لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ل )

( ل )
1. لاڙ، آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار،
اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري. (چوڻي)
لاڙ ملڪ جي آب هوا بابت.
2. لاڙ جو ڍڳو، سِري جو ماڻهو. (چوڻي)
لاڙ جي پڙهيلن جي گهٽتائي.
3. لالچ، بري بلا آهي. (چوڻي)
4. لالن لوءِ، ڪي اڳي ڪي پوءِ. (چوڻي)
ايشور (لالن) جي گهر (لوءِ) ڪي اڳي ويندا ڪي پوءِ، پر ويندا سڀيئي.
5. لاهوتي لڏي ويا، ڪاري ڪتي ڇڏي ويا. (پھاڪو)
6. لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون. (پھاڪو)
لاهه جي پٺيان چاڙهه، چاڙهه جي پٺيان لاهه.
7. لڀي لوڻڪ به نه، مري ٿو مريڙي کي. (ورجيس)
8. لتر کي، چڪر پڄي. (پھاڪو)
لتون هڻڻ واري کي وري ڪو چڪ پائيندڙ گڏبو آهي تڏهن ڪم ٿيندو آهي.
9. لتن وارا ڀوت، ڳالهين ۾ نه سڌرن. (پھاڪو)
جيڪي رڳو لتن سان سمجهي سگهن سي چٽ چُوٽ مٺين ڳالهين سان سڌا ڪو نه ٿي سگهندا.
10. لٺ به ڏيکارجي، چَٺِ به ڏيکارجي. (ورجيس)
چٺ: ڪتن جي کاڌي کارائڻ لاءِ ٿانءُ. ۲. ڪتي کي کاڌي جو ٿانءُ به ڏيکارجي پر لٺ به ڏيکارجي. اهڙيءَ طرح ڪنھن کي چَٽَ به ڏجي ته دڙڪو به ڏجي.
11. لٺ ڏسي، ڀولڙو نچڻ شروع ڪري. (پھاڪو)
مداريءَ کي لٺ هٿ ۾ کڻندو ڏسي، ڀولڙو ناچ ڪرڻ لڳندو آهي.
12. لٺ هڻڻ سان، پاڻي ڪو نه ڇڄي. (پھاڪو)
پاڻيءَ ۾ لٺ هڻبي ته پاڻي جدا ڪو نه ٿي پوندو.
13. لڄ ڪبي، بک مربو. (چوڻي)
14. لڄن تان، لک قربان. (چوڻي)
پنھنجي لڄ رکڻ لاءِ، لک به قربان ڪري ڇڏجن.
15. لڄ ويئي لال تي، شرم ويو شڪار تي! (ورجيس)
16. لچان چوران پت نه ڪا ئي، توڙي هجن سڳي ڀائي. (چوڻي)
لچن ۽ چورن تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجي، پوءِ ڀلي هو پنھنجا مٽ مائٽ به هجن، ڇاڪاڻ ته جنھن جو سڀاءُ لچائيءَ جو آهي سو ڪڏهن به لچائي ڪرڻ کان ٽرندو ڪو نه.
17. لچائي ته بادشاهي. (چوڻي)
18. لچ سان ليکو رکجي ته شاھد رکجن سَتَ،
جي هڪڙو ٿئي هيڏانھن ھوڏانھن ته ليکي کي ئي لت. (چوڻي)
19. لچ سان مٺو ڳالھائڻ آهي، سندس هٺ وڌائڻ. (چوڻي)
لچي ماڻهوءَ سان، ڪڏهن به مٺو نه ڳالهائجي.
20. لڇمي؛ ڪلڇڻ ڍڪڻي. (چوڻي)
ناڻو هئڻ سان ڪلڇڻ (ڪڌا لڇڻ) به ڍڪجيو پون.
21. لڇمي وڃي ته لڇڻ به وڃن. (چوڻي)
22. لڏ به ڏي، ته لڏاڻي به ڏي. (ورجيس)
23. لڪڙيءَ کي سلام. (چوڻي)
عھدي کي عزت.
24. لک جي پاهت به چڱي. (چوڻي)
25. لک کٽيا ڏومڻي، جو ڏوم واپس آيو. (پھاڪو)
لک کٽيا ڏومڻي يعني لنگهي جنهن جو مڙس ڏوم يعني لنگهو ڪرت ڪار لاءِ ٻاهر ويو، ڪجهه وقت موٽي ڪو نه آيو، تنھنڪري سمجهيو ويو ته مري ويو آهي، پر قدرت سان ڪن ڏينھن کان پوءِ موٽي آيو. تنھن تي مٿئين نموني چيو ويندو آهي.
26. لکئي مان لِکَ؛ نڪو لاهي، نڪو پائي. (چوڻي)
لِکَ؛ ٿورو.
27. لکيا لهارن، کي ٽِپر تي ٽانڊا. (چوڻي)
لهارن جو ڌنڌو ئي اهڙو آهي جو کين ٽپر تي ٽانڊا ئي لڳندا آهن. ۲. ڪمبختن کي به سختيون ئي سهڻيون آهن.
28. لکي پڙهي ڄاڻي ڪينڪي، مسودي ۾ ڀڙ. (ورجيس)
اَڻ پڙهيل جڏهن پاڻ کي هوشيار سمجهندو آهي تنھن ڏانھن اِشارو ڪيو ويندو آهي.
29. لکي لکانو، واچي الانو. (ورجيس)
لکي لکڻ وارو، پڙهڻ وارو خدا.
30. لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾. (پھاڪو)
چنيسر راجا جي زال ليلا، ڪنھن جواهر جي لالچ تي پنھنجي ٻانهي ڪونئرو کي پنھنجي بدران راجا جي پلنگ تي سمهڻ ڏنو، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو راجا جي دل اچي ٻانهيءَ سان لڳي ۽ ساڻس پرڻجي ويٺو. ليلا ائين سمجهي ويٺي هئي؛ سندس جھڙي راڻي راجا کي ملي ڪا نه سگهندي، پر اھا کيس ڄاڻ ئي نه ھئي؛ لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
31. لکيو پري، پر ڪڏهن نه ٽري. (چوڻي)
هيئن به چون؛ ۱. لکئي مان لک؛ نڪو لاهي، نڪو پائي. ۲. ڏسو ھيٺ ڏنل چوڻي.
32. لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي. (چوڻي)
33. لڳو ته تير، نه ته تُڪو. (ورجيس)
تُڪو: تير جو ٻيو پاسو.
34. لڳو واءُ، ويو ساهه. (چوڻي)
اَڄڪلهه نمونو اهڙو آهي جو کن ۾ ماڻهوءَ جو ساهه نڪريو وڃي.
35. لمو ڏوڪڙ، ڏنگو ڇوڪر، ٽڪاڻي جي اَرداس. (چوڻي)
ڪنھن وٽ لمو پئسو ٽڪو پيو هوندو آهي ۽ نه هلندو آهي ته ٽڪاڻي ۾ وڃي ارداس ۾ ڏيئي ڇڏيندا آهن. اهڙي نموني وري ڪنھن مائٽ وٽ ڪو ڏنگو ڇوڪر هوندو آهي ۽ گهر ۾ سڌري ڪو نه سگهندو آهي، تنھن کي ٽڪاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ته ڀل ته ٽڪاڻي جا مفت جا مال کائي.
36. لنگهن، پنھنجو وهانءُ. (پھاڪو)
شادين تي لنگهن کي گهرائي کانئن دهل وغيره وڄائي کين پئسا ڏبا آهن. لنگهو دهلاريءَ کي به چيو ويندو آهي. سوال آهي ته جيڪڏهن خود لنگهن وٽ وهانءُ ٿئي ته ڇا ٿيندو پنھنجو ڪارج سمجهي پاڻ وڌيڪ زور سان دهل وڄائيندا.
37. لنگهو چِڙي مڱن کان، اُهي ئي مڱ. (پھاڪو)
لنگهي کي مڱ وڻن ڪو نه، پر کيس نصيب ۾ وري به مڱ ملن.
38. لنگهي لاٿي لوئي، ته ڪيا ڪريگا ڪو ئي. (پھاڪو)
لنگهو: بي شرم، نر-لڄ.
39. لوڀ ڇڏ، ته سون مُٺين سان ورهائين. (چوڻي)
سون مٺين سان ورهائڻ يعني بي ريائي ڪرڻ. ۲. مطلب ته جنھن پنھنجي لالچ ڇڏي، سو پورو انصاف ڪندو.
40. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (چوڻي)
جتي لوڀي هوندا، تتي ٺوڳين جو بک مرڻ مشڪل آهي.
41. لوچ ته لھين لعل کي، ڏور ته پويئي ڏس. (چوڻي)
لوچ: ڳولهڻ. لهين: لڀين. ڏور: کوجنا. ۲. ڳولها ڪر ته لعل جھڙي قيمتي شيءِ (ايشور) هٿ ڪري سگهين. کوجنا ڪر ته ڏس پتو مليئي. ۳. ايشور يا دنيوي پدارٿ به بنا ڪنھن ڪوشش ڪرڻ واري کي ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيندو آهي.
42. لوڪ، آهي ٻوڪ. (چوڻي)
ٻوڪڻ: بڪڻ، بڪ بڪ ڪرڻ. ۲. ماڻھو آهن ٻڪر وانگر ٻي ٻي ڪندڙ، کين ڳالهائڻ لاءِ مڙئي ڪجهه گهرجي. ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون وتن رات ڏينهن ڪندا.
43. لوڪ پسند پهرجي، دل پسند کائجي. (چوڻي)
44. لولي، ڇُٽي ڪَتڻ کان. (پھاڪو)
45. لوڻ جي سمجهي ڪر، ته کنڊ جي ٿي پوندي. (چوڻي)
46. لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيو. (ورجيس)
لوڻ پوڻ سان ڀت سوادي ٿئي. ٿوري لوڻ پوڻ سان، لوڻ وجھڻ وارو، ڀت جو ڀائيوار ٿيو پوي.
47. لوڻ ۾ جيڪي پوي، سو لوڻ ٿئي. (پھاڪو)
48. لهي لوڻ به نه، چي؛ منھنجو نالو سون ٻائي. (ورجيس)
49. لين لڏڻ ڇڏيو، اڄ لڏن ٿا لاڻا،
سڄن سرمو ڇڏيو، اڄ پائن ٿا ڪاڻا. (گفتار)
لئو: سَروَ جو وڻ. لاڻو: اٺ جي کائڻ لاءِ گاهه. ۲. اَڄڪلهه شاندار وڻن لڏڻ ڇڏي ڏنو آھي. هاڻي اُٺ جي کائڻ وارا گاهه ٿا لڏن. سڄن سرمو پائڻ ڇڏيو آھي، هاڻي ڪاڻا سرمو پائڻ لڳا آهن!
50. ليُون ٻوڙن سان، ٻوڙا لين سان. (ورجيس)
***