( الف )
1. ابا ابا ادي سهڻي! چي؛ ڪا اسان لاءِ؟ (پھاڪو)
2. اَب جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جاسين رب نه ڏئي. (چوڻي)
اب: اَبو، پيءُ. رب: ايشور. ۲. پيءُ جو ڏنل پئسو، ڪھڙي ڪم جو؟ جيسين ايشور پنھنجي زبان ۾ برڪت وجهي نه ڏنو آهي.
3. اَب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري. (چوڻي)
4. ابو امان مري، شل ڄائو نه مري. (چوڻي)
5. ابو به ڍائو، اَدو به ڍائو، اڌ ڪيم هيٺ، اڌ ڪيم مٿي. (چوڻي)
پيءُ کي به ڍءُ ڪرايم، ڀاءُ کي به ڍءُ ڪرايم، مون به هيٺ مٿي لاچار ڍءُ ڪيو. ڪمائي پوري پني، ٻيو ڇا ڪبو؟
6. اَبو گسي، ڌيءَ وسي. (چوڻي)
پيءُ ويچارو ڌيءَ پرڻائي، محنت ڪري. پاڻ کي گسائي، تڏهن ڌيءَ وَسي.
7. ابو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا. (پھاڪو)
گهر مان هڪڙو ويو، ٻيو آيو. گهر جا ڀاتي، وري اوتري جا اوترا.
8. ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، ته ڪنھن نه چاڙهي. (چوڻي)
پيءُ به ديڳ چاڙهي، ڀاءُ به ديڳ چاڙهي. جيڪڏهن مون نه چاڙهي، ته اهي ديڳيون جھڙيون چڙهيون تھڙيون نه چڙهيون.
9. اُڀرندي تاءُ جنھن نه ڪيو، سو اُلھندي ڇا ڪندو؟ (پھاڪو)
تاءُ: گرمائش. ۲. سج اُڀرڻ وقت، گرمائش نه ڪندو، سو لھڻ وقت ڪيئن ڪندو؟
10. اُڀ ڦاٽي کي به، ڪڏهن اڳڙي پوي؟ (پھاڪو)
اُڀ هئن ئي کليو پيو آهي، تنھن کي ننڍڙي اڳڙي وجهي سگهبي؟
11. اُڀ ۾ ٿُڪَ اُڇلائي، سو منھن ۾ پائي. (پھاڪو)
آسمان مٿي آهي. اُنھيءَ کي ٿڪون هڻبيون، سڀاويڪ منھن ۾ موٽي اَچي پونديون.
12. اُڀ ۾ جن جون اکڙيون، پلئه تن کي ککڙيون. (چوڻي)
جيڪي رڳو وڏين ڳالھين ۾ اکيون پائي ويھندا آهن، آخر اُنھيءَ جو نتيجو اِهو وڃي نڪرندو آهي، جو کين ککڙيون (ميوي جي اندران خالي داڻا) پراپت ٿينديون آهن.
13. اُڀ ۾ جو ٿڪ اُڇلي، سو پنھنجي منھن ۾ پاءِ. (پھاڪو)
14. اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. (چوڻي)
کيتي ڪرڻ، اتم ڪم آهي، واپار هميشه وڌائي ٿو. نيچ آهي، نوڪري ڪرڻ.
15. اِتي ڪر، اِتي ئي لوڙ. (چوڻي)
16. اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو، ناڻي بنا، نر ويڳاڻو. (چوڻي)
نر: مرد ماڻھو، ويڳاڻو: موڳو. ۲. جيڏانھن وڃ، ڪي ڪجهه ڪر، تنھن ۾ ناڻي جي گهرج پوي ٿي. ناڻي کان سواءِ موڳائي وٺيو وڃي.
17. اُٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت ڏئي گوڏن کي. (ورجيس)
لک لعنت: ڦٽڪار. پاڻ ڪجهه ڪم ڪري ڪو نه سگهي، پر ڏوهه ڏئي گوڏن کي.
18. اَٽو ٻڌل هوندو، ته مانيءَ جو اونو نه رهندو. (پھاڪو)
19. اٽو! چي؛ گهوٻاٽو. (ورجيس)
گهوٻاٽو: ڏنڊو. ۲. گھرَ پيئي ڪجي اَٽي جي، ته ڏنڊو پيو ملي. هڪ جو مطلب ٻيو پيو سمجهيو وڃي.
20. اٽو کاڌو ڪُئي، مار پيئي گابي تي. (پھاڪو)
ڏوهه ڪري هڪڙو، ته مار ٻيو پيو کائي. سچو ڏوهي ڇٽيو وڃي.
21. اَٽي تي اَٽو؛ نه کارو، نه کٽو. (پھاڪو)
اَٽي ۾ اَٽو پيو پوندو ته؛ نه کارو ٿيندو، نه کٽو.
22. اَٽي جو ڏيئو؛ اندر ته کائين ڪئا، ٻاهر ته کائين ڪانگ. (پھاڪو)
اٽي جي ڏيئي (گيدي ماڻھو) کي گهر جي اندر رکجي ته ڪئا کائي وڃن، ٻاهر رکجي ته ڪانگ کائي وڃن.
23. اَٽي ۾ لوڻ ڪري کائجي. (ورجيسي جملو)
اٽي ۾ ٿورو لوڻ گڏبو ته سواد ڏيندو. گهڻو لوڻ گڏبو ته کارو ٿيندو.
24. اُٺ الائي ڪھڙي پاسي ليٽي؟ (پھاڪو)
25. اَٺان مينھان دا، ڪيھا ميلا؟ اوهه چرن گاھ، ته اوهه چرن ٻيلا. (پھاڪو)
اُٺ هميشه ميدانن ۽ پٽن ۾ چرندا آهن ۽ مينھون ٻيلن ۾ چرنديون آهن. ۲. اِنهن ٻنهي جو ميلاپ ڪئن ٿي سگهندو؟
26. اُٺ ٻڍو ته به، ٻه ڪنواٽ لهي. (پھاڪو)
ڪنواٽ: ننڍو اُٺ. ٻڍو: پوڙهو. ۲. اُٺ ٻڍو ٿي ويندو ته به ننڍن ٻن اُٺن جي برابر آهي. اهڙي نموني ۾ پير مرد سمجهه ته ٻن نوجوانن جي برابر آهن، ڇاڪاڻ ته کيس دنيوي آزمودو آهي. پوڙهي لفظ جي معنى به آزمودگار آهي.
27. اُٺ ٻڏندو، پڇ ڏانھن تري. (چوڻي)
28. اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي. (چوڻي)
رڙي: رڙيون ڪرڻ. ۲. اُٺ تي بار هجي يا نه هجي، پر پنھنجي سڀاءَ موجب، هميشه پيو رڙندو آهي. ۲. ڪيترا انسان به، پنھنجي سڀاءَ موجب، هميشه پيا ڪرڪندا ۽ ڪنجهندا آهن.
29. اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اُٺ ٿيو هلڪو. (پھاڪو)
گهڻي بار مان، ٿورو گهٽ ٿيندو آهي ته به هلڪائي ٿيندي آهي.
30. اُٺ پتڻ تي مار کائي. (ورجيس)
اُٺ پتڻ تي مار کائڻ کان سواءِ، ٻيڙيءَ ۾ ڪو نه چڙهي.
31. اُٺ پٺيان گهنڊڻي. (ورجيس)
اُٺن کي بعضي گهنڊڻي ٻڌي ويندي آهي، سڀاويڪ جيڏانھن اٺ ويندو ته گهنڊڻي به اوڏانھن ويندي. ۲. مائٽ ڪيڏانھن ٻاهر ويندو آهي ته ٻار به ساڻس گهنڊڻيءَ وانگر ڪاهي پوندو آهي.
32. اُٺ پنھنجي مُٽَ ۾ ترڪي. (پھاڪو)
اٺ جا پير ترڪڻا ھئڻ ڪري، پنھنجي مُٽ (پيشاب) ۾ ترڪندو آهي.
33. اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو. (پھاڪو)
سڀڪو جانور، پيشاب اڳتي ڪري. پر رڳو اُٺ، اُبتڙ ڪري.
34. اُٺ جا بار، به ڪي گڏهه کڻن؟ (پھاڪو)
گڏهه ڪيئن اُٺ جو بار کڻي سگهندو؟
35. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، ته لاهيءَ کي به لعنت. (چوڻي)
اٺ جيڏيءَ مهل، ڪنھن چاڙهيءَ تي چڙهندو يا ان تان لهندو آهي، تنھن وقت سوار کي تڪليف ٿيندي آهي.
36. اُٺ جي چوري، پَکي ۾ ڇا لڪندي؟ (پھاڪو)
اٺ چوري ڪري، ڪکن جي جهوپڙيءَ ۾ لڪائبو ته لڪي ڪو نه سگهندو.
37. اُٺ جي وات ۾ زيرو. (چوڻي)
زيرو: جِيرو، هڪ تمام سنهڙو داڻو. ۲. هيڏي ساري اُٺ جي وات ۾ زيرو وجهبو ته ڪيئن ٿيندو. هو چٻي به ڪو نه سگهندو. ھر ڪنھن کي سندس لائق کاڌو ڏيڻ گهرجي.
38. اُٺ جي وات ۾؛ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙ وجهه ته به رڙي. (پھاڪو)
مطلب لاءِ ڏسو؛ ’اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.‘
39. اُٺ جي وات ۾، هميشه ڄار جي بانس. (پھاڪو)
گهڻو ڪري اُٺ کي ڄار (سندس کاڌو) چٻاڙيندو ڏسبو آهي. اِنھيءَ ڪري، سندس وات مان ڄار جي بانس ايندي آهي. نيچ ماڻھوءَ ۾ هميشه، نيچ لڇڻ هوندا آهن.
40. اُٺ چڙهئي به، ڪڏهن نانگ کائي. (پھاڪو)
نانگ هميشه پٽ ۾ هلندو آهي. اُٺ تي چڙهيل کي، نانگ ڪيئن چڪ پائيندو؟
41. اُٺ ڪڍن سسئي، پٽهڙُون پائي. (پھاڪو)
42. اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (چوڻي)
لاڻو: اُٺ لاءِ جهنگلي گاهه. ماڻو: نخرو، ناز.
43. اُٺ ماڪوڙيءَ جو سالو. (ورجيس)
زور ڪري ڪنھن سان مائٽي ڳنڍجي ته ائين چون.
44. اُٺ نه پڄي، ٻورن هڻي لتون. (ورجيس)
اٺن جا هلائيندڙ جت، اُٺن تي مال جا ٻورا رکي، مٿان پاڻ ويھي، اُٺ هلائيندا آهن. اُٺ کي هڪلڻ مھل، اٺ تائين پھچي ڪو نه سگهندا آهن، پوءِ وري ٻورن کي لتون هڻندا آھن.
45. اُٺ نه رٺا، ٻورا رُٺا، مينهن مٿان ڇپر اُٺا، ڀونڪن چور ته ڪتا ٽٺا،
ٽن شين جا اُبتا پٺا، ڪتيم ٽي پاءَ، ته پنج پاءَ کٽا. (چوڻي)
(وضاحت لاءِ ڏسو، پھاڪن جي پاڙ، عبدالڪريم سنديلو-سنڌ.)
46. اٺوءَ جي آڪهه ئي هڪڙي! (ورجيس)
اولاد، گهڻو ڪري مائٽن جي اڍ ڇڪيندو آهي، انھيءَ ڪري چيو ويندو آهي؛ ته سڄي آڪهه ئي هڪڙي.
47. اُٺ هميشه، مَڪي ڏانھن وري. (پھاڪو)
48. اُٺي، بُههُ چٺي. (پھاڪو)
برسات پيئي، بُهَه چهي ويو.
49. اٺين آني جي پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي،
ڪري پوي جي کوهه ۾، ته ٻه رپيا ڪڍاڻي. (پھاڪو)
50. اٺين پيڙهيءَ، اُٺ ماڪوڙو ماسات. (پھاڪو)
ماسات: ماسيءَ جو پٽ. ۲. اَٺين پيڙهيءَ موجب اُٺ ۽ ماڪوڙو به ماسات نڪري پوندا آهن. ڪنھن جي ڏورانهين مائٽيءَ جي ڇڪ ڪئي ويندي آهي ته ائين چوندا آهن.
51. اپنا عرض، ڏونهان دي چغلي! (چوڻي)
عرض منھنجو، پر پاڻ الٽو مون تي چغلي.
52. اَپنا مال هئي، روئسان به کائسان به. (چوڻي)
پنھنجو مال، روئي به کائبو، ته کلي به کائبو.
53. اَپڻي توڙ نباهه، اِسڪي اوھ جاني: (چوڻي)
ڀلو ماڻھو پنھنجي ڀلائي ڪري توڙ نباهي، اڳلي جي جيڪا نيت.
54. اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي. (ورجيس)
چوٿائي: هڪ پاءُ. خرار: چوويهه مڻ. ۲. وڏي شاهي ڪم مان فقط ٿورو ڪم ٿيو هجي ته ائين چيو ويندو آهي.
55. اڃا دهلي دور آهي. (ورجيس)
56. اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ. (ورجيسي جملو)
رڇ: باسڻ. ۲. اَڃا مينهون جهنگ ۾ آهن، ته ميهار اَجائي تڪڙ ڪري، باسڻ ڌوئي پيو رکي.
57. اُڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي. (پھاڪو)
ڪنھن کي به اُڃ هوندي ته پيئڻ جي ڪوشش ڪندو پر ڪنھن کي زوريءَ ڇڪي، بنا اُڃ جي، پيارڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪو نه پيئندو.
58. اڄاڻ کي؛ جھڙي مصري، تھڙي ڦٽڪي. (پھاڪو)
59. اڄڪلهه داڻو ڪو نه ٿو چٻجي، پر ناڻو ٿو چٻجي. (ورجيسي جملو)
60. اَڄوڪا جوان، ڪاتيءَ جا مياڻ،
ڌڪو ڏين هڪڙن کي، ڪري پون پاڻ. (گفتار)
61. اڄ وَهيون، سڀاڻي ولهو. (چوڻي)
وَهيون: حساب ڪتاب رکڻ جون بنديون (ڪتاب). ولهو: غريب، سڃو. ۲. اڄ شاهوڪار آهي ۽ ناڻي جا حساب ڪتاب پيو رکي، سڀاڻي غريب ٿيو وڃي. شاهوڪاريءَ کي ڪھڙو بقاءُ آهي.
62. اچي ڌيئاڻو، وڃي پيئاڻو. (چوڻي)
سنڌين جي اصل کان وٺي اِها ريت رهندي پي آئي آهي ته ڌيءَ وٽان آيل، ڪجهه به واپرائڻ نه گهرجي. ۲. اهو اصول اڳيان رکي، اَڃا سوڌو به ڪيتريون ماتائون، نياڻيءَ جي در جو پاڻيءَ ڦڙو به ڪو نه واپرائين. پھاڪي واري کليو لکيو آهي ته؛ ڌيءَ وٽان ايندو، پيءُ وٽان ويندو.
63. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن جي ليکي ملڪ جو والي! (ورجيس)
ڪيترا ماڻهو ڪوڙو ڀڀڪو رکي، ڏيک ويک ڪندا آهن.
64. اڇو الله، ڳاڙهو رسول. (گفتو)
پنھنجي پاڻ کي ساکائتو ڪرڻ وقت مسلمانڪي چوڻي.
65. اَڇو ڏجي، اڇو وٺجي. (پھاڪو)
صفا ڳالهه ڏجي، صفا ڳالهه وٺجي. اندر ۾ کوٽ نه رکجي.
66. اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون. (پھاڪو)
پڳ: مٿي تي پائڻ جي پڳڙي. اڳڙيون: ڪپڙو. ۲. ٻاهران رڳو اڇي پڳ کي نه ڏسڻ گهرجي.
67. اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب! (ورجيس)
پيريءَ ۾ شادي ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ.
68. اڇي ڏاڙهي، نانءُ دلبر. (ورجيس)
ڏاڙهي اَڇي ٿي ويئي اٿس پر انڌو شوقين، پنھنجو نالو وري دلبر پيو رکائي.
69. احمد جي پڳڙي، محمد جي مٿي تي. (ورجيس)
حق هڪڙي جو، ته اضافو ٻئي کي پيو ملي!
70. ادب آهي ڇَٽ، صاحب سنديءَ ٻاجهه جو. (چوڻي)
ادب: نمرتا، شرڌا. ڇٽ: ايشور جو مٿان هٿ. ۲. نمرتا ۽ شرڌا، ايشور جي ٻاجهه جو، پنھنجي مٿان هٿ سمجهڻ گهرجي.
71. اُدم کان سواءِ، ڀاڳ به منڊو. (چوڻي)
72. اُدم کي، پر آھن. (چوڻي)
اُدم ڪرڻ سان ڪٿي جو ڪٿي پھچي سگهجي ٿو. انھيءَ ڪري ائين چيو وڃي ٿو.
73. اَڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ لاءِ ڏوئي،
سو اَڌ ته وڃائي، پر سڄيءَ لاءِ روئي. (پھاڪو)
ڏوئي: ڳولهي.
74. اُڌارو ڏجي تنھن کي، جنھن کان گهرجي نه،
اُڌارو وٺجي تنھن کان، جو گهري نه. (چوڻي)
75. اُڌاري جي ماءُ، ڪا نه مئي آهي. (چوڻي)
اڌارو ڏيڻ ۽ وٺڻ، دنيا جي ريت آهي.
76. اُڌي کاڻي، رات وهاڻي. (پھاڪو)
رات آهي ته ڏينهن جو ڪونهي.
77. اَڏ به نه ٽپي يا ته ڪوٺو به ٽپي وڃي. (ورجيس)
يا ته ڪنھن ڳالهه تان اَڏ تي ئي بيهندو پر جيڪڏهن پور پيس ته ڪوٺو (چوٽ) به ٽپي ويندو.
78. اڏي ڪاٺ، پڏي ٽُوئو، وچ واري کي، لڳي سُوئو. (چوڻي)
اَڏي ڪاٺ ٿو، وچ ۾ ٽوئو (پکو) پڏي ۽ خوشيون ٿو ڪري پر جيڪي وچ وارا حاسد ٻين کي ڏسي ڪو نه سهن تن کي سئا ئي پيا لڳن.
79. اڏيندي ڏينهن لڳن، ڊاهيندي ويرم نه لڳي. (پھاڪو)
80. اسان ڀانيو هار، پر سڳو ئي سورن جو. (ورجيس)
81. اسباب ۾ اسباب؛ هڪ چَنگُ، هڪ رباب. (ورجيس)
چنگ: سرندي وانگر وڄائڻ جو ننڍو اوزار. رباب: ڌڪڙن جو هڪ قسم. ۲. ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙن جي هيءَ چوڻي آهي ته سٺي ۾ سٺو وڄائڻ جي شيءِ چنگ ۽ رباب آهي. اِهو چنگ هو جنھن جي وڄڻ تي راءِ ڏياچ به پنھنجو سر لاهي ڏنو.
82. استاد جي جاءِ، جتي ڪٿي خالي آهي. (چوڻي)
استاد: پڙهيل، هنر وارو ماڻھو. ۲. پڙهيل ۽ هنر وارو جتي ڪٿي مان پائي سگهي ٿو.
83. اُستاد جي مار، ڇوڪر جي سنوار. (چوڻي)
84. اسي، مَتِ کسي. (چوڻي)
85. اَسي ويئي گسي، سؤ ناهي ڀؤ. (چوڻي)
اَجايا سجايا خرچ ڪري اسي (۸۰) ته ائين ئي خلاص ٿي ويا،باقي ٻين پئسن وڃڻ ۾ به ڪھڙو ڊپ آهي؟
86. اَڪڀر جو مڪڀر. (ورجيس)
اَڪ-ڀر: اڪ جي ٻوٽي ڀر يعني پاسو. مڪ-ڀر: کٻر جي وڻ جو ڦر جو پاسو. مطلب ته هڪ ڀر جو ٻيءَ ڀر. سوال هڪڙو ڪجي ته جواب ماڳھين ٻيو ملي.
87. اڪ جي ماکي نه آهي جا لاهي وٺبي. (ورجيس)
اڪ جي ماکي ته جلد لاهي سگهبي آهي.
88. اِڪنا مت الله ڏئي، اڪنا سک لئي،
اِڪ سکندي به نا سکي، جئسي پٿر بوند پئي. (چوڻي)
ڪن کي مت خدائي ملي، ڪي پوءِ سکن، ڪي سکندي به ڪو نه سکن.
89. اڪن کان ٿو آما گهري! (ورجيس)
اڪ: هڪ زهردار ٻوٽو. آما: انب. ۲. اَڪن کان اَنبن جي اميد ڪيئن رکبي؟ لچ ماڻھوءَ مان چڱائيءَ جي اميد ڪيئن رکبي؟
90. اک اٿڻ، زال ويامڻ ۾ ڪھڙي دير؟ (چوڻي)
اک ڪيڏي مھل به اُٿي سگهي ٿي، زال ڪيڏي مھل به ويم ڪري سگهي ٿي.
91. اک ٺھي ئي ڪا نه، چي؛ کٻڙ خان! ڪو چنڊ ڏٺئه؟ (پھاڪو)
کٻڙ خان کي اک آهي ڪا نه، تنھن کان پڇيو پيو وڃي ته چنڊ ڏٺائين؟
92. اکر آهن، اڌ علم. (چوڻي)
عمل ڪرڻ آهي، سڄو علم.
93. اکر نه کٽي، مڪر کٽي. (چوڻي)
اکر: علم. مڪر: حرفت.
94. اکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن. (پھاڪو)
95. اک-ڦٽ، ٻڌڻ، ليس-تپ، لنگهڻ. (چوڻي)
اک اٿي يا ڦٽ ٿئي، تنهن کي ته لنگهڻ يعني کاڌو پائڻ بند ڪبو ته جلد لهندو.
96. اک ڪڍڻ سولي، پر وجهڻ اولي. (پھاڪو)
ڪو به خراب ڪم ڪرڻ سولو آهي، پر وري انھيءَ کي سنوارڻ سڌارڻ ڏکيو آهي.
97. اک نه ڏسي مُڇ کي، مڇ نه ڏسي اک کي. (ورجيس)
اوندهه ۾ ۽ نشئي ماڻھوءَ واسطي، اشارو.
98. اک ۾ ڪَکُ، ته ڦوڪ ڪن ۾ پيئي ملي. (ورجيس)
درد هڪ هنڌ ته علاج ٻئي هنڌ ڪيو پيو وڃي. ۲. ساڳي معنى سان ٻيو پھاڪو به ڪتب آندو ويندو آهي. ’ڪنڊو لڳو آهي پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو.‘
99. اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو. (چوڻي)
اک جھڙي نازڪ عضوي ۾ تيل پيڙيندڙ گهاڻو هوندو يعني ماڻھو ڪھڙيون به ڳريون پيڙائون پيو ڏسندو ته به جڳاڻو يعني جڳت يا جهان (جھان ۾ جيئڻ) مٺو پيو لڳندس.
100. اکين تي پنبڻين جو بار، ڪو نه ٿئي. (پھاڪو)
101. اکين ۽ ڪنن جي وچ ۾، چار آڱر وٿي. (پھاڪو)
وٿي: وٿ، وڇوٽي. اکين ۽ ڪنن جي وچ ۾ چئن آڱرين جي وڇوٽي آهي، تھڙي نموني اکين سان ڏٺل ڳالهه ۽ ڪنن سان ٻڌل ڳالهه ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي.
102. اکيون اکين جھڙيون، ويندا لڙ لهي. (چوڻي)
جهيڙا، نيٺ نبري ئي ويندا آھن. اکيون وري به اکين جھڙيون ٿي وينديون.
103. اکيون، اکين کي شرمائين. (چوڻي)
104. اکيون روئي ٿڪيون، هاڻ روئن ٿيون پنبڻيون. (چوڻي)
105. اکيون ملي ٿين چار، دل ۾ اچي پيار،
اکيون ٿين اوٽ، دل ۾ اچي کوٽ. (چوڻي)
106. اکيين لونگ لڳا، جافر ويا وسري. (پھاڪو)
لونگ ۽ جافر: مصالحن جا نالا. ۲. ڪي ماڻهو نوان دوست هٿ ڪن ۽ جهونن دوستن کي وساري ڇڏين، تن کي ڏوراپو ائين ڏيندا آهن.
107. اُگهاڙي ڪُني، ڪانوَن جو کاڄ. (پھاڪو)
کاڌي جو ٿانءُ اگهاڙو، بنا ڪنھن ڍڪ جي رکبو ته ڪانون جو کاڄ ٿيندو.
108. اگهائي ته ڪچ، نه ته ماڻڪن موٽ ڪري. (چوڻي)
ڪچ: ڪوڏ، ستيئڙا. ماڻڪ: هيرا جواهر. ۲. ايشور اهڙو مھربان آهي، جو قبول ڪري (اَگهائي) ته ڪوڏيون به قبول ڪري، نه ڪري ته ماڻڪ به موٽايو ڇڏي.
109. اگهه ڪنھن وڌو؟ چي؛ جنھن جي نه سري. (چوڻي)
ڪا شيءِ ضروري گهربل هوندي آهي، جنھن جي ڪري ان کان سواءِ سري ڪا نه سگهندي آهي، تنھنڪري اگهه مهانگو ڏيئي، خريد ڪبي آهي. ائين خريد ڪرڻ سان، اهو اگهه مقرر ٿي ويندو آهي.
110. اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي. (چوڻي)
ڪيترا واپاري کليو کلايو مهانگو اگهه ٻڌائي، شيون وڪڻندا آهن، پر ڪي وري وٽن ۾ (تور ماپ ۾) کائيندا آهن. مٿيون پھاڪو ائين ڪرڻ کان منع ٿو ڪري.
111. اگهه مُٺي ڪي، الله مُٺي. (ورجيس)
ڪا شيءِ مھانگي وٺي اچجي ۽ وري انھيءَ مان ڪجهه هارجي پوي ۽ نقصان ٿئي ته ائين چوڻ ۾ ايندو. ڪجهه مهانگو مليو، ڪجهه قدرت نقصان ڪيو.
112. اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ، الله کي. (چوڻي)
اگهن جي لهڻ چڙهڻ جي ۽ ڳڀ (گرڀ) جي نسرڻ اسرڻ يا ڪرڻ جي خبر، خاوند کي ئي آهي.
113. اڱر ڄاڻن، لُـهُـرُ ڄاڻي. (پھاڪو)
لهر: لوهار. ۲. لوهار کي ئي اڱرن جي خبر رهي.
114. اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن. (پھاڪو)
115. اڱرن پيٺي، هٿ ڪارا. (پھاڪو)
اڱرن پيهڻ سان، هٿ ضرور ڪارا ٿيندا.
116. اڳ به اَن ھيو، پوءِ به ٿيو اَنُ،
ڪانو ۽ پنُ، ويو وچان ئي نڪري. (چوڻي)
زمين مان پيدا ٿيل اَن کائجي ٿو، جو وري ڀاڻ بنجي زمين ۾ وڃي ٿو. جنھن مان وري ان پيدا ٿئي ٿو. وچ مان ڪانو ۽ پن، غائب ٿيو وڃي. پرڪرتيءَ جو عجيب نيم آهي.
117. اڳ ڪَشيا نه ڪشيا، پوءِ به ڪوڪون ڪن. (چوڻي)
118. اڳياڙي تڏهن سرهي، جڏهن پڇاڙي سرهي. (چوڻي)
119. اڳي اڳي، گورک جاڳي. (چوڻي)
اڳيان هلي وري ڪو (گورک) نئون مونجهارو پيدا ٿئي.
120. اڳيان باهه، پٺيان پاڻي. (ورجيس)
اڳيان به جٺ، پٺيان به جٺ. ۲. ساڳيءَ معنى وارو؛ ’اڳيان کوهه، پٺيان کاهي.‘
121. اڳيان ڀائي ڀائي! پٺيان ڇائي ڇائي! (ورجيس)
ڪيترا ماڻھو آهن جو ماڻھوءَ جي اڳيان ڀائي ڀائي ڪري خوشامد ڪندا آهن. پرپُٺ وري گلا، ڇائي ڇائي ڪندا آهن.
122. اڳيان چڪ، پٺيان ڌِڪَ! (ورجيس)
123. اڳيان کوهه، پٺيان کاهي. (ورجيس)
124. اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري. (ورجيس)
125. اڳين پاڻي، پوين چڪ. (ورجيس)
تلاءَ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ٿورو هوندو ته پهرين جيڪي وهٽ ويندا سي پاڻي پيئندا ويندا پوءِ جيڪي ويندا سي وري چڪ (گپ) وڃي چٽيندا.
126. اُلٽا چور، ڪوٽوال ڪو ڊانٽي. (ورجيس)
سپاهيءَ جو ڏنڊو، ڪوڙي چور تي!
127. اللہ به سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو. (چوڻي)
ايشور سڀني (جانورن) کي سڱ ڪو نه ٿو ڏئي. پر جن جانورن لاءِ سڱ ضروري آهن، تن کي ڏئي ٿو.
128. الله تنھنجو ٿورو، مڙس ڏجام ڇورو. (چوڻي)
129. الله ٿئي راضي، ته هڪ مان ٻه، جي ٿئي ناراض، ته ٻن مان ٽي. (چوڻي)
130. الله ڏئي، بندو سهي. (چوڻي)
131. الله رسي، مت کسي. (چوڻي)
ايشور جڏهن ناراض ٿئي، تڏهن اِنسان جي به مت کسي وٺي.
132. اماس سان ملهه وڙهي ڪا نه سگهبي. (پھاڪو)
اماس: چنڊ نڪرڻ کان اڳ وارو ڏينھن، جيڪو اونداهو هوندو آهي. ۲. تڪليف واري (اونداهين) وقت سان ڪير رڙهي سگهندو؟
133. امان! منھنجي ساهري گهر ٻيا ته مون سان وڙهن،
منھنجي ساهري چانئٺ به مون سان وڙهي! (ورجيسي جملو)
134. امانت ۾ خيانت نه ڪجي. (چوڻي)
135. اَمل ماڻڪ هجي پيٽ ۾، ته بَکي منھن ۾. (پھاڪو)
ڪنھن جو به ڪو گڻ هوندو آهي، لڪي ڪو نه سگهندو آهي ۽ جلد ظاهر ٿي پوندو آهي.
136. امڻا، نه گمڻا. (ورجيس)
امان، نه گمان. ۲. بنا ڪنھن شڪ ۽ گمان جي.
137. ان آهي، ايمان آهي. (چوڻي)
پيٽ ڀريل آهي ته ايمانداري آهي.
138. انبان ٻُور، ڪلالان لاها. (پھاڪو)
اَنبان: انبن منجھ. ٻُور: ڦل جو ڦٽڻ. ڪلال: شراب وڪڻندڙ، گتيوال. ۲. اَنب جڏهن ٻُوربا آهن، تڏهن سندن وِرُ گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر اَنب پڪا ڪي فقط ٿورا، نڪرندا آهن. گتيوال جو فائدو به پھرين گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر پوءِ اوڌر وغيره نه ملڻ ڪري، صافي فائدو تمام ٿورو وڃي بيھندو آهي.
139. انبن جون سِڪون، انبڙين مان نه لھن. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ انبن سندو ساءُ، ڪٿان اَچي اڪ-ٽٽڙن مان.
140. انبن سندو ساءُ، ڪٿان اَچي اڪ-ٽٽڙن مان. (پھاڪو)
141. ان ٿورو، تُهه گهڻا! (ورجيس)
142. ان پلي، ذات ڀلي. (چوڻي)
پلي: ان رکڻ لاءِ ٽوئن ۽ پڃرن مان ٺھيل جاءِ. اڳئين زماني ۾ جن وٽ ان هوندو هو، تنھن کي شاهوڪار ڪري ليکيو ويندو هو ۽ سندس ذات ڀلي سمجهي ويندي هئي.
143. ان جو منھن، جنڊ ڏانهن. (پھاڪو)
اَن جو رخ، جنڊ ڏانھن ئي رهندو.
144. اَن جو واپار؛ هس مان ڇلو، ڇلي مان هَسُ ڪري. (چوڻي)
هس: ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳري وزن وارو مڻيو. ڇلو: هلڪي وزن وارو ڳهه، جو آڱر ۾ پائبو آهي. ۲. اَن جو واپار اهڙو آهي جو وقت تي گهڻو فائدو ڪري، جنھن مان وزندار مڻيا پائي سگهجن پر وري ڪڏهن اهڙو گهاٽو ڪري جو هلڪو ڳهه پائڻو پوي. واپار ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن هوندو آهي.
145. اَن جي پلي، گهر ۾ ڀلي. (چوڻي)
پلي: اَن جي رکڻ جي جڳهه. ۲. ان رکڻ جي جڳهه پنھنجي گهر ۾ ئي ٺيڪ آهي. مڇي به پاڻيءَ ۾ ٺيڪ آهي.
146. اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا! (ورجيس)
ڌاڳا: وٽيل سڳا نوڙين جھڙا، جي اڪثر فقير مٿي کي ويڙهيندا آهن. اندر صفا ڪو نه ڪيو اٿس پر ڌاڳا ٿو مٿي تي پائي.
147. اندر ٻڌي ڪين، ٻاهر ٻَڌي زين! (ورجيس)
پنھنجو اندر ٻڌو ڪو نه اٿس. ٻاهر اچي گهوڙي کي زين (سنج) پيو ٻڌي!
148. اندر ٻڏ ٻهُون، ٻاهر آٽڻ ان جو: (ورجيس)
ٻڏ: هڪ گاهه جي پاڙ. ٻهون: گهڻو. آٽڻ: سڪل اٽو. ۲. اندر گاهه وجهي، ٻاهر آٽڻ وجهي، ٻاهران اٽي جو ڏيک ڪيو ويو آهي. اندر هڪڙو، ٻاهر ٻيو!
149. انڌا ٻانڀڻ، ٻه ٻارسيون. (پھاڪو)
ٻارس : چنڊ کان پوءِ ۱۲ ڏينھن.
150. انڌا روزا رکن، ته ڏينھن به وڏا ٿين. (پھاڪو)
انڌا جڏهن روزا رکندا آهن، تڏهن پاڻ وقت نه ڏسي سگهڻ ڪري، کين ڏينھن وڏو پيو لڳندو آهي.
151. انڌن آندو، ڪتن کاڌو. (پھاڪو)
انڌو ڪجهه کاڌي جي شيءِ آڻيندو آهي ته ڪتا چٽي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو ڏسي ڪو نه سگهندو آهي. ۲. هيئن به چون؛ انڌي پيھين، ڪتي چٽي.
152. اَنڌن جو وهانءُ؛ منڊا نچن، ٽنڊا پائن ڦيريون. (پھاڪو)
اَنڌن جي شادين تي سڀاويڪ ٽنڊا ۽ منڊا به اچي شريڪ ٿيندا. سڀڪو پنھنجو ثاني شريڪ ڳولهي لهندو.
153. انڌن ۾ ڪاڻو، راجا. (چوڻي)
جتي سڀ انڌا هوندا، اتي ضرور ڪاڻي جو مانُ ٿيندو.
154. انڌن وڃي ملتان لڌو. (پھاڪو)
ملتان شھر جو حيدرآباد جي ڦليلي کان سڌو رستو وٺي وڃبو ته اچي نڪرندو ۽ ڪنھن به منجهڻ جو سبب ڪو نه ٿيندو جو رستو سڌو آهي. ڪھڙو اَنڌو به ملتان ڳولهي سگهندو.
155. انڌو، بي ايمان. (چوڻي)
انڌي تي ايمان (ڀروسو) رکي ڪو نه سگهبو جو هو ڏسي ڪو نه ٿو سگهي.
156. انڌ وَٺ، منڊ وَٺ، پر ننڍ وَٺُ. (چوڻي)
انڌو (وهٽ) به وٺو، منڊو به وٺو، پر ننڍو وٺو.
157. انڌو گهري الله کان هڪ اک، پر کيس ٻه پيئون ملن. (پھاڪو)
158. انڌو مڱڻهار؛ نه ڏسي، نه عارُ ڪري. (پھاڪو)
159. انڌو ۽ اڻ سونھون؛ ٻئي هڪ آچار. (پھاڪو)
سونھون: رستو ڏيکاريندڙ. ۲. انڌو ۽ جنھن کي رستي جي خبر ڪانھي، سي ٻئي هڪ سمان سمجهڻ گهرجن. انڌو انڌي کي ڪيئن واٽ ڏيکاريندو!
160. انڌو ويھي کڏ تي، چي؛ مون کي ڪير ڏسي ئي ڪو نه ٿو. (پھاڪو)
161. انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان. (پھاڪو)
انڌو هاٿي، لشڪر ۾ آڻبو ته فائدي بجاءِ نقصان ڪندو.
162. انڌي اک کان، ڪاڻي اک چڱي. (چوڻي)
163. انڌي اڳيان آهري، ڪر تئو ٽنگيو پيو آهه. (پھاڪو)
آهري: آرسي. ڪر: ڄڻڪ.
164. انڌي ٻلي، مئل ڪئا جهلي. (پھاڪو)
165. انڌي؛ جھڙي پيڪي، تھڙي ساهري. (پھاڪو)
166. انڌي جي جوءِ جو واهي، الله. (چوڻي)
جنھن زال جو مرد، اکين کان انڌو ھجي، سا ايشور جي بلي سمجهڻ گهرجي. جنھن مرد جون اکيون پوريل ھجن، زال تنھن سان جئن هلي، تئن سولي!
167. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (ورجيس)
اِهو نياءُ وارو شھر نه سمجهڻ گهرجي، جتي سڀ شيون هڪ اگهه ۾ وڪامن.
168. انڌي کي؛ جھڙو ڏينھن، تھڙي رات. (پھاڪو)
ساڳي معنى وارو پھاڪو هن ريت آهي، انڌي؛ جھڙي پيڪي، تھڙي ساهري.
169. انڌي گهوڙي ڪل ۾. (ورجيس)
ڪل: گپ، پَنِ، ڏِيرِ. ۲. گهوڙي انڌي هوندي ته ڪڏهن نه ڪڏهن گپ ۾ ڦاسائيندي. اڻ آزمودگار جو به سھارو وٺبو ته ضرور کڏ ۾ ڪيرائيندو.
170. انڌيون اڻنديون، سي وري مھمان ڍڪيندا! (پھاڪو)
171. انڌيون ٻه، چٻڪا چار! (پھاڪو)
172. انڌي ۽ جنڊ، وارِي ۽ پنڌ. (چوڻي)
173. ان ڏيوتا، ڏڪندو اچي. (چوڻي)
ان ويچارو به ڏڪي ته متان جتي وڃان اُتي آدر نه ملي.
174. اِنسان، اونڌي ڪوپري آهي. (چوڻي)
ڪوپري؛ ڪيپراٽي، ڪاپار. ۲. جئن اونڌي ڪوپري ڀرجي ڪا نه سگهجندي آهي، تھڙيءَ طرح انسان جو ڍءُ ٿي ڪو نه سگهندو.
175. اِنسان اهو، جو پنءَ مان پروڙي. (چوڻي)
سياڻي لاءِ، هڪ اکر بس آهي.
176. انسان، ته نسيان. (چوڻي)
نسيان: غفلت.
177. اِنسان جو ناماچار، وڻ جي پاڇي سمان. (چوڻي)
جئن سج ڦرندو رهندو آهي، تئن پاڇو به ڦرندو رهندو آهي. انسان جو ناماچار به ايئن آهي.
178. انسان، خطا جو گهر آهي. (چوڻي)
خطا: ڀل. اِنسان کان ئي ڀلون ٿي سگهن ٿيون.
179. انگ ازلي آهي لکيو قادر، ٿو پري ۽ نا ٽري. (چوڻي)
ازلي: قسمت.
180. انگ اڙيو، ڇوڪر کريو. (گفتار)
181. انگ اگهاڙو، پيٽ بکيو. (ورجيس)
182. ان کي آب ڏي، پيٽ ڦاٽي ته ڦاٽڻ ڏي. (چوڻي)
183. ان وڌائي اوجهري، گيهه وڌائي کوپري. (چوڻي)
184. اڻاسيءَ لاءِ عيد، سجاري لاءِ صرفو. (چوڻي)
اَڻاسو: بي شرم. سجارو: عقل وارو. ۲. بي شرم ماڻھوءَ لاءِ هميشه عيد ۽ خوشيون آهن. عقل وارو صرفو ڪري رقم بچائي. ڪيوٽ ڪري، هلي ٿو.
185. اُڻاڻي به ويئي، تڻاڻي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه. (ورجيس)
’گل شڪر‘ ۾ لکيل آهي ته؛ هڪ نشئيءَ کي رستي جي پاسي ۾ پيشاب ڪندي پنڪي اچي ويئي. اُتان ڪو ٻيو لانگهائو ٿيو. تنھن سندس مٿي تان پڳ لاهي، انھيءَ بدران ڪپھ جي پوڻي رکي ڇڏي. جڏهن نشئي سجاڳ ٿيو، تڏهن پوڻي ڏسي وائڙو ٿيو ۽ مٿيون پھاڪو ڏنائين. ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو جو موٽي سٽ ٿيو ته لاشڪ سڀ محنت اَجائي ويئي. جھڙي ڪپهه اڳي هئي، ساڳي ٿي پيئي. سڀ محنت برباد.
186. اُڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ساڌ جي. (پھاڪو)
187. اڻ پڙهيا، پڙهين اڳيان، ڀريون ڍوئيندا. (چوڻي)
188. اڻ پڙيتيءَ پڙو پاتو، ڇنڊيندئي ڏينهن ويو. (پھاڪو)
جنھن زال پھريون دفعو پڙو (پيشگير) پاتو، تنھن گهڙي گهڙي پڙي کي ڇنڊي ڏينھن وڃايو.
189. اڻ سرنديءَ، پهاڄ پيڪي. (پھاڪو)
اڻ سرنديءَ: لاچار. پھاڄ: مرد جي اڳين زال. ۲. اڪثر ڪري زال ته دل و جان سان نه چاهيندي آهي ته پھاڄ جي پيڪي وڃجي پر لاچاري حالتن هيٺ زالن کي ايئن ڪرڻو پوندو آهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته لاچار کي اَچار ڪونهي، وڻي يا نه وڻي اهو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
190. اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري. (چوڻي)
اڻ سرنديءَ: اڻ پڄندي. سرندي: پُڄندي. ۲. پڄي نه سگهڻ ڪري، سڀڪو ٽاري سگهي ٿو، پر شاباس انھيءَ کي آهي جو پڄي سگهڻ جي حالت ۾، من کي ماري، ماٺ ويھي ٿو.
191. اڻ گهريو ماءُ به ٻار کي نه ڌارائي. (پھاڪو)
اڻ گهريو: گهرڻ کان سواءِ. ڌارائڻ: کاڌو ڏيڻ.
192. اُڻندو اُها ئي، جا ڪوريءَ جي من ۾. (پھاڪو)
ڪوري: ڪپڙو ٺاهيندڙ. ۲. ڪپڙو ٺاهيندڙ (ايشور) کي، جيئن من ۾ ايندو، تيئن ئي ڪندو.
193. اڻ وهندا ڏاند، به ڪڏهن وهيا؟ (پھاڪو)
194. اڻ هوند کان، هوند چڱي. (چوڻي)
195. اڻ هيريا نه هير، متان هرني، هيريا نه ڦير، متان وڙهني. (چوڻي)
اڻ سيکڙاٽ مان به ڪڏهن ڪم ٿيو؟
196. اُڻي هڪ هٿ، ٻُڌائي جوڙي. (ورجيس)
جوڙي؛ هٿن جي. ڪم ٿورو ڪري، دعوى گهڻي جي ڪري. اُڻڻ لاءِ هڪ هٿ، ٻڌائڻ لاءِ ٻه هٿ گهرجن.
197. اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾. (چوڻي)
198. اوٺي، اوٺيءَ کي سٺو نه ڪندي. (پھاڪو)
199. اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ. (ورجيس)
ٻين جو اونو نه رکي، رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ.
200. اونڌيون پاٽيون پاسيرا ٽويا، ته به وکري ساڄا، ماڻهو ٺوهيا. (چوڻي)
201. اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانءَ ۾ وهاري. (چوڻي)
بنا ڍنگ جي ڳالهائڻ ڪري، ماڻھو بي مانو ٿئي ٿو. ۲. ٻيو پھاڪو هن ريت آهي؛ اها ئي زبان پالڪيون گهمائي، اها ئي زبان سر قتل ڪرائي.
202. اها ساهه ئي گهوري، جا سر تڪي. (پھاڪو)
ساهه: مڻيا، مڻين جو ھار. سر: جند.
203. اُها ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي. (پھاڪو)
هڪ ڪڪڙ، روز سونو آنو ڏيندي هئي. ڌڻيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته؛ ڇو نه کيس ڪھي، اندر مان سڀ آنا ڪڍان؟ ائين ڪرڻ سان، جيڪي آنا ملندا هئس، سي به بند ٿي ويس. ۲. لالچ جو نتيجو، خراب.
204. اها ئي زبان پالڪيون گهمائي، اها ئي زبان سر قتل ڪرائي. (چوڻي)
205. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
ڪو به اهڙو معاملو ٿئي ته سياڻي جو ڪم آهي ته اهڙو نمونو هلي جو ڪم به ٿئي ۽ اڳين پريت به رهجي اچي. ڪيترا ماڻھو آهن، سي اگر معاملو نبيريندا آهن پر پريت اڳئين نموني نه رهندي آهي.
206. اِهو سوار ئي ڪونهي، جو گهوڙي تان نه ڪريو هجي. (پھاڪو)
207. اُهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني. (پھاڪو)
سون، زالون ڪنن ۾ پائينديون آهن. سندن ڪن پچي پوندا آهن. سياڻن اِنھيءَ ڪري ايئن چيو آهي. ۲. هيئن به چون؛ اها ساهه ئي گهوري، جا سر تڪي.
208. اُهو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي. (چوڻي)
209. اُهو وڻ ئي ڪونھي، جو واءَ نه لوڏيو آهي. (پھاڪو)
هر هڪ وڻ کي هوا ضرور لوڏيو هوندو.
210. اُهو ئي هٿ کير ۾، اُهو ئي هٿ نير ۾. (ورجيس)
211. اُهي ٻيلا ئي ٻيا جن ۾ ڪاٺيون ڪم جون. (ورجيس)
اهي ڪم ڪندڙ ماڻھو ئي ٻيا، جيڪي ڪم ڪري سگهن.
212. اِهي تنيا ئي مري ويا، جي گهٽا ڏيندا هئا. (پھاڪو)
ڪجهه وقت اڳي، سنڌ ۾ تنيا فقيرن جو اِهو رواج هوندو هو جو پنھنجن مريدن کان گهٽو وٺي، پيرين پنڌ، (ملتان ۾) پنھنجي مرشد جي درگاهه شريف ويندا هئا. هن وقت اِهو رواج بند آهي، تنھنڪري ايئن چيو ويندو آهي.
213. اهي سيون، اُهي ئي سڳا. (ورجيس)
214. اهي لالڻ ئي لڏي ويا. (چوڻي)
215. اهي وڻ به ويا، ته واهيرا به ويا. (ورجيس)
واهيرو: آکيرو.
216. اُهي هٿ روٽيءَ ۾، اُهي هٿ چوٽيءَ ۾. (ورجيس)
هن ريت به چيو ويندو آهي: اُهو ئي هٿ کير ۾، اُهو ئي هٿ نير ۾.
217. اُهي ئي ڪاٺ، اُهي ئي ڪهاڙا. (ورجيس)
218. اهي ئي لاٽون، اُهي ئي چگهه. (ورجيس)
219. اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي. (پھاڪو)
اياڻو: ڪم عقل. سياڻو: سمجهو. ويڃائي: خيال ڪري، پنھنجي سمجهه هلائي. ۲. ڪم عقل ماڻهو، جيڪي ايندس سو ويندو وات مان ڪڍندو پر سمجهو ماڻھوءَ کي انھيءَ تي خيال ڪرڻ گهرجي.
220. ايرازي آندي، ڳور نهاري ڳوٺ ۾! (پھاڪو)
ايرازي: قسمت. ڳور: قبر.
221. ايشور ڏئي، ته ڇپر ڦاڙي ڏئي. (چوڻي)
222. ايڪ تندرستي، هزار نعمت. (چوڻي)
هڪ تندرستيءَ ۾، هزارين نعمتون/ خاصيتون آهن.
223. ايڪ پنٿ، دو ڪاج. (ورجيس)
224. ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڏسي ئي ڪو ڪو نه. (چوڻي)
ايندڙ ڪمائي سڀڪو ڏسي، پر ويندڙ (خرچ) ڪير ڪو نه ڏسي.
***