لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڄ )

( ڄ )
1. ڄاٽو ڌنئرو، مٺو. (چوڻي)
پرائو مال، سڀ ڪنھن کي وڻي.
2. ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل خان. (ورجيس)
3. ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾. (ورجيس)
منڊ: جهاڙ جي رستي، وڇونءَ جو ڏنگ لاهڻ.
4. ڄاوا ٻه، کريا اڍائي! (ورجيس)
5. ڄائو پٽ، لٿي سڪ، پرڻيو پٽ، پيئي ڀِڪَ. (چوڻي)
ڀڪ: لوڌ.
6. ڄائي جا نه هوندي، سا مرندي ڪٿان؟ (پھاڪو)
7. ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو. (چوڻي)
8. ڄڀڙي ڄڀڙي، سِرُ پرتو اَٿيئي. (پھاڪو)
9. ڄڀ ننڍڙي نه ڄاڻ، آهي وِهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
10. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لڳائي. (چوڻي)
اڻ ڄاڻ بک لاهڻ لاءِ موري کائي پر موري وري گهڻي بک لڳائي.
11. ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو. (چوڻي)
12. ڄٽ جي ڄمار، اڍائي کٿا. (چوڻي)
کٿو: مٿان اوڍڻ جو گرم اڻيل ڪپڙو. ۲. غريب ماڻھو ٿڌ جي بچاءَ لاءِ هڪڙو کٿو اڻي پائي. سالن جا سال اهو کٿو پائي وري لاھي. اهو کٿو خراب ٿئي تڏهن وري ٻيو اڻڻ شروع ڪري. تيتري ۾ سندس عمر به اچيو پوري ٿئي.
13. ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات. (چوڻي)
14. ڄٽ جي دمڙي، ڇني چمڙي، واڻيي جو سؤ، ڪونهي ڀؤ. (چوڻي)
15. ڄٽ کي آدر ڏجي، ته جتيءَ سوڌو سيج تي! (چوڻي)
16. ڄٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏئي جواري اٽي کي داغ. (چوڻي)
17. ڄٽ ملوڪ، ته به گلم جو زيان. (چوڻي)
ملوڪ: شوقين. گلم: سوٽي غاليچو.
18. ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻئي ٻڌا ڀلا آهن. (چوڻي)
19. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻيي وڌس وَٽي،
ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻيي ليکي ڄٽي،
مٺي وري به ڄٽي. (پھاڪو)
هڪ ڄٽيءَ ڪتيل سٽ، پاڻيءَ ۾ پسائي واڻيي کي ٺڳڻ آئي. واڻيو به چالاڪ ھيو. اھو سھي ڪري ويو. تنھن وري وَٽ اهڙي نموني ڪري وڌا، جيئن تور گهٽ پوي. ڄٽي خوش ته مون واڻيي کي ٺڳيو آهي. حقيقت ڪري ڄٽي پاڻ ٺڳجي ويئي.
20. ڄڃ اَچي منھ بيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ويٺي! (پھاڪو)
21. ڄڃ ۾ ڪير سڃاڻي ئي ڪو نه، چي؛ آءٌ گهوٽ جي پڦي! (ورجيس)
22. ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيو ئي هڪڙو! (پھاڪو)
اگهه ۾ تفاوت نه هئڻ، عجب جي ڳالهه آهي.
23. ڄمندي ڄام، پنهون پاڳارو ٿيو. (چوڻي)
24. ڄمندي ڄام، ڪو نه ٿيندو آهي. (چوڻي)
ڄام: سنڌ ۾ شھزادي جو لقب.
25. ڄڻ کان، نيپاج وڏو. (چوڻي)
26. ڄڻيندڙ ڇٽا، پرڻيندڙ مٺا. (چوڻي)
خراب ڇوڪري پرڻجي گهر ۾ آئي.
27. ڄڻيندي ويئي، ڍنگرن تي اُڇليندي ويئي. (ورجيس)
گهڻن ٻارن ڄڻيندڙن لاءِ ٽوڪ.
28. ڄيٺي مينھن، پهريٽي پٽ، نيري وهانءُ، ڪن سڀاڳن سامهون. (چوڻي)
نيري وهانءُ؛ گهوٽ مائٽن جو هڪڙو ئي پُٽ ۽ ڪنوار مائٽن جي هڪڙي ڌيءَ، تن ٻنھي جو پاڻ ۾ وهانءُ.
***