( م )
1. ماچي؛ ته ناچي. (ورجيس)
ٽرڙو مچندو، ته نچندو.
2. مادي ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني؟ (پھاڪو)
3. مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي. (چوڻي)
4. مارجن ته مير، پيئجن ته کير. (پھاڪو)
5. مارجن ته مير، نه ته چاڪر ڇا چڪائجن؟ (پھاڪو)
ڪم ڪجي ته ڪو وڏو ڪجي، ننڍي ڪم مان ڇا ورندو.
6. مارجي دشمن وانگي، کارائجي سڄڻ وانگي. (ورجيس)
ڪنھن کي مارڻو هجي ته دشمن وانگي مارڻ گهرجي ۽ ڪنھن کي کارائڻو پوي ته جيئن ڪنھن سڄڻ کي کارائبو آهي ته تيئن کارائجي.
7. مارن جي وٿ، ڏونئرن جي ڏوئي. (چوڻي)
ڏونئرا: کاڌي جي سوادي شيءِ.
8. مارڻ واري کان، رکڻ وارو ويجهو آهي. (چوڻي)
9. ماري پاڻ، مِنھن ڪري مڱڻهار جو. (ورجيس)
10. ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير. (پھاڪو)
شڪاريءَ جو گهر، هميشه هڏن سان ڀريل هوندو آھي، ڇو جو سندس ڪرت ئي آهي جانورن کي مارڻ.
11. ماريو ماءُ-وهيڻ، گهر ڀڳو ڀيڻاس. (ورجيس)
12. ماريي کان، پڏايو ڀلو. (پھاڪو)
13. ماس کائي، هڏو ڳچيءَ ۾ ڪو نه ٻڌبو. (پھاڪو)
14. ماڪ پيئڻ سان، پياس ڪا نه لهندي. (پھاڪو)
15. ماڪوڙيون مارڻ، ڪم نه ڪيهر شينهن جو. (پھاڪو)
16. ماکي آهي، ته مک آهي. (پھاڪو)
17. مال تي ملهه، پنڌ تي ڀاڙو. (پھاڪو)
جيترو مفاصلو هوندو، ڀاڙو به اوترو ئي پوندو. جھڙي شيءِ، تھڙي قيمت.
18. مال پرائو، بدهه شاهي. (پھاڪو)
19. مالڪ وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وتن گهوتا کائيندا. (پھاڪو)
شاهد ويا شاهدي ڏيڻ پر ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويون. شاهد شرمائجي خيالن ۾ پئجي ويا.
20. مال کي ڏور ته پويئي ڏس. (پھاڪو)
21. مان به راڻي، تون به راڻي؛ ڪير ڀريندو پاڻي؟ (پھاڪو)
22. مان به رئيس، تون به رئيس، گڏهه ڪير هڪليندو؟ (پھاڪو)
23. مان به سس، تون به سس، چلهه تان ديڳڙو ڪير لاهيندو؟ (پھاڪو)
24. مان نه مان، مئن تيرا مھمان. (ورجيس)
25. مان وهان ٿي گهر، منھنجا ڪم ڪج تَرِ! (ورجيسي جملو)
26. مانيءَ کي مزور گهڻا، مزور کي ماني گهڻي. (پھاڪو)
27. ماڻِ چوڙ، جيسين نُنهن اَچيئي، کاءُ پيءُ، جيسين ڌيءَ ٿيئي. (چوڻي)
28. ماڻهن ڀڳي، ڪاٺ به ڀڄي پون. (پھاڪو)
ماڻهو گهر ڇڏي ڀڄي وڃن ته سڀاويڪ ڪاٺ جا ٺهيل در دروازا به ڀڄي پون.
29. ماڻھو ٻٽيھ لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو. (چوڻي)
ماڻهو جيتوڻيڪ ٻٽيهه لڇڻو آهي پر جڏھن موچڙو هٿ ۾ کڻي زور وارو ٿئي ٿو ته پوءِ اھو ماڻهو ڇٽيهه لڇڻو ٿيو پوي.
30. ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪِن سان، ڪي ڪِن سان. (چوڻي)
ماڻهو سڀ سٺا آهن پر ڪي ڪن سان، ڪي ڪن سان. ۲. مثال طور ڪو راجا آهي جو سڀني کي وڻي پر ڏوهارين کي سزا ڏئي، يعني انھن لاءِ سٺو ڪو نه ٿيو.
31. ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ،
ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (چوڻي)
32. ماڻھوءَ جي کرڻ جي مند ئي ڪانھي. (چوڻي)
33. ماڻهوءَ هيرئي کان، شينهن هيريو چڱو آهي. (پھاڪو)
34. ماءُ بٺاري، پٽ ڳاٽي ڀڳو. (ورجيس)
35. ماءُ بنا مانڙيون، ڪوٺي ڪو نه ڏئي،
مکڻ ڀريا هٿڙا، بيٺي اوءَ لائي. (چوڻي)
مانڙيون: مانيون.
36. ماءُ ته ڏئي ساهه، ڀيڻ ته وهائي نيڻ. (چوڻي)
37. مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ. (چوڻي)
38. ماءُ جو پيٽ، ڪنڀر جي آوي. (پھاڪو)
آوي: نهائين. ۲. جيئن ڪنڀر جي آويءَ مان ڪي ڪچا ٿانوَ ۽ ڪي پڪا ٿا نڪرن، تئن ماءُ جي پيٽان به ڪو اولاد ڪھڙو ته ڪو ڪھڙو ٿو ڄمي.
39. ماءُ جي دل مکڻ، پٽ جي دل ڪٺڻ. (چوڻي)
40. ماءُ جي ليکي ته پٽ ويو آهي پڙهڻ، پر پٽ بندرا بن ۾ ٽنگيو پيو آهي! (ورجيس)
41. ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڏٽ ۾ ڏٽي، سڃ سڀڪو وسائي، پر کرو ڪو وسندي پٽي. (چوڻي)
ماءُ ته ٿلها متارا پٽ ڄڻي ڇڏيندي. سڃ ته سڀڪو سائو ڪري سگهي ٿو پر شاباس انھيءَ کي آهي جا اڳيئي وسي پيئي آهي تنھن کي هلائيندو هلي.
42. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ. (چوڻي)
ماءُ اولاد ڄڻيندي پر کين ڀاڳ ونڊي ڪو نه ڏئي سگهندي.
43. ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،
ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساءُ. (چوڻي)
44. ماءُ کان وڌيڪ، تاءُ دائيءَ کي. (پھاڪو)
45. ماءُ ماٽيجي، ته پيءُ اڳ ۾ ئي ماٽيجو. (پھاڪو)
46. ماءُ ماريندي، پر مارائيندي ڪا نه. (چوڻي)
47. ماءُ مرلي، پيءُ تنبورو، پٽ وڄائڻ ۾ پُورو. (گفتار)
48. ماءُ مري رکي سکي، ڌيءَ دا نالا؛ ڏهي. (ورجيس)
49. ماءُ موري، پيءُ بصر، پٽ ٻنهي کان ڪسر. (ورجيس)
50. ماءُ موري، پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ؛ گل زعفران. (ورجيس)
51. ماءُ نه ويائي، ماسي ويائي. (پھاڪو)
ڪا زال ويم ڪندي ته سڄو بار اَچي ڀيڻس تي پوندو.
52. مٿو ڪوڙائي، ساک ڪڍڻ. (پھاڪو)
هيئن به چيو ويندو آهي؛ ۱. ھٽ کٽائي، حلوا نه کائجن.
53. مٿيان اکر صحيح، هيٺيان ويا ڊهي. (پھاڪو)
54. مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ،
اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنھنجا به پراوا ٿيا. (گفتار)
55. مَٽن ويٺي ماٽيون، ماٽين ويٺي مٽ. (پھاڪو)
وڏن ويٺي ننڍا، ننڍن ويٺي وڏا.
56. مٺائيءَ سان ميٺ، حلوائيءَ سان وير. (ورجيس)
وير؛ دشمني. مٺائي مٺي لڳي ٿي پر حلوائيءَ سان وير رکيو ويٺو آهي.
57. مٺ پوريائي ڀلي، اُپٽيان ته لاءُ نه ساءُ. (پھاڪو)
اپٽڻ: کولڻ. ۲. مٺ پوريل سٺي آهي، کولڻ سان ڪو به سواد ڪو نه رهندو.
58. مٺو مٺو هڙپ هڙپ، ڪؤڙو ڪؤڙو ٿُو ٿُو. (ورجيس)
59. مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ. (چوڻي)
شانت ۽ صبر سٺو آهي، تڪليفن ۾ به شانت ڪجي.
60. مڇ چوپڻ سان، مڇ سڻڀي ڪا نه ٿيندي. (پھاڪو)
61. مڇيءَ موت، ميئي شڪار. (پھاڪو)
62. محبتي مڙنِ، ته ٽنهي لوڪن لک پوي. (چوڻي)
ٽي لوڪ؛ سرڳ، مرت، پاتال. ۲. عاشق مڙن يعني آڻ مڃين ته ٽنهي لوڪن ۾ خبر پئجي وڃي. يعني اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي جو محبت ڪندڙ مڙن.
63. محنت ڪجي مزدورن وانگي، کائجي شاهه وانگي. (ورجيس)
64. مدعي سست، گواهه چست. (ورجيس)
جن دعوائون ڪيون سي سانت ۾ آهن پر جيڪي شاهديون ڏيڻ آيا آهن سي پاڻ وڌيڪ بھرو پيا وٺن.
65. مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ. (چوڻي)
شراب پيئڻ کان پوءِ، ذات پرکجيو پوي.
66. مران ته منجي تي، پِنان ته وٽي تي! (ورجيس)
67. مرد ٿجي يا مرد جي پاڇي ۾ ويھجي. (پھاڪو)
68. مرد مري مان کي، گانڊو مري نان کي. (پھاڪو)
69. مردن جا هٿ سونا، ته زالن جون ٻانهون سونيون. (پھاڪو)
70. مردو؛ نرڳ وڃي ته ڇا؟ سرڳ وڃي ته ڇا؟ (گفتار)
71. مَرسان مَرسان، پر ڊَڀَ نه چَرسان. (گفتار)
هڪڙي شينهن چيو ته مرندي مري ويندس پر ڊڀ (گاهه) نه کائيندس.
72. مرسين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾،
کُهِه سين اُڄاڻا، هنيون هندوري لوڏجي. (پھاڪو)
سڄاڻ مردن سان ڪاٺ ۾ ڄنگهون (جيل) به قبول آهن پر اَڄاڻ بيوقوفن سان هندوري (جهولڻي ۽ پينگهي) ۾ لڏڻ به قبول نه آهي.
73. مرض ايندو آهي گهوڙي وانگر، ويندو آهي جونءَ وانگر. (چوڻي)
74. مرڻ مهُورت نه پڇي، پڇي نه تِٿِ، نه وار. (چوڻي)
75. مروان موت، ملوڪان شڪار. (پھاڪو)
هيئن به چون: ’مڇيءَ موت، ميئي شڪار.‘
76. مري نه ميهار، ته وَڳُ ولهو نه ٿئي. (پھاڪو)
ميهار: وٿاڻ سنڀاليندڙ. وڳ: وٿاڻ. ولهو: سڃو. ۲. شل نه ڪو وٿاڻ جو سنڀاليندڙ مري وڃي نه ته وٿاڻ ئي سڃو ٿي ويندو.
77. مڙس آڻي اَڪيءَ چڪيءَ، زال وڃائي هڪيءَ ٻڪيءَ. (چوڻي)
مرد گهر ۾ ناڻو آڻي اَڪو چڪو (گهڻو) پر زال اُهو ناڻو هڪيو تڪيو ۽ (اُتي جو اُتي) وڃايو خلاص ڪريو ڇڏي.
78. مڙس بنا، ويهون ڪير ڪري؟ (چوڻي)
79. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا سڀ ڏاڙهه. (چوڻي)
ڏاڙهه: ڏاڙهيندڙ.
80. مڙس ته رتي. (چوڻي)
81. مڙس پوڙهو، زال جوان؛ تنھن کي ڄاڻج، ڪَکَ جو ڪان. (چوڻي)
ڪَک جو ڪانُ ڪَکَ جو ڪانو.
82. مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ، زال جو سئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ. (ورجيس)
پاهوڙي: ڏانداري، ڪوڏر جھڙي شيءِ، جنھن سان گهوڙن جي لڏ وغيرھ ميڙي ويندي آهي. وڏي هئڻ ڪري، ٻھاري کان وڌيڪ ميڙي ايندي آهي. ۲. مڙس پنھنجي ڪمائي وڏي ٿانوَ ۾ ميڙي اَچي پر زال سئيءَ وانگر آهتي آهستي کوٽي خلاص ڪيو ڇڏي.
83. مڙس جو کٽيو، زال جي سهيڙ. (چوڻي)
84. مڙهه به ڪڏهن، مقام مان موٽيا آهن؟ (پھاڪو)
85. مسيت ڊهي ويندي، پر محراب ڪو نه ڊهندو. (چوڻي)
86. مصيبت ايندي آهي ته اڪيلي ڪا نه ايندي آهي. (چوڻي)
87. مغلن اڳيان، فارسي وسريو وڃي. (پھاڪو)
88. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (چوڻي)
89. مفت ڪا چندن، گھس ميري تن بدن. (چوڻي)
90. مکڻ پئي، ڪنھن جو مٿو سڙندو؟ (پھاڪو)
91. مکڻ سڌيءَ آڱر سان ڪو نه نڪرندو. (پھاڪو)
92. مکي، گهر جو دکي. (پھاڪو)
جيڪو هڏ ڏوکي مکي آهي سو گهر ۾ ويهي ڪو نه سگهي.
93. مڪر چڪر جي ڪھاڻي؛ اڌ کير، اڌ پاڻي. (پھاڪو)
94. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي،
مڱ پچي، ڪارڙو نچي،
مڱ لُئو، ڪارڙو مئو. (چوڻي)
ڪارڙو: هڪ تر کان به ننڍو جيت، لاڙ جي علائقي ۾ ٿيندو آهي. ۲. جڏهن مڱن کي باهه لڳي ته ڪارڙي کي باهه لڳي، مڱ جڏهن پچي تڏهن ڪارڙو به پچي پر وري جڏهن مڱن ۾ لابارو پوي ته اهو جيت به مريو وڃن. مطلب ته اِنھيءَ جيت جو جياپو مڱ تي ٿو مدار رکي.
95. مڱيا نه پرڻجن، پر لکيا پرڻجن. (چوڻي)
ڇوڪرا ڇوڪريون ڀلي ته مڱيا ويٺا هجن پر جنهن جو ليک هوندو سو پرڻجي ويندو.
96. مڱيو ته اَڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ،
ماڻهو ڪريو ماٺ، مڙس به ويو ته پئسا به ويا. (گفتار)
97. ملان جي ڪُٺي، جتي ڪٿي حلال. (چوڻي)
98. ملا ۽ ڀَتُ، گهوڙا ۽ پَٽُ، هي چڙهيا ته رسيا، هو نَيا ته چٽ. (چوڻي)
ڀيٽيو؛ گهوڙا ۽ پَٽُ، ملا ۽ ڀَتُ، هو ڪشيا تا رسيا، هو نيا تا چَٽُ. (چوڻي)
99. ملتاني گهيتلو؛ جيڪو پائي، تنھن کي پورو. (چوڻي)
100. ملڪ صاحب دا وسي؛ ڪوئي روئي، ڪوئي هَسي. (چوڻي)
101. مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾. (ورجيس)
102. ملن جي پريت طبق تائين، ڇوڪرن جي پريت سبق تائين. (چوڻي)
103. ملو چور، ٻانگو شاهد! (پھاڪو)
104. ملوڪ ماري، جڏا جيئاري. (چوڻي)
ايشور جي جوڙ عجيب آهي. اَڻ مندائتا ملوڪ مرڪندڙ ماريو ڇڏي ۽ وري ڪيترا جڏا، جي مرڻ لاءِ آتا هجن، تن کي جياري.
105. ملو، مجاور ۽ ڪانءُ، ٽيئي اکر هڪڙي. (چوڻي)
106. ملو مئو، مهابو لٿو. (پھاڪو)
مهابو: لحاظ. ۲. ملو مئو ته ملي جو لحاظ به ڇٽو.
107. ملو نام مولا جو، آخوند سڀ اَنڌا. (چوڻي)
108. مُلي جي جنگ، مسيت سان. (چوڻي)
109. مندائتو هڪ، اڻ مندائتا سَوَ. (چوڻي)
مند تي هڪ به پيو سھندو بي مندائتا سوين به ڪو نه سهندا.
110. مندائتي مينھن جي، کنوڻ نه کوٽي. (چوڻي)
مند تي مينھن پوي ته اُنھيءَ جي وڄ کوٽي نه سمجهڻ گهرجي.
111. مند ويندي، جند ڪا نه ويندي. (چوڻي)
112. من ڏونگھو، ڄڀ ڏوئي، هوندو جو ئي، ڏيندو سو ئي. (چوڻي)
113. منھن ته آهيريان ئي اُجرو، اندر جو ڪارو،
ٻاهر زيب زبان سين، دل جو هچارو! (چوڻي)
آهيريان؛ آرسيءَ کان. اُجرو؛ صفا.
114. منھن جو ملوڪ، اندر جو ڪارو. (ورجيس)
115. منھن ڏسي، تلڪ ڏجي. (پھاڪو)
جھڙو ماڻهو هجي، تنھن سان اهڙي نموني هلڻ گهرجي.
116. منھن ڏسي، مٺائي گهرجي. (پھاڪو)
117. منهن مور جهڙو، اکيون چور جهڙيون! (ورجيس)
118. منھن ۾ ملو، دل ۾ ڪاسائي. (ورجيس)
119. موت جو ڊپ ڏبو، ته تپ تي به راضي رهندو. (ورجيس)
120. موت ۽ ملاقات؛ اوچتو. (چوڻي)
121. موتيءَ جو ملهه، شيشه-گر ڇا ڄاڻي؟ (پھاڪو)
122. موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار. (چوڻي)
موتيو: چانور جو هڪ قسم جو وڏي پاڻيءَ ۾ پوکي سگهبو آهي.
123. موچڙن سان، جهولي ئي تنھنجي. (چوڻي)
124. موچڪي رنبي؛ حلال ۾ به وهي، حرام ۾ به وهي. (پھاڪو)
125. موچيءَ جا گهڙيل، موچيءَ جي منهن ۾. (ورجيس)
126. مور چڱو، پر پير ڏنگا. (پھاڪو)
127. موُر کان، لاڀ مٺو. (چوڻي)
يا مور کان وياج مٺو. وياج خور کي پنھنجي موڙي وسري ويندي آهي، جڏهن کيس وياج ملندو آهي.
128. مورک جي خوشامد کان، سياڻي جي ٽوڪ ڀلي. (چوڻي)
129. مورن ۾ ڪانگ. (ورجيس)
130. مور نه کائجي، مور جو کٽيو کائجي. (چوڻي)
131. موريءَ کي، پنھنجي پنن جو بار ئي گهڻو آهي. (پھاڪو)
132. موڙي لڀينديئي نهين، ٺَڪُرُ چاليها مڱدا. (پھاڪو)
ملڪيت لڀي ئي ڪا نه ته ٺڪر صاحب چاليهون حصو پيو گهرڻ جي ڪوشش ڪري.
133. موڳو پنھنجي مانيءَ مان، پيٽ ڀري کائي،
وڃي وهي مجلس ۾، ته سڀني سُهائي،
چريو ڳالهائي، ته به بختاور بودلو. (چوڻي)
134. مولى مينھن وساءِ، ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان. (پھاڪو)
ڪانئر: گيدي، ڊڄڻو.
135. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان به بڇڙو! (ورجيسي جملو)
136. مهارن مان نڪتل ڏند، مهارن ۾ موٽي ڪو نه ويندا. (پھاڪو)
137. مھر گهڻي، کير ٿورو. (ورجيس)
138. مُھريءَ کي ٻه مٿا؛ جيڏانهن وراءِ، تيڏانهن وري. (پھاڪو)
139. مهينو پنو، ڪُتن رنو. (چوڻي)
140. مئا آهن، جيئرن جي وس. (پھاڪو)
جيڪي مري ويل آهن تن جو هينئر ته ڪو وس ڪو نه هلندو. باقي جيڪي پٺيان جيئرا بچيل آهن تن تي مدار رکي؛ ياد ڪن يا نه.
141. مئا پَرُ، پٽجن هيل! (پھاڪو)
ڪيترا ئي ڪنا رواج آهن جو ماڻهو ڪجهه وقت اڳي مري ويو هجي پر سندن لاءِ پٽ پوءِ به چالو رهي.
142. مئي تٿ، ٻانڀڻ به نه واچي. (چوڻي)
143. مئي جو ڏيئو؛ ڏهه ڏينھن. (پھاڪو)
هندن جي رواج موجب مري ويل جي واسطي ڏهه ڏينھن رکندا آهن، يعني پوءِ آهستي آهستي ڪري گذري ويل وسريو وڃن.
144. مئي کان پوءِ؛ سج اڀري ته اُڀري، نه ته ٻي جھاني نه اُڀري. (پھاڪو)
145. مئي کي مارڻ، سورهيه جي گلا. (پھاڪو)
بھادر لاءِ اِهو شانُ نه آهي ته جو جيڪو مئو پيو هجي تنھن کي ماري.
146. ميان ٻڏو پٽڪو؛ چئن ڏينھن جو چٽڪو. (چوڻي)
147. ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
مڏي يا سامان ٿورو ھجيس، پر ڏيکاري وڏي ڏئي.
148. ميان مري ته به حلوو کائڻو، بيبي مري ته به حلوو کائڻو. (ورجيس)
149. ميٽ جيڪي لائيندا، سي ئي لاهيندا. (پھاڪو)
150. ميڙو متل ئي ڇڏجي. (چوڻي)
151. ميلي تي وڃي؛ يا هزاري، يا مداري. (چوڻي)
هزاري: هزار-پتي.
152. ميمڻ هلي مڪي، ته به سير ساهمي تڪي. (چوڻي)
153. مينڍ ۾ ٿي، مارئي ڳائجي. (ورجيس)
دک جو راڳ هلڪي نموني ڳائڻ. دک وقت خوشيءَ جو نمونو هلڻ.
154. مينهن، پنھنجي ڪارنهن ڪا نه ڏسي. (پھاڪو)
155. مينهن سڀڪو ڌاري، پر کرو ڪو ٽينهن ڌاري. (پھاڪو)
مينهن ته سڀڪو ڌاري سگهي ٿو پر وڏي ڳالهه آهي پوري سنڀال ڪرڻ.
156. مينهن مچي هوريان هلي، رڍ مچي ٽپا ڏئي. (چوڻي/پھاڪو)
مينهن کائي پي مچي ته هوريان يعني آهستي هلي. باقي رڍ مچي ته ٺينگ ٽپا ڏئي. ۲. اهڙي نموني گنڀير ماڻهو جيئن ڪنھن عھدي کي رسي ته وڌيڪ نهٺو ٿئي پر هلڪو ماڻهو اَجايو گهڻو ڏيک ڪري.
157. مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو ٽمي ڇهه پهر. (پھاڪو)
مينهن ٻه پهر وسي بند ٿيندو آهي پر ڪکن جو ڇپر، جنھن تي برسات پيئي هوندي آهي، ڇهه پھر پيو آهستي آهستي ٽمندو آهي.
158. مينهن ۽ مزمان، ڪيترو وقت؟ (چوڻي)
159. ميهر سچائي تي اَچي، ته کَڙَههَ تي کير پياري. (پھاڪو)
ميھر: ميهار. کڙھ: کڙي کڙي. (بيٺي بيٺي).
160. ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇن ڪھڙي پارت! (پھاڪو)
ميهر: مينهون سنڀاليندڙ. ۲. مينهون سنڀاليندڙ، وٿاڻ مان ٻاهر نڪتو ته وڇڙن جي سنڀال جي پارت ڪنھن کي ڪبي؟
161. ميون ڦري لعل گلاب، بيبيءَ جو برو حال. (ورجيس)
مرد ڏسو ته ڇنڊجي ڦوڪجي پيو ٻاهر نڪري، پر زال ويچاريءَ جا برا حال.
162. مِيون ڳور لائق، بيبي سيج لائق. (ورجيس)
ميون؛ مرد، مڙس. ڳور؛ گور، قبر.
***