لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ٽ )

( ٽ )
1. ٽٻڻي ٽاڻي، هلي اَباڻي. (ورجيس)
2. ٽٽُونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. (پھاڪو)
ٽٽُون: ڍلو گهوڙو. ٽارو: چھو، لڪڻ. تازي: ڀلو گهوڙو. ۲. ڊِٺي گهوڙي کي، جڏهن لڪڻ هڻجن، تڏهن هلي. سٺو گهوڙو، اشاري ملڻ تي هلي. سياڻو ڪا ڳالهه اشاري ۾ سمجهندو. اياڻي کي، ڪيترو به چئبو تڏهن به مشڪل سمجهندو.
3. ٽپڙ وڇاءِ ته غاليچو رکيو آهي. (ورجيس)
4. ٽڪر کائي ٽاهوجن جا، رهي راهوجن ۾. (ورجيس)
ٽاهوجا ۽ راهوجا: ڳوٺن جا نالا.
5. ٽڪر مليو هڪڙو، ڳڻي ٿي چاليهه! (ورجيس)
6. ٽڪريءَ کي سور ٿيا، ڄائي وري به ڪُئي. (پھاڪو)
7. ٽن ٽنگن سان گڏهه، ٽي مڻ بار! (ورجيس)
8. ٽن ۾ ٽاڪوڙو. (ورجيس)
9. ٽوهه؛ ٻاهران من موهڻا، اندران من ڪُهڻا. (پھاڪو)
***