( د )
1. دال؛ ٻچڙي پال. (چوڻي)
2. دال روٽي، ڪڏهن نه کوٽي. (چوڻي)
۽ هيئن به چون: دال؛ ٻچڙي پال.
3. دال روٽيءَ کاڌي، ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي. (چوڻي)
4. دال گيهه تيرا، آگ ڦوڪ ميرا. (ورجيس)
5. دانگي ڀڃي، ڪتي جي ذات پرکجي. (پھاڪو)
6. داڻي داڻي تي، مهر آهي. (چوڻي)
7. دائيءَ کان، پيٽ ڳجهو ڪونهي. (پھاڪو)
8. درزيءَ جي سئي؛ ڪڏهن سٽ ۾، ڪڏهن پَٽَ ۾. (پھاڪو)
9. درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪُڏي، اڄ نه ٻڏي، سڀان ٻڏي. (پھاڪو)
10. درياهه ڀر تي ويهي، واگهن سان وجهجي نه وير. (پھاڪو)
11. دشمن نه دوست، اوجهري نه گوشت. (چوڻي)
12. دعا غريبان، مهر خدائي، آهه غريبان، قهر خدائي. (چوڻي)
13. دغا جن جي من ۾، سڄيءَ ڪاڻ سڪن. (چوڻي)
14. دک بنا، سک ڪونھي. (چوڻي)
جڏهن تڪليفون ڏسبيون، تڏهن سک ملندو.
15. دک جي گهڙي، به گهوري. (چوڻي)
16. دک ۾ سڀڪو، هر ڀڄي. (چوڻي)
هر: هريءَ جو نالو.
17. دَڳ ڀليو، ڪوهه ڀُليو. (چوڻي)
18. دلاسي دوستن جي، سيءَ سڪايس کل. (چوڻي)
19. دل جي ماپ، وات مان ملي. (چوڻي)
20. دل دي قضا دل جاني، ڪيا جاني قاضي. (چوڻي)
21. دل سوڙهي نه هجي ته جاءِ ڪا سوڙهي سمجهجي؟ (چوڻي)
22. دل کوٽي، عذر گهڻا. (چوڻي)
عذر: بھانا.
23. دل لڳي گڌيءَ سان، ته پَرِي ڪھڙي چيز؟ (پھاڪو)
گڌي: گڏهه، کوتي.
24. دل ۾ ڏار، آئيني ۾ ڏار، پيو ته سالم ڪو نه ٿيندو. (چوڻي)
25. دم دال جو، آڪڙ پلاءَ جي. (ورجيس)
26. دم درميان، مولى مھربان آهي! (چوڻي)
27. دمڙيءَ جي دال، خدا! ڇڊي نه ڪجانءِ. (گفتار)
28. دنيا هاٿيءَ جو مانُ ڪري، ڪِولِيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي. (پھاڪو)
29. دوا به ڪجي، دعا به ڪجي. (طبي، چوڻي)
30. دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي. (چوڻي)
31. دور باش، خوش باش. (چوڻي)
32. دوست اِهو، جو يار غار رهي. (چوڻي)
33. دولتمندن جا، ڏاند ويامن. (پھاڪو)
34. دولت، ننھن کان ماس وڇوڙي. (چوڻي)
ناڻو اهڙي ڳالهه آهي جو ننهن جيڪي ماس سان گڏ آهن تن کي به وڇوڙي ڌار ڪري. سڳو آنڊو به ڌار ٿيو پوي.
35. دهل جو آواز، پريان مٺو لڳي. (پھاڪو)
36. دهلي دور آهي. (ورجيس)
37. دهليءَ جو لڏون کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (پھاڪو)
38. ديا بنا، سِڌُ به ڪاسائي. (چوڻي)
سِڌُ؛ ساڌو.
39. دير پيا، درست ٿيا. (ورجيس)
40. ديس چوري، پرديس بِکيا. (چوڻي)
پنھنجي ملڪ ۾ چوريون ڪري پرديس ۾ وڃي بکيا پني.
41. ديڳڙي جي خبر، رڪيبيءَ کي. (پھاڪو)
42. ديوان جو دم، دمڙيءَ جي دال تي! (پھاڪو)
***