( ٺ )
1. ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي هميشه هريل آهي. (پھاڪو)
2. ٺاٺ وڃن، ٺڪر اچن. (ورجيس)
3. ٺپ، کوهه ڪين کڄندا آهن. (پھاڪو)
ٺپ: اُتي جو اُتي.
4. ٺـڙ ڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي، ته پاڻ ڀڄجي. (چوڻي)
جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٺڙ ۽ ٺڪاءُ، دڙڪي ڏيڻ لاءِ ڪجي، پر ايئن جهيڙو نه نبري ته پاڻ ڀڄي وڃجي.
5. ٺڪر ڀڄي، هيڻي جي در تي. (پھاڪو)
6. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (پھاڪو)
7. ٺلها هليا ٺاڪر دواري، ٺلها ٺڪر کڻي. (پھاڪو)
8. ٺلهو چڻو، وڄي گهڻو. (پھاڪو)
9. ٺوڙهي به هلي آهي، ڳوٺ ٻڌڻ! (پھاڪو)
ٺوڙهي: هٿ سکڻي.
10. ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي. (چوڻي)
***