( گ )
1. گابو مئو، چاراڻي چُڪي. (پھاڪو)
2. گابي وانگر، چَٽِ ته چٽيانءِ. (ورجيس)
گابن جي عادت هوندي آهي ته هڪ ٻئي کي چٽيندا آهن. ڪنھن سان ڀلو ڪبو ته اَڳلو به موٽ ۾ ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
3. گاديلو نه ڏئي، پر گادي ڏئي. (ورجيس)
4. گاڏي ڏسي، پير سُڄن! (پھاڪو)
گاڏي هڪي تڪي حاضر هئڻ سان پنڌ ڪرڻ ڪنھن کان پڄي ڪو نه.
5. گانءِ کائي هلندي، گهر کائي بيٺي. (پھاڪو)
6. گانءِ کي پنھنجن سڱن، پهلوان کي پنھنجي لڱن، ماءُ کي پنھنجي آنڊي جو بار ڪو ليکجڻ ۾ اچي! (پھاڪو)
7. گاهي ڀوت، گاهي ولي. (ورجيس)
8. گپ جو ڪلو، جتي کوڙ اُتي کتو. (پھاڪو)
پرمتڙيو جنھن ڳالهه تي بيٺو اُتي بيٺو.
9. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو،
ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو. (پھاڪو)
10. گدرو گدري کي ڏسي، رنگ مٽائي. (پھاڪو)
11. گدري جي چور کي، ٻه لپاٽون. (پھاڪو)
گدري جي چوري ننڍي چوري آهي، انھيءَ لاءِ ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏيڻي آهي، پر ٻه لپاٽون بس آهن.
12. گدڙ جي لت کان، هاٿيءَ جي لت چڱي آهي. (پھاڪو)
13. گدڙ ڊاک نه پڄي سگهي، آکي ٿُو ڪؤڙي،
ناچو ناچ نه ڄاڻندا، آکي ڀون سوڙهي. (پھاڪو)
ڪؤڙي: کٽي. ڀونءِ: زمين.
14. گدڙ سٽاڻو گهڻو پر ڪو سورهيه جهليندو سٽ،
سٽُ گهڻو ئي سٿرو پر ڪو پوندو پٽ،
هندوري جي لوڏي سان ڇا سُهندي کَٽَ. (پھاڪو)
سٽاڻو: مضبوط، طاقت وارو. ۲. گدڙ ڪهڙو به طاقت وارو هجي پر ڪو بھادر هوندو جو سٽ سهي سگهندو. سُٽ به گهڻو ئي سٿرو آهي پر پٽ (ريشم) سان ڀيٽجي ڪو نه سگهندو. هندوري (پينگهي) جي لوڏي سان ويچاري کٽ ڪيئن سونهندي.
15. گدڙ گدڙ جي ڪوڪ نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي. (پھاڪو)
16. گڏون فرستاد، ڏوئي رسيدَ. (پھاڪو)
گڏون: لوٽو.
17. گڏهه اهو ئي، آٿر ٻيا پيا ته ڀؤ ڪونهي. (ورجيس)
18. گڏهه به جڏهن ننڍي، تڏهن سٺي. (پھاڪو)
19. گڏهه تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو. (چوڻي)
20. گڏهه، پنھنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي. (پھاڪو)
21. گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي. (پھاڪو)
22. گڏهه جي ڪر ته لڏ ٿي وڃي، لڏ جي ڪر ته گڏهه ٿو وڃي. (ورجيس)
23. گڏهه جي هينگ گڏهه، گهوڙي جي هڻڪار گهوڙو سمجهندو. (پھاڪو)
24. گڏهه ڇا ڄاڻن گهيڙن مان! (پھاڪو)
25. گڏهه سوَ دفعا مڪي وڃي، ته به گهر ۾ دلا اِٽيون هڻي ڀڃي. (پھاڪو)
26. گڏهه کي به ڪو گج پائجن؟ (پھاڪو)
گج: زالن جي پائڻ جو ڪپڙو. ۲. گڏهه کي زالن جي پائڻ جا ڪپڙا ڪئن پائبا؟
27. گڏھ کي پنج سنج پائبا ته گهوڙو ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
28. گڏهه کي مار ڏيئي، گهوڙو ڪري ڪو نه سگهبو. (پھاڪو)
29. گڏي اَڏجي، يا لڏي ڇڏجي. (ورجيس)
گڏ رهجي ته مٺ محبت ۾ گڏجي رهجي، جي نه ته لڏي ڇڏي ڏجي.
30. گذريءَ کي ياد نه ڪر، جا گذري سا چوکي. (پھاڪو)
31. گرمي ڇڏي جهڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان. (پھاڪو)
بدن ۾ گرمي ٿئي ته جهڻ پيئڻ سان لهي، ٿڌ لڳي ته ناڻي خرچڻ سان لهي.
32. گرو جس ڪا اَنڌا، چيلا ستيا ناس. (پھاڪو)
33. گرو ڪجي پڇاڻي، پاڻي پيئجي ڇاڻي. (پھاڪو)
34. گرو همراهه؛ ته ڪنھن جو نه ڊپ، نه ڊاءُ. (پھاڪو)
همراهه. ساٿي.
35. گروءَ کان سواءِ گت ڪانهي. (پھاڪو)
گت: موکشيه.
36. گرهه گرهه تي ڪچري. (ورجيس)
37. گُگِرُ گُگِرُ پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
گگر: جابلو کُونئر. پنڊا: ٽوڪرا. اڙيا: ڦاٿا، اَٽڪيا. ۲. ڪنھن ٽوڪري کي گگر جو کُونئر چنبڙي ته ڇڏائجي ڪو نه سگهجي. ڪنھن ماڻهوءَ کي ڪجهه مدد هڪوار ڪبي آهي ۽ وري اِنهيءَ جو وجهه وٺي گهڙي گهڙي ستائڻ واري کي به ائين چئبو آهي.
38. گمان، بي ايمان. (پھاڪو)
39. گنجو مٿي کنهڻ کان سواءِ ڪو نه رهندو. (پھاڪو)
40. گنجي جي مٿي ۾؛ نه جونءَ، نه لِيکَ. (پھاڪو)
41. گنجي ڇٽي، جُونئن کان. (پھاڪو)
نڪو مٿي تي وار هوندا، نڪو جُونءَ ئي پونديون.
42. گند گند سان ڪو نه ڌوپندو، پر پاڻيءَ سان ڌوپندو. (پھاڪو)
43. گنگوءَ وارو گوڙ! (ورجيس)
حيدرآباد سنڌ ۾ ڪڇ وقت اڳ، گنگو پڪوڙائي رهندو هو. هو هميشه ڪوسا پڪوڙا تري ماڻهن کي کارائيندو هو. هن جا پڪوڙا ماڻھن کي ڏاڍا وڻندا هئا ۽ هميشه وٽس گراهڪن جو گوڙ لڳو پيو هوندو هو. مٿين چوڻي ائين مشھور ٿي آهي.
44. گونگن جو ڳائڻ، ٻوڙن جو ٻڌڻ. (ورجيس)
گونگي جو اِشارو گونگو، ٻوڙي جو اشارو ٻوڙو سمجهي سگهي ٿو.
45. گونگو ڳڙ کائي، مشڪي ڪشڪي ڪين. (پھاڪو)
ڪشڪي: ڪڇڻ.
46. گھ-گيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن. (پھاڪو)
گھ-گيرو: گھَ ڪندڙ، ڍلو گهوڙو. پيٽيرو: گهڻو کائيندڙ.
47. گيهه پوندي، ڪو مٿو سڙيو؟ (پھاڪو)
48. گيهه کٽو، ڪپڙي پروان. (پھاڪو)
***