لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

(ک)

(ک)
1. کاٽائو پٽ پيءُ جو، اڻ کاٽائو پٽ ماءُ جو. (پھاڪو)
هيئن به چون: ڪاڻو پٽ، کاٽائو به چڱو.
2. کاڌو پرائو يا پيٽ به پرائو؟ (پھاڪو)
کاڌو کڻي پرائو آهي پر پيٽ ته پرائو ڪونهي جو جيڪي ايندو يا جيترو ايندو کڻي پيٽ ۾ وجهبو.
3. کاڌو کاڌو، پاتل ڦاٽي. (پھاڪو)
4. کاڌي کان، ڏٺو ڀلو. (پھاڪو)
کاڌي کائڻ کان ڏسڻ وائسڻ، سئر ڪرڻ سٺو آهي.
5. کاڌي، کوهه کٽي وڃن. (پھاڪو)
رڳو پيو کائبو ۽ وري ڪجهه پوندو ڪو نه ته ائين ڪرڻ سان ناڻي سان ڀريل کوهه هوندو ته به کٽي ويندو.
6. کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون. (پھاڪو)
کامن: پوسرڻ، خار کائڻ. ڄاڙيون: ڏاٺون. ڄاموٽ: ڳوٺ جو وڏيرو. ۲. ڳوٺ ۾ مجلس وغيره ٿئي ته ڳوٺ جي وڏيرن جون ڏاٺون پوسرڻ شروع ڪن. وات پاڻي پاڻي ٿين.
7. کاڌي مهل کرو، ڪمائڻ محل ٻرو. (ورجيس)
هيئن به چون؛ ۱. کاڌي مهل مڙس هاج مهل ڇوڪر. ۲. چاڪريءَ چور، نوالي حاضر. (نوالي؛ نوالو، سڻڀو گرھ، عمدو طعام).
8. کاڌي مهل مڙس، هاج مهل ڇوڪر. (ورجيس)
9. کارائجي هوتن وانگيان، ڪم وٺجي شينهن وانگر. (ورجيس)
10. کاڻيون کچڻيون، اونڌا طباق! (ورجيس)
کچڻي سڙي وڃڻ کان پوءِ، ديڳڙو ۽ ڍڪڻ اُبتا.
11. کائن کڳ، ليکا ڏين ٺڳ. (گفتار)
12. کائڻ سٿرو، پر کنگهڻ ڏکيو. (پھاڪو)
13. کائين پيئن پنھنجو، پچر ڪن پرائي. (ورجيس)
14. کائيندي پيئندي، ناني نيراني! (گفتار)
15. کٽل آهيان، پر خان آهيان. (ورجيس)
16. کٽئي وچان، مور ياد ئي نه آهي. (پھاڪو)
کٽئي جي خوشيءَ ۾ اصلوڪي موري (رقم) ياد به ڪا نه ٿي پوي.
17. کٽي آيو خان، اُگهاڙيءَ پٺيءَ. (ورجيس)
18. کٽيو تنھنجو گهوريو، وڃائج مَ مُور. (گفتار)
ڀلي ته فائدو ڪري نه اچ پر پنھنجي اصلوڪي رقم وڃائي نه اچج.
19. کٽيو کائي ختيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس. (پھاڪو)
ختيجا: نالو.
20. کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولڙو. (پھاڪو)
21. کٽيو کائي مڙس جو، چي؛ جيئي ابو. (ورجيس)
22. کٽيءَ جي گهر مان ويئي ڇُوو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو. (پھاڪو)
ڇُوو: ڪپڙي سٽڻ جو آواز.
23. کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي. (پھاڪو)
هٿ مان گٿل ڪم، هٿ ۾ موٽي نه اچي.
24. کڏ ڪريو ٺهي وڃي، دل ڪريو نه ٺهي. (پھاڪو)
25. کَـڏَ! چي؛ جيءُ سڏ! (پھاڪو)
کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو ته سڏ تي سڏ ڏيندو. (ڪم ايندو)
26. کَـرُ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، ٻنهي ڏينھن کٽن. (چوڻي)
کر: خراب. لچ ۽ ٻاٻري وڻ جا شل ڏينھن خلاص ٿين. ٻنهي کي ماڻهو پاراتو ڏين.
27. کريل پٽ، منجهل سُٽ، ويل ڪو نه وڃائيندا. (پھاڪو)
28. کستوريءَ جو ملهه، دٻگر ڇا ڄاڻي. (پھاڪو)
29. کڳا پيا آهن کوهه ۾، ٻاهر مصالح پيا ڪٽجن. (پھاڪو)
30. کل! منھنجي کٽونءَ جا پيءُ. (پھاڪو)
31. کلي ماريو کڳو، جنهن کي ليکو دل سان لڳو. (گفتار)
32. کمي وَٽِ، ٻري تيل، شاباس ڏيئا شاباس. (پھاڪو)
ڏيئي ۾ وٽ سڙندي آهي. تيل ٻري خلاص ٿيندو آهي پر شاباس وري ڏيئي کي ملندي آهي. مطلب ته تڪليفون ۽ ڪشالا هڪڙا ڪڍن پر ناموس ٻين جي ٿئي.
33. کُنهبي جو چٽڪو؛ چار ڏينھن. (پھاڪو)
کنهبي رنگ جو نشان ڪپڙي تي فقط چار ڏينھن جٽاءُ ڪندو آهي. تھڙيءَ طرح دنيا جون خوشيون ۽ مزا به ٿورن ڏينھن لاءِ آهن.
34. کنئي اگهي نه، ڳولهي لڀي نه. (پھاڪو)
35. کنئيءَ شيءِ جو ملهه، ڪونهي. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ ڪٿي اگهي ڪين، ڪٿي لڀي ڪين.
36. کڻ ختيجا ڇلي! بيبي جاٽ ڪرڻ هلي! (پھاڪو)
37. کڻ کلو، ته ٿيئي ڀلو. (پھاڪو)
پادر (کلو) کڻ ته ڀلو ٿئي. ۲. لچ ماڻهوءَ کي سڌي ڪرڻ لاءِ پادر کڻڻ ئي سٺو علاج آهي.
38. کوپريءَ کوپريءَ گت، نياري. (چوڻي)
کوپري: مغز. نياري: علحدگي. گت: حالت، چال، عادت. ۲. مغز مغز جي، چال نرالي آهي.
39. کودي به خوش ٿي ٿئي ته مونکي ڌڻين سڃاتو آهي. (گفتار)
کودي: مؤنث، کودو، مذڪر. گڏهه جو ڦر.
40. کوڙيءَ کي ئي گهمرو! (ورجيس)
41. کوهه جو انت لهي سگهجي، پر نه ماڻهوءَ جو. (چوڻي)
42. کوهه جي مٽي، کوهه کي. (پھاڪو)
کوهه کوٽڻ کان پوءِ، جيڪا منجهانئس مٽي نڪرندي آهي سا وري کوھ کي لنبڻ ۾ ڪتب ايندي آهي.
43. کوهه کوٽيندڙا، پاڻ پوندڙا. (پھاڪو)
44. کوهن جا وات بند ٿي وڃن، ماڻھن جا وات بند نه ٿين. (چوڻي)
45. کھيو واڻيو، وهيون سنڀالي. (پھاڪو)
واپاري، کٽڻ کان پوءِ، ويهي بنديون جاچي ته ٻاهران کيس ڪجهه اوڌر اچڻي آهي ڇا!
46. کيتي، سر سيتي. (پھاڪو)
47. کير جو کانيل، جهڻ ڦوڪي پئي. (پھاڪو)
ڪنھن شخص جو ڪوسي کير پيئڻ سان وات سڙيو هوندو ته جهڻ جهڙي ٿڌي شيءِ کي به ڦوڪون ڏيئي پيئندو، جو اڳيون اگرو آزمودو هوندس.
48. کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون، به سهجن. (پھاڪو)
49. کير ۽ کنڊ؛ نور ۾ نور،
جواني ۽ مايا؛ پور ۾ پور،
پنڌ ۽ بار؛ سور ۾ سور. (پھاڪو)
کير ۽ کنڊ هميشه مٺو، جواني ۽ مايا جيئن پور پوي، باقي پنڌ سان گڏ بار کڻڻو پوي ته اهو سور ڏئي يعني پسند ڪو نه پوي.
***