( آ )
1. آپ-چي خور-چي، ٻئي کي چوي؛ مون کي کاءُ. (ورجيس)
پاڻ کاڄ کائي وڃي، پر ٻئي کي ٿو چوي ته مون کي کاءُ؟
2. آپ سُکي، ته جڳ سُکي. (چوڻي)
3. آپ ڪري، سو ڪام. (چوڻي)
آپ (پاڻ) جيڪو ڪم ڪجي ٿو، سو ئي ڪم آهي. ۲. ٻين تي ڀاڙڻ مان ڇا ورندو؟
4. آپ گهاتي، مها پاپي. (چوڻي)
آپ گهات (پاڻ کي پاڻيهي مارڻ)، مها (وڏو) پاپ آهي.
5. آپ مريئي، سرڳ نه جاءِ. (پھاڪو)
پاڻ کي مارڻ (من کي ماري قابو ڪرڻ) کان سواءِ سرڳ ۾ وڃي ڪو نه سگهبو.
6. آپ نه پالي، پالي ڏون، ڇوڪر ڄائو، ڏکان ڏون. (پھاڪو)
آپ: پاڻ کي. ڏون: ٻئي کي.
7. آپڻي گهوٽ، ته نشا ٿيوئي. (پھاڪو)
پنھنجي هٿن سان جيڪو ڪم تيار ڪبو آهي، تنھن جي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي.
8. آج نه ديکيا لعل، تو ڪل ديکون گا. (ورجيسي جملو)
ڪل: سڀاڻي. لعل: لعل شهباز. ۲. اَڄ لعل شهباز جو ميلو نه ڏسي سگهيا آهيون ته سڀاڻي ڏسنداسون.
9. آج همان، سڀان تما. (پھاڪو)
هما: مون سان. تما: تو سان.
10. آدمي آدمي انتر، ڪو ئي هيرا، ڪو ئي ڪنڪـر. (چوڻي)
انتر: ڳجهارت. ڪنڪر: پٿر. ۲. ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي ڳجهارت، ڪو هيرو نڪريو پوي ته ڪو پٿر نڪريو پوي.
11. آڌيلو نه ڏئي، پر آڌيو ڏئي. (ورجيس)
آڌيلو: اَڌ پئسو. آڌيو: اَڌ رپيو. ۲. ڪيترا ماڻھو پڪائي ڪندا آهن ته جو اِهو حال آهي.
ساڳي معنى سان ٻيو پھاڪو به آهي. ”گاديلو نه ڏئي، پر گادي ڏئي.“
12. آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي منهن ۾ پائي،
جو ديکي نه پتيجائو، ڌوڙ تنهن جي منھن ۾. (پھاڪو)
پتيجائو : خراب نتيجو. ۲. جيڪو خراب نتيجو نه ڏسي، وري اهو ڪم ڪري، ڌوڙ تنھن جي منھن ۾.
13. آگم جي خبر، اگم کي! (پھاڪو)
غئب جي خبر غيب کي. ۲. جتي اِنسان جي نظر نه پھچي سگهي سا غئب کي خبر هوندي.
14. آگي طعام، پيڇي ڪام. (چوڻي)
طعام: کاڌو. ڪام: ڪم.
15. آڱر رکڻ ڏينس ته سڄو ئي لنگهائي وڃي: (ورجيس)
ڪيترن ماڻھن جي اها عادت هوندي آهي ته جو ڪير اڳلو ڪجهه ڀلائي ڪندو آهي ته انھيءَ جو سڄو سِرُ کائي ويندا آهن.
16. آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو. (پھاڪو)
آڱر کي ننهن ڄمڻ، هڪ رواجي ڳالهه آهي. پر ڪي تماشبين ٿيندا آهن، جي ڪنھن رواجي ڳالهه تي به تماشو لڳائي ڏيندا آهن.
17. آمون، ڏهه گامون. (چوڻي)
آمون: اَنب. گامون: وکون، قدم. ۲. انب جو وڻ ويجهو ويجهو پوکبو آهي ته سوڙهه جي ڪري ڦر ٿورو ڪندو، تنھنڪري صلاح ملندي آهي ته؛ ڏهه وکون پريان، ٻيو وڻ پوکڻ گهرجي.
18. آنا انبن ۾، ته ٻچا ٻٻرن ۾. (ورجيس)
دربدر ٿيل اِنسان، ڪي ڪٿي، ته ڪي ڪٿي.
19. آندِ جا به موچڙا، ته ماندِ جا به موچڙا. (ورجيس)
آند؛ ايندڙ ۽ ماند؛ ويندڙ واسطي چيل آهي. ايندڙن جا به موچڙا ته ويندڙن جا به موچڙا. مطلب ته ٻنھي پاسي جُٺ آهي.
20. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي،
وڃي چؤ ابي کي ته آءٌ به گهڻن گڏي. (پھاڪو)
هيءُ هڪ چرچي جو پھاڪو آهي. ۲. مائٽن کي هڪ ڪاڻي ڌيءَ هئي جنھن جي اڪلائڻ جو کين تمام گهڻو خيال هو. آخر اِها ڌيءُ پرڻائي ڇڏيائون، پر کين هر دم اِها ڳڻتي هئي ته الائي ڇوڪريءَ جو ساهرن ۾ ڪھڙو حال ٿيو. ڇوڪري ساهرن ۾ پرڻجي آئي ته ڏٺائين ته سس به ڪاڻي آهي ۽ سھرو به ڪاڻو آهي. ويندي گهر ۾ جيڪا ڍڳي هئي سا به ڪاڻي هئي. تنھن تي مائٽن کي مٿئين نموني ۾ چوائي موڪليائين. ۲. جتي ننڍو وڏو بي عقل هوندو آهي تڏهن به ائين پھاڪو ڪتب آندو ويندو آهي. ۳. آنڌ ۽ مانڌ شايد سس ۽ سھري ڏانھن اشارو ڪيل آهي.
21. آنڊو، ڪتي ٻلي کي به پيارو آهي. (چوڻي)
22. آنڊي ۾، ٽانڊو. (چوڻي)
آنڊو: ويجها مٽ مائٽ، اولاد. ٽانڊو: باهه. ۲. گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته پنھنج-پائيءَ ۾ ئي ڪلفت ۽ جهيڙا جهٽا ٿيندا رهن ٿا.
23. آڻ مڃي، جڳهڙا ڇُوٽا. (چوڻي)
24. آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا. (چوڻي)
ڏٿ: جهن کي اَن. ۲. اي سومرا، اسين اَن روز آڻيون ۽ چاڙهي رڌي کائون.
25. آهاري، وهنواري، لڄا ڪري، ته هاري. (چوڻي)
آهار: کاڌو. وهنوار: ڏيڻ وٺڻ. ۲. کاڌي کائڻ ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ جيڪو لڄ ڪندو سو هارائيندو.
26. آهر جي آسري، جهنگ نه چنائون، ساوا گاهه پٽن ۾، بيٺي ڏٺائون. (پھاڪو)
آهر: ڍڳن ۽ مينھن جو گاڏو جو سندن هڪليندڙ ٺاهي رات لاءِ رکندو آهي. چنائون: چرڻ. ۲. وهٽ جهنگ وڃن پر آهر جي آسري هئڻ ڪري، جهنگ ۾ ساوا گاهه ڏسي به ڪو نه کائين.
27. آهر جي وڏائي، ڪني پاٽ اُتي آئي. (پھاڪو)
ڄٽن وٽ رواجي زالن لاءِ بعضي ’رنون‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. تهڙي نموني رواجي مردن کي وري ’آھُرِ‘ سڏيو ويندو آهي. اهڙن ماڻھن لاءِ چيو ٿو وڃي ته سندن وڏائي (مانُ) فقط ڪني پاٽ (ٺڪر جو باسڻ) تي اچي پھچي ٿي.
28. آهر کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو،
ماريو وڃي ڪاٺين کي، ٻاريو رکيس ٿنبو. (چوڻي)
آهر: مرد. اوبڻي: لوهه جو ننڍو ٽڪر. رن: زال.
29. آههِ غريبان، قھر خدائي. (چوڻي)
30. آهُوجا کائين، ماهُوجا پيٽ سُورَ مرن. (ورجيس)
آهوجا ۽ ماهوجا ڪن ذاتين جا نالا آهن. هڪڙا کائين ته ٻيا حسد وچان پيٽ سور مرن!
31. آهي ته به دک، نه آهي ته به دک. (چوڻي)
32. آهي ته به ڪاڍو، نه آهي ته به ڪاڍو. (ورجيس)
33. آهي ته عيد، نه ته روزو. (چوڻي)
عيد: مسلمان روزن پوري ٿيڻ کان پوءِ جشن ڪن. روزو: بک ڪڍڻ.
34. آهي سوَڙ، ته آهي سيءُ. (پھاڪو)
35. آهي وڏ گهراڻي، پر ڏندڻ پاڻيءَ سان واهپو گهٽ اٿس. (ورجيس)
جن کي پنھنجي بدن جي پوري صفائي نه هوندي، تن کي طعني طور چيو ويندو آهي.
36. آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريون! (ورجيسي جملو)
ڪرهن: جهيڙو. ۲. ڪيترا ماڻھو آهن جن جي عادت ٿيندي آهي ته هٿ وٺي جهيڙو ڪندا آهن. اهڙن جهيڙائُن (جھيڙيڪارن) لاءِ، ائين چيو ويندو آهي.
37. آءٌ به وينديس پيڪي، مون به لهندي سڪ. (پھاڪو)
پيڪي: پيڪو گهر، مائٽن جو گهر. ۲. مان به مائٽن وٽ وينديس، پاڻيهي سڪ (اڪير) لهي ويندي. ۳. ڪنھن کي چيو ويندو آهي ته ڀلي اِها ڳالهه ڪري وٺ، پاڻيهي سڪ لهي ويندءِ. ۴. جيستائين ڪا ڳالهه نه ڪري ڏٺي آهي، تيستائين انهيءَ ڳالهه لاءِ دل پيئي ٿيندي آهي.
38. آءٌ ۽ ڪانءُ، ٽيون ڌڻيءَ جو نانءُ. (ورجيس)
39. آئي ته روزي، گئي ته بلا: (ورجيس)
روزي: کاڌو. ۲. ڪنھن ڳالهه جي هروڀرو پڪ ڪا نه هوندي آهي. تڏهن دل کي راضي ڪرڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي. ۳. آيو ته کاڌو مليو، جي نه ته بلا ٽري.
40. آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي. (ورجيس)
بورچاڻي: رڌڻ واري. ۲. ڌاري مائي آئي چلهه مان ٽانڊو کڻڻ، پر اَجوڳ فائدو وٺي ماڳھين گهر پنھنجو ڪري ويٺي.
41. آئي سُود کي، پر بودُ به وڃائي ويئي. (ورجيس)
42. آئي کي آدر، وئي کي جيءُ. (چوڻي)
فضيلت اِها ئي گھُرَ ٿي ڪري ته آئي (ايندڙ) کي آدر (مانُ) ڏجي ۽ ويندڙ کي جيءُ چئجي.
43. آيا باز، ڀڳيون سرڻيون. (پھاڪو)
44. آيا مير، ڀڳا پير. (پھاڪو)
جڏهن وڏا (مائٽ) حاڪم يا ڏاڍا مڙس اچن، تڏهن ننڍا (ٻار، زيردست يا هيڻا) ٽري وڃن. هيئن به چون؛ آيا باز، ڀڳيون سرڻيون.
45. آيو بابا ولي، ته ختيجا کنئي ڇلي. (پھاڪو)
46. آيو ته جوڻس جو، ويو ته ڀيڻس جو! (پھاڪو)
47. آيو رمضان، ڀڳو شيطان. (پھاڪو)
مسلمان رمضان ۾ روزا رکندا آهن، اِنھيءَ ڪري کين خراب خيال ڪو نه ايندا آهن.
48. آيو مڙس رانجهو، ته هر ڪو ٿيو لانجهو. (پھاڪو)
لانجهو: بي همٿ. ۲. ڪو طاقت وارو اچي ته ٻيا بي همت ٿيو پون.
49. آيو ميان شير، ته سڀني ڪڍايو پير. (پھاڪو)
50. آيو يار، کليو روزگار. (چوڻي)
يار (ايشور) آيو، روزگار کليو. ۲. ايشور مھر ڪري ته سڀ ڪجهه ٿئي.