لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

(ڳ)

(ڳ)
1. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (پھاڪو)
موٺ: دال جو قسم.
2. ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي. (پھاڪو)
3. ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس؟ (ورجيس)
وات جي ميٺاج سان ڪنھن کي ڪُهي سگهجي ته پوءِ هن کي سخت قدم کڻي ڇو مارجي؟
4. ڳڙ هميشه مٺو ئي مٺو، ليمو هميشه کٽو ئي کٽو. (پھاڪو)
5. ڳڙ هوندو ته مکيون ضرور هونديون. (پھاڪو)
6. ڳڙ ۽ گيهه سان به، ڪڏهن نم مٺي ٿي؟ (پھاڪو)
7. ڳل مان لهي اچي ڳچيءَ ۾ پيئي! (ورجيس)
8. ڳلن ڪونئري، ڳلا پٽائي. (پھاڪو)
9. ڳوٺ سئين، سا وهانءَ سئين. (پھاڪو)
جيڪا ريت رسم ڳوٺ سان لاڳو هوندي سا اَسان جي، ڪارج سان به لاڳو ٿيندي.
10. ڳوهه کي جڏهن کٽي کڻي، تڏهن شڪارين جا گهر ڳولهي. (پھاڪو)
11. ڳئون ۽ مينهن ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ،
چاري اٽي ڏجي سَڃَ، گئو اَٽي مُٺِ،
جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پُٺ. (پھاڪو)
چاري اٽي: چانورن جو اَٽو. سڃ: تريءَ جو زور. گئو اَٽي: ڪڻڪ جو اَٽو. مٺ: مٺ جو زور.
***