( ش )
1. شاديءَ کان وڏي، نيکٽي. (پھاڪو)
نيکٽي: شاديءَ کان پوءِ مائٽن جي آوت جاوت.
2. شاڪـرَ کي شُڪُرُ، موذيءَ کي ٽڪر. (چوڻي)
3. شام جو ڀليل، صبوح جو گهر آيو سو به نه ڀليو. (پھاڪو)
4. شاهدي ڏجي حق جي پاران، لٺ هڻجي ڀاءُ جي پاران. (چوڻي)
5. شاهوڪار جڏهن چاهي تڏهن کائي،
غريب کي جڏهن ملي تڏهن کائي. (چوڻي)
6. شاهوڪار جو سالو سڀڪو سڏائي،
غريب جو ڀيڻيويو به ڪو ڪو نه سڏائي. (چوڻي)
7. شاهوڪار جي جوءِ مري يا جاءِ ڪري، ٻئي نيون ملنديس. (پھاڪو)
8. شاهوڪار کارائي شاهوڪار کي، غريب کارائي شاهوڪار کي. (پھاڪو)
9. شاهوڪار کي ڪرسيءَ تي به گدي ملي. (پھاڪو)
10. شاهوڪارن جا سو سلامي، گهڙي گهڙي ڪن غلامي! (چوڻي)
11. شبد مهل ستا، ڀڄن مهل ڀڳا،
پرشاد مهل ائين آيا، جيئن قلندر جا ڪتا. (ورجيس)
12. شراڪت جي ديڳ، ڌڻي تپائي. (چوڻي)
شراڪت: ڀائيواري.
13. شرع، ظاهر تي آهي. (چوڻي)
جيڪي ظاهر ٿيندو، انھيءَ پرماڻ انصاف ٿيندو.
14. شرع هٿ وڍائي، ته وڍيا وڃن. (چوڻي)
شرع: انصاف.
15. شَرَع ۾ ڪهڙو شرم؟ (چوڻي)
شرع ڪرڻ ۾ ڪھڙو شرم آهي.
16. شرم سٺو ڪپڙو، همٿ وڏو هٿيار،
بي مانو سو چئجي، جو هجي پنھنجن کان ڌار. (چوڻي)
17. شرم ويو شڪارپور، لڄ ويئي لاڙڪاڻي. (گفتار)
18. شريڪت ۾ مريڪت ڇو ڪجي؟ (چوڻي)
شريڪت: ڀائيواري. (مريڪت؛ ٺڳي)
19. شڪارپوري، نيت بري. (چوڻي)
شڪارپوري: واپاري.
20. شڪر ڪر صحيح، ته تو ئي سان توهَه ٿئي. (چوڻي)
ٺيڪ نموني ايشور جو شڪر ڪر ته تو تي توهه يعني ڌڻيءَ جو رحم ٿئي.
21. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار. (ورجيس)
22. شيخ جلال، ڪتو ٻلو حلال. (چوڻي)
شيخ صاحب يا وڏو ماڻهو ته ڪتو ٻلو به حلال ڪري ويندو.
23. شير شاھ جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري. (پھاڪو)
شڪرو: باز.
24. شينهن اڳيان لڪڙي اُڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي. (پھاڪو)
25. شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا. (چوڻي)
26. شينهن ۽ مواليءَ جو منهن، هميشه ڌوتل هجي. (چوڻي)
***