو؛ ٻه آڱر واڌُو. (چوڻي)
4. ساري رات سورن ۾ جبل مفت مئو،
صبح ٿي جو ڄائس هڪ ڪئو. (پھاڪو)
5. ساريءَ هيٺ، ڀتر. (چوڻي)
6. ساڳيا سِڱَ سڃاڻ، ڏاتو پنھنجي ڏاند جا. (گفتار)
7. سالا، شينهن کي به پيارا آهن. (چوڻي)
8. سالا کائن، ساليون کائن، ڏس ماريي جي کٽي،
ڀينرون کائن، ڀائر کائن، پيئي ماريي تي چٽي. (چوڻي)
9. سانن وڙهندي، ٻوڙن جوکو. (پھاڪو)
10. سانوڻ جي انڌي کي، ساوڪ ئي ساوڪ. (پھاڪو)
11. سانُ؛ يا ته مينهن ۾، يا ته ڪاسائيءَ وٽ. (پھاڪو)
12. ساهُرا، آئرا، ٻاٻرا ڪنڊا، اٿندي ويھندي چِڀِ چِڀِ ڪندا. (چوڻي)
13. ساهري آهي جڳ سنئين، پيڪي آهي تن سنئين. (چوڻي)
14. سائڻ جو پيٽ سڙيو، ڪنهن نه ڏٺو،
ٻانهيءَ جو مٿو ڦاٽو، هر ڪنھن ڏٺو. (پھاڪو)
15. سائي کي سهي ڪو نه، بکئي کي ڏئي ڪو نه. (پھاڪو)
16. سائي مان، سَوَ سُکَ. (پھاڪو)
ڪو ماڻھو ڀر ڀريو آهي ته انهيءَ مان ڪيترا سک ٿي سگهن ٿا.
17. سائي وڻ تي، گهڻي ئي پکي. (پھاڪو)
18. سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن، چوندو جئن، ٿيندي تئن. (پھاڪو)
سٻر: طاقت وارو، ڏاڍو ماڻهو. ۲. ڏاڍي ماڻھوءَ سان ڪيئن ڪبو جيئن هو چوندو تيئن ئي ٿيندو.
19. سڀاڳن کي ڪار، نڀاڳن کي وڃڻي هٿ ۾. (چوڻي)
سڀاڳن کي ڪم ڪاريون، نڀاڳن کي هٿ ۾ وڃڻيون.
20. سڀان جون ڳالهيون، سڀان سان. (چوڻي)
اڄ جون ڳالهيون اَڄ ڪري خلاص ڪجن، سڀان جو ڪم سڀاڻي ڪجي.
21. سڀاڻي جي پلاهَه کان، اَڄ جي پڇَ چڱي. (پھاڪو)
پڇ: پيڄي، رِٻَ.
22. سڀ ڏينھن ڍڪيل، عيد ڏينھن اُگهاڙو. (ورجيس)
23. سڀ ڪا ٻڪري، پنھنجي پائي ٽنگبي. (پھاڪو)
24. سڀ ڪنهن بنڊيءَ ۾، پنھنجو دونهون. (پھاڪو)
25. سڀڪو پنھنجي هٽيءَ جو هوڪو ٿو ڏئي. (پھاڪو)
26. سڀڪو ڪم پرين، چم پرين ڪو ڪو نه. (پھاڪو)
سڀڪو ڪم ڪندڙن کي پيار ڪري ٿو، رڳو چمڙي سفيد ڏسي پيار ڪير ڪو نه ڪندو.
27. ستا سُور، نه جاڳائجن. (چوڻي)
28. ست رڇيءَ جو به، هڪ رڇيءَ ۾ ڪم پوي ٿو. (پھاڪو)
29. ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي. (پھاڪو)
30. سَتي اُها، جا لڪڙن چڙهي. (چوڻي)
آڳاٽي زماني ۾ جنھن زال جو مرد مرندو هو ته انھيءَ پٺيان پاڻ به چکيا تي چڙهندي هئي، جنھن کي ”ستي“ ڪري سڏيو ويندو هو. هينئر اِهو رواج قاعدي جي زور تي بند ڪيو ويو آهي.
31. سُتي ٻلي، ڪوئا ڪئن ماريندي؟ (پھاڪو)
ستي: ستل، سمهيل. ستل ٻلي، ڪئا ڪين ماريندي.
32. سَتي ٿي سيڏائي، لنڊي ٿي کائي. (پھاڪو)
اشراف ماڻھو مانيءَ لاءِ پيا ٻاڪارين پر نالائقن لاءِ ڍءُ آهي.
33. سُتي شينھن کي به، آڱر نه ڏجي. (پھاڪو)
34. ستي لڪڙن تان موٽي، ته ڪتن ھاب ٿئي. (پھاڪو)
اڳي رواج هو ته جنھن زال جو پتي مري ويندو هو ته انھيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهندي هئي پر جيڪڏهن ڪا زال چڙهڻ کان سواءِ موٽي اَچي ته ساڻس وڏي جٺ ڪن. ڀيٽيو؛ ستي اھا جا لڪڙن تي چڙھي.
35. سُتي، مک به نه جاڳائجي. (پھاڪو)
36. ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال. (پھاڪو)
ستن لنگهڻن (بکن) ڪڍڻ کان پوءِ سڀ حلال.
37. سَٿَ ڪِنو نه ٿجي. (پھاڪو)
رکي رکي سٿ (ڪنو ڪري) ڪنو نه ڪجي.
38. سٽ نه موڙهو، ڪپاهه موڙهي! (ورجيس)
سٽ ڪو نه موڙهو (منجهيو) آهي پر ڪپاهه منجهي آهي. ابتو ليکو. هميشه سٽ منجهندو آهي ۽ نه ڪپاهه.
39. سپتيو ماڻھو، پرائي مال ۾ ڀائيوار. (چوڻي)
سپتيو (سچار) ماڻھو اڌاري سڌاري لاءِ ڪنھن وٽ ويندو ته بنا دير ائين وٺي ايندو جو ڄڻ ته اَڳلي جي ملڪيت ۾ ڀائيوار آهي.
40. سپُ نه ماري، سپ جو سراپ ماري. (پھاڪو)
نانگ جو ڊپ، ماڻهن کي ماريندو آهي.
41. سپهو نه وسهُو، وسهُو ته مسهُو. (پھاڪو)
سپ: نانگ.
42. سج ايڪ، پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت، نه پٽان نون. (پھاڪو)
سج هڪڙو پاڇا گهڻيئي، پيءُ جو بخت پٽ کي ڪو نه ملندو.
43. سج، ٻه پاڇا. (پھاڪو)
44. سج، تريءَ هيٺان ڪو نه لڪندو. (پھاڪو)
45. سج لٿي کان پوءِ، اَوير ڪانهي، ڦُرئي کان پوءِ، ڊپ ڪونهي. (پھاڪو)
46. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا. (چوڻي)
سڄن (سٺن ماڻهن) جي پيٽان (پيٽ مان) وڍيا (ڪپيل، نالائق، ٻاهر نڪتل) ڄميو پون. وري نالائق ماڻھن جي پيٽ مان، سٺا ماڻھو ڄميو پون.
47. سڄڻ سڄي ٻانھن ڏئي، ته سڄي ڳيھڻ نه گهرجي. (پھاڪو)
48. سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ ۾ سوني کاڻ. (پھاڪو)
49. سڄڻ هئن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن. (پھاڪو)
سڄڻ سٺا هجن ڀل ته شهر سڄو پيو ڏنگايون ڪري.
50. سڄو سونو، پر پڇ پتل جو! (ورجيس)
51. سڃا پني پيهن، روئي رڌين، خارن مان کائن. (پھاڪو)
غريبيءَ جو ذڪر.
52. سڃا عاشق، ڀيٽو دي اچار. (پھاڪو)
ڀيٽو: وئيشائن تي ڀاڙيندڙ.
53. سڃا هليا سڃ تي؛ نه دان تي، نه پڃ تي. (پھاڪو)
54. سڃن اَباڻن، ڌوڙ مرڪن ڌيئرون. (پھاڪو)
55. سڃو، سائينءَ کان به ڏاڍو. (پھاڪو)
56. سڃي اَبي ڄائي، پيٽ ڪٽيندي آئي. (پھاڪو)
57. سڃي کي سيٽ گهڻي. (پھاڪو)
58. سچ ته بيٺو نچ، ڪارو منهن آهي ڪوڙ،
سچن سچ ملندو، ڪوڙن پوندي ڌوڙ. (چوڻي)
59. سچ جني جو سيڱ، تير نه گسي تن جو. (پھاڪو)
سيڱ: ڪمان.
60. سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن به نه ٻڏي. (پھاڪو)
61. سچ سير، ڪاري ٻڪري، اڇو کير. (پھاڪو)
ڪاري ٻڪريءَ مان سچو کير ٿو نڪري.
62. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر،
جيوين آکي، تيوين ٽر، روز بولي نئون سر. (پھاڪو)
گر: مرشد، ٽر: هل. وتائي فقير جي چوڻي.
63. سچن ساڻي، ڪوڙن گهاڻي. (پھاڪو)
64. سچي جو ٻيڙو؛ ستڙ. (پھاڪو)
ستڙ: سُ-تڙ، سٺو تڙ
65. سچيءَ دل تي، صاحب راضي. (چوڻي)
66. سخيءَ کان شوم ڀلو/چڱو، جو ترت ڏئي جواب. (پھاڪو)
67. سِڌِ تي ٻُڌِ: (ورجيس)
حالتن پٽ-اندر جئن سٺو سمجهبو تئن ڪبو.
68. سڏ وڏا، هڏ پورا. (ورجيس)
69. سراءِ جو ڪتو، جتي آيو اُتي کتو. (پھاڪو)
مسافرخاني جو ڪتو، جتي ايندو اُتي ئي ڄمي ويندو.
70. سِرُ ڏجي، پر سُرُ نه ڏجي. (پھاڪو)
پنھنجي ڳچي ڏجي پر سر يعني پنھنجي اندر جو راز ڪنھن کي نه ڏجي.
71. سِرُ سِرُ رزق، سانباهي ٺاڪر. (چوڻي)
72. سِر سِر روزي، سِر سِر ڀاڳ. (پھاڪو)
73. سِرُ سِرُ ڪلا. (پھاڪو)
ڪلا: هنر.
74. سر سلامت، ته پڳ پاڻيهي پوندي. (پھاڪو)
75. سر صدقو لڄ تان، مال صدقو سر تان. (چوڻي)
76. سِرَ کاري، هَٿَ ٻهاري. (ورجيس)
سر: مٿو. کاري: ٽوڪري. ۲. مٿي تي ٽوڪري هٿ ۾ ٻهاري. اَڻ پڙهيل کي ٽوڪ.
77. سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا سمجهي؟ (پھاڪو)
78. سرمو ته پاتائين، پر پائي نه ڄاتائين. (ورجيس)
ڪنھن ٺڳي ڪئي يعني ڪنھن کي سرمو پاتائين پر ٺڳي پڪڙجي پيئي، تنھن تي ٿو مٿيون پھاڪو ڪتب اَچي.
79. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير. (پھاڪو)
هر ڪو پيو سرمو پائي پر ڪنھن ڪنھن شڪل واري کي وڌيڪ سونهي.
80. سرنديءَ کان ٽالو، ورلو ڪو گر مک ڪري. (پھاڪو)
81. سَڙي به ٿو، ٽپي به ٿو! (ورجيس)
82. سڙي سڙي، ڪُنجهڻ لهي. (پھاڪو)
جنھن جو اندر پيو جلندو سو ڪنھن وقت ٻه اکر واتان ڪڍندو.
83. سڙيل گهوڙي، ۽ پٽيل ماڻھوءَ مان؛ ڪين ٿئي. (چوڻي)
گهوڙو جيڪو سڙيو پيو هوندو ۽ ساڳيءَ طرح پٽيل ماڻهو جنھن کي سڄو شهر پٽيندو ۽ پاراتا ڏيندو هجي، تنھن مان ڪجهه ڪو نه ورندو.
84. سستي ۽ ڀاڳ، هڪ ٻئي کان پري. (چوڻي)
85. سس جا سوَ ڏينھن، ته ننهن جو به هڪ ڏينھن. (پھاڪو)
86. سِسيءَ کان اڳ، ڌڙ پيو ٻولي. (ورجيس)
87. سڪ تور کان، ٻڏ تور چڱو. (پھاڪو)
88. سڪ کي پنڌ، آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)
89. سُڪل گهوڙو، سيٽيل سوار؛ اڻ پڇيو هوندو، سيّد جو ٻار. (پھاڪو)
90. سڪلن/ سڪن گڏ، آلا به ٻرن. (پھاڪو)
91. سڪن سان گڏ، ساوا به سڙن. (پھاڪو)
92. سڪڻيءَ رڌيو ساڳُ، چي؛ رکان ڪين چَکان. (پھاڪو)
93. سڪو ٽڪر ساءَ جو، چڱو ۽ چوکو،
لعنت اُنھيءَ لپيءَ کي، جنھن ۾ جيءَ جو جوکو. (پھاڪو)
94. سڪو ڪاٺ؛ ٻه پاسا ڀڃي. (پھاڪو)
سڪل ڪاٺ تي ڪھڙو به پاسو ورائبو ته پاسا ڀڃندو.
95. سڪي سڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين سڳي،
اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻي لڏڻ لڳي. (پھاڪو)
96. سڪي سڪي منگهن ڄائو، تنھن ۾ به اڌ پرائو. (پھاڪو)
97. سکڻن دلاسن جي، ڪھڙي بک؟ (پھاڪو)
98. سکڻي دعا، پٽ برابر. (پھاڪو)
99. سکڻي دعا، دل سان نه لڳي. (پھاڪو)
100. سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي. (پھاڪو)
101. سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا. (پھاڪو)
جن جا گهر ويجهو آهن سي ئي سڳا مائٽ ۽ دوست آهن.
102. سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه. (پھاڪو)
سڱ: مٽ مائٽ. ۲. پنھنجن ويجهن عزيزن سان ساڙ پچ.
103. سلو سو، جو انگورين ڀلو. (پھاڪو)
سلو (ٻج) سو سٺو، جنھن جو ڦل سٺو.
104. سَنتُ سَنتُ سڀڪو ڪَهي، سنت سمنڊان پار،
انل پکي ڪو هڪڙو، ٻيا پکن ڪوٽ هزار. (پھاڪو)
انل: آسمان ۾ رهندڙ پکي جو ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
105. سَنَتَ کائي، سونهن سِڪي. (پھاڪو)
106. سنجهو، ڏنجھو: (چوڻي)
سانجهيءَ جو وقت ڏکيو آهي. ڪم ڪار لاءِ صبوح جو وقت سٺو آهي.
107. سندرو ثابت، منزل آسان. (پھاڪو)
سندرو: چيلهه کي ڪپڙو ٻڌو ويندو آهي. چيلهه تي سندرو سالم هوندو ته منزل (مقصد) تي به پھچڻ سولو آهي.
108. سنڌ سنئين، وَڻ ڏنگا، ماڻهو منجهس خام،
جيڪو کڻي موچڙو، تنھن کي ڪن سلام. (چوڻي)
خام؛ خاميءَ سان ڀريل، اڻاين سان. ۲. سنڌ سٺي، وڻ ڏنگا، ماڻهو اوڻاين وارا، جيڪو کين موچڙو هڻي، تنھن کي سلام ڪن.
109. سنڌ ۾ پڇي به ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنور ٻائي! (پھاڪو)
پنھنجي شهر ۾ ڪير ليکي به ڪو نه، پر ٻاهر نمونو ئي ٻيو.
110. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي. (پھاڪو)
ڪ-سنگ؛ خراب سنگت.
111. سَنُ ڳولهي، سَنَ کي. (پھاڪو)
هر ڪو پنھنجو ساٿي ڳولهي لهي.
112. سنئون چوي، سو سُور پرائي، کيڏ ڪري، سو کٽي کائي. (پھاڪو)
113. سڻڀي منهن تي، مَکيون مِڙن. (پھاڪو)
114. سُڻ واڇان جا پار، جا نوڙي کڻي ڇيڻن کي هلي، چي؛ ”ٻجهو ته ٻجھو، نه ته مور نه ٻجهو.“ (پھاڪو)
واڇان (چري) نوڙي کڻي، ڇيڻن کي ٻڌڻ لاءِ هلي. چيائين ته؛ ٻڌجي سگهيا ٻڌبا جي نه ته ڪڏهن ڪو نه ٻڌجي سگهبا.
115. سوال کان صرفو، چڱو. (چوڻي)
ڪنھن کان هٿ ڊگهيڙي سوال ڪرڻ کان صرفو ڪري پنھنجيءَ مان پنھنجي ڪرڻ گهرجي.
116. سوال، ويچارو آهي. (چوڻي)
117. سَو تير، هڪ جوڳيرُ. (پھاڪو)
سوَ تير هڻبا، ڳيرو فقط هڪ ملندو.
118. سَوَ پٽان، هڪ ڳِپان، تنھن ڀر به لڪان. (پھاڪو)
119. سو چور ئي نه آهي، جو پنھنجو جوڻيت نه سڃاڻي. (پھاڪو)
جوڻيت: جيڪو چورن بابت خبرون پھچائي. ۲. اهو چور ڪھڙو جو پنھنجا دشمن نه سڃاڻي؟
120. سورائتڻ سور، اڻ سورائت سان اوريو، هن جو ڀنجهر نه ڀريو،
هوءَ وڃي پئي وهلور، پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو. (پھاڪو)
121. سورهن سالن تائين پٽ، پوءِ دوست. (چوڻي)
122. سوڙ سارو، پير ڊگهيڙجي. (پھاڪو)
جيڏي سوڙ هجي پير به اوڏا ڊگهيڙڻ گهرجن. وڌيڪ ڊگهيڙبا ته پيرن کي ٿڌ لڳندي ۽ نقصان ئي رسندو.
123. سوڙهي سياندريءَ، وهنوار نه ڪجي. (پھاڪو)
سوڙهي سياندري يعني ويجهي مائٽي يا دوستيءَ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ ڀائيواري نه ڪجي.
124. سوڙهيءَ جتيءَ کان پير اُگهاڙا چڱا،
جهيڙي واري گهر کان پرديس جا ڏاکڙا چڱا. (پھاڪو)
125. سَوَ سنات، ٻارهن ذات. (ورجيس)
سنات: واپار ڪندڙ. ۲. سوَ واپار ڪندڙ هوندا ته منجهن ٻارنهن ذاتيون هونديون.
126. سَوَ سَوَ ڪوهين، ٻوليءَ وَرُ. (پھاڪو)
127. سَوَ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو. (پھاڪو)
کودڙو: گڏهه.
128. سوڪھڙي کان، وري به ٻوڏ چڱي. (چوڻي)
129. سومر گهڻو ئي چڱو، پر پٺيانئس اڱارو. (پھاڪو)
130. سونارو، پنھنجي جوءِ جي نٿ مان به نه ٽري. (چوڻي)
131. سوناري جا سؤ ڌَڪَ، لوهر جو هڪڙو ڌڪ. (پھاڪو)
132. سونٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڏئي. (پھاڪو)
133. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رُپو پرکجي باهه،
ماڻهو پرکجي تڏهن، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ. (پھاڪو)
134. سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي چڱي. (پھاڪو)
ٿوري سون جي گهر ۾ هئڻ کان چوپايو مال هئڻ چڱو آهي، جنھن مان هميشه پيئي واڌ ٿيندي.
135. سون، سَوَ ورهين به سوايو. (پھاڪو)
136. سون کان، گهڙائي مهانگي! (پھاڪو)
137. سون کي، ڪَسُ نه لاهجي. (پھاڪو)
138. سون کي، ڪھڙي ڪس؟ (پھاڪو)
139. سونو ڪٽورو هٿ ۾! (ورجيس)
عادتي پنندڙ، جو هميشه هٿ پيو ڊگهيڙيندو آهي.
140. سوني ٻانھن، هٿ ۾ ڪجي. (پھاڪو)
قرض ڏيڻ وقت، پڪي بندوبست سان ڪم ڪجي.
141. سوني ماڻ سان، مئي نه ڏجي. (چوڻي)
قرض نه موٽائي، الي نه وڃڻ گهرجي.
142. سوين سنت چون، ته به ٻوڙا ٻڌن ڪين ڪي. (پھاڪو)
143. سھڻا ٽوھ، به پٽن ۾ پيا آھن. (پھاڪو)
ٽوهه: جيڪو گدري کان سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر کائڻ ۾ تمام ڪڙو.
144. سهڻا نيڻ مليا مرگهه کي، جو بن ۾ ڦري آهاري! (پھاڪو)
145. سھڻي انسان جي آڱر، منڊيءَ بنا سونهي. (پھاڪو)
146. سھڻيءَ کي وانجهه رکيائين، ڪاري ٻارن واري. (چوڻي)
وانجهه: سنڍ (زال) جنھن کي ٻار ڪو نه ٿئي.
147. سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه! (پھاڪو)
148. سي اَڍائي، سي ساڍا ٻه. (چوڻي)
اڍائي به ساڳي ڳالهه، ساڍا ٻه به ساڳي ڳالهه.
149. سياري ۾ سي ئي چڱا جن کي ڪي آھ،
اونهاري ۾ به سي ئي چڱا، جن کي ڪي آھ. (طبي، پھاڪو)
آھ؛ ڌن دولت وغيره ھئڻ.
150. سياري ۾ سي ئي چڱا، جن گهڻي باهه،
اونهاري ۾ به سي ئي چڱا، جن گهڻي ڇاههِ. (طبي، پھاڪو)
سياري ۾ اهي ئي سکي آهن، جتي گهڻي اس آهي. اونهاري ۾ وري جن وٽ ڇانوَ آهي.
151. سياري جو سج، کڻ پاءِ ۾ وڃي. (پھاڪو)
کڻڻ پائڻ ۾ ئي سياري جو سج هٿن مان کسڪيو وڃي.
152. سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏانھن سيري. (پھاڪو)
153. سياري کان پوءِ، اڱر وڪڻندڙ جو منهن ڪارو. (پھاڪو)
مند خلاص ٿيڻ کان پوءِ، واپاريءَ کي ماٺ ڪري ويھڻو آهي.
154. سياڻا ويا لڏي، پٺيان چريا ڇڏي. (پھاڪو)
155. سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان. (پھاڪو)
سياڻو ماڻھو ٿوري ۾ ئي ڳالهه سمجهي ويندو آهي، انھيءَ جي اڳيان رئڻ، اکين کي نقصان رسائڻو آهي. انڌي آڏو روئڻ، اکين جو زيان. (ابتو)
156. سيج ڪيائون سُرهي، مُٺا مڱڻهار. (ورجيس)
شادين مرادين تي دهلاري دهل وڄائي ڪارج ته راس ڪن، پوءِ وري سندن لاڳ تي کٽ پٽ شروع ٿئي.
157. سير مٿان، سوا سير. (پھاڪو)
ڀلي تي ڀلي آهي. هڪ ٻئي جي مٿان آهن.
158. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي. (پھاڪو)
159. سيلھن ۾ جي هٿ وجهندا، سي سور ھڏهين سهندا. (پھاڪو)
160. سيڻ ڏسي، ٺرن نيڻ. (چوڻي)
سھڻي شڪل ڏسي ٺري، ٺڳن وس وڃي چڙهي.
161. سيڻپو، ويڻپو، ويرپو. (چوڻي)
162. سيڻن ڏنو؛ سانوڻ جو مينهن. (پھاڪو)
***