لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ي )

( ي )
1. يا درياهه ٽپي وڃي، يا اَڏ تي بيھي رهي. (ورجيس)
2. يا ڏونگهو ڏر ۾، يا ڪپو ڪڇ ۾. (ورجيس)
پاڻي کڏ ۾ هيٺ هوندو ۽ ڏونگهو وجهبو ته هٿ مان ڏونگهو يا ڇڏائجي وڃي کڏ ۾ پوندو يا پاڻيءَ سان ڀرجي ايندو، جنھنڪري پاڻيءَ سان ڀريل ڪپڙو دونگڙو ڪڇ ۾ کڻبو. ۲. ڏوونگھو: ٽونگه. ڪپو: دونگڙو.
3. يار اُهو جو اوکيءَ ۾ ڪم اَچي. (چوڻي)
4. يار به تيلي، سينڌ به ميلي. (ورجيس)
يار هجي تيل وڪڻندڙ پوءِ به پنھنجي سينڌ اڻڀي هجي ته کوڙو ڪيئن بيهندو؟
5. يار جن کي ياد، سي ياد هميشه يار کي. (چوڻي)
6. يڪ را بگير، دوسري ڪي دعوى. (چوڻي)
هڪڙو ته پھرين هٿ ۾ ڪر، پوءِ ٻئي جي گهر ڪر.