( غ )
1. غريب جو ڀيڻيويو ڪو ڪو نه، شاهوڪارن جا سالا کوڙ. (چوڻي)
2. غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي. (چوڻي)
3. غريب جي قرض جو، وڏو کڙڪو. (چوڻي)
4. غريب چوي مان ڇا کاوان؟ شاهوڪار چوي مان ڇا سان کاوان؟ (چوڻي)
غريب ويچارو هميشه منجهيل آهي ته ڇا کاوان پر شاهوڪار کي کاڌو ته موجود آهي پر رڳو منجهي ٿو ته ڪھڙو کائي ڪھڙو کاوان، يعني گهڻيون گڏي کاوان. ڪيڏو نه تفاوت!
5. غريبي؛ سڀ جي بيبي. (چوڻي)
***