لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ب )

( ب )
1. بابا ڄيٺا؛ جھڙا اُٿيا، تھڙا ٻيٺا. (چوڻي)
2. بابل گهر گهوڙي، ته ڪا مون هِڻِ هِڻ؟ (پھاڪو)
ڪنھن جي بابي جي گهر گهوڙي هوندي ته اُنهيءَ جي هڻڪار، ڌيءَ لاءِ ٿي ڇا؟
3. باپ جي کٽئي ۽ آپ جي کٽئي، وڏو سنڌو. (چوڻي)
سَنڌو: تفاوت، فرق، وٿي.
4. بادشاهين پوندين معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري؟ (پھاڪو)
وڏين ڳالھين ۾، ننڍيون ڳالھيون ڪير ويچاري.
5. باز جي ريس ڪري اَڏاڻي چڙي،
چڻو هوس چنھنب ۾، سو به پيس ڪري. (پھاڪو)
6. بازار مصطفى، خريدار خدا. (ورجيس)
7. باشو ڊوڙيو تتر ڏانھن، مٿان پيس عقاب،
مڇي ڳولهي ڳاهه کي، ڪُسي ٿي ڪباب. (پھاڪو)
8. باندر ۽ بيوقوف، ڇا ڄاڻي سُنڍُ جي سواد مان؟ (پھاڪو)
9. باهه لڳڻ مھل، کوهه کوٽڻ. (ورجيس)
10. بتي ٻري، متي کري. (پھاڪو)
11. بختاورن جا ڍڳا به ويامن. (پھاڪو)
12. بخشش سوَ سوَ ڪجي، حساب ٿوري ٿوري جو به وٺجي. (چوڻي)
13. بدن ۾ دم نه ٺھي، نالو زوراور خان. (ورجيس)
۽ هيئن به چون: لهي لوڻ به نه، چي؛ منھنجو نالو سونَ ٻائي.
14. بڊو پُنو، ڪانون رُنو. (چوڻي)
15. بس، الله جي وس. (گفتار)
ڪوشش ڪري بس ڪرڻ کان پوءِ، آهي ايشور جي هٿ ۾.
16. بسم الله بر غلط. (ورجيس)
ايشور جي نالي ۾ غلط ڳالهيون به صحيح!
17. بسياري، خواري. (چوڻي)
بسياري: گهڻي، گھڻائي، ججھائي. خواري: بدنامي، بدناموسي.
18. بصر ڀڄڻ کان سواءِ، بانس ڪا نه نڪرندي. (پھاڪو)
19. بک بڇڙو ٽول، دانهه به ديوانا ڪري. (چوڻي)
دانھ؛ داناھ، داناءَ. هيئن به چون: بک بڇڙي بلا، چڱن کي چريو ڪري.
20. بک بڇڙي بلا، چڱن کي چريو ڪري. (چوڻي)
21. بک ۾ بصر به مٺا. (چوڻي)
22. بک وچان اوگهڙ، ياد نه آهي. (چوڻي)
23. بکئي جون اکيون، چلهه ۾. (چوڻي)
24. بکئي کي، بٺ به ڏور. (چوڻي)
25. بکئي کي بصر سان، روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي. (چوڻي)
26. بکيا ويا سڃن وٽ، چي؛ عيد ڪنداسون. (چوڻي)
27. بکيو گدڙ، شينھن سان گڏ کائي. (پھاڪو)
28. بگهڙ؛ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو. (چوڻي)
29. بندرو ٻڌي سندرو، ته ڪير به نه پڄي. (چوڻي)
ننڍي قد واري تي ٽوڪ بازي.
30. بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي. (چوڻي)
31. بن ڪمائي نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر. (چوڻي)
32. بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي. (چوڻي)
33. بهڻ؛ هيٺ ته گهڻ، مٿي ته پهڻ. (چوڻي)
34. بِهي وچ بازار ۾، پئسي ۾ چريا چار ڏجن،
جي خريدار ڪرڪن، ته ڏهه ڏيئي ڇڏجن. (چوڻي)
35. بي ادب بي نصيب، با اَدب با نصيب. (چوڻي)
36. بيبي دلي، ڍڪي ڀلي. (چوڻي)
ڪني زال، ڍڪي چڱي آهي.
37. بي بي نيڪ بخت، ته پائيءَ جي دال ٽي وقت،
بي بي بد بخت، ته مھيني جي پگهار هڪ وقت. (چوڻي)
38. بي تالي رن؛ ڌڪڙن جو نقصان. (چوڻي)
39. بيٺل ته لک جو، ڪريو ته ڪک جو. (ورجيس)
40. بي حيائي، ته بادشاهي. (چوڻي)
بي شرمن لاءِ، بادشاهي آهي.
41. بي خبري، خوشخبري. (چوڻي)
42. بيعقل بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي. (چوڻي)
بيعقل کي پاڻ سان ڪڏهن به نه کڻجي. پھرين هو خوار ڪرائيندو پاڻ کي، پوءِ ڪرائيندو سنگتين کي.
43. بيعقل دوست کان، داناهه دشمن چڱو. (چوڻي)
44. بيعقل کان، بي ڏاڙهيو چڱو. (چوڻي)
45. بيڪار کان، بيگار ڀلي. (چوڻي)
بيڪار: ڪم کان سواءِ. بيگار: زوري ڪم وٺڻ.
46. بيوقوف دوست کان، داناهه دشمن چڱو. (چوڻي)
***