لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ت )

( ت )
1. تار به گهوري، تانگهي به گهوري. (ورجيس)
2. تار وڳي، سُرُ سمجهو ويو. (پھاڪو)
3. تارو ئي، ٻڏندو آهي. (پھاڪو)
4. تاڙي هڪ-هٿي ڪين وڄندي. (پھاڪو)
تاڙيءَ جو آواز هٿن مان تڏهن نڪرندو، جڏهن ٻئي هٿ ڪم ڪندا. جهيڙو به تڏهن ٿيندو، جڏهن ٻئي ڌريون تيار ٿينديون. هڪ طرف ماٺ هوندي ته جهيڙي جو آواز ڪو نه نڪرندو.
5. تپ دانگي ڇهه مھينا، کپ مھمان ٻارهن مھينا. (ورجيس)
هڪ مھمان ڪنھن وٽ ويو، پر اڳلي جي مرضي نه هئي ته مزمان کي کارايان. سو اهڙي اٽڪل ٿي ڪيائين ته مزمان پاڻيهي ڀڄي وڃي، سو چلهي تي دانگي رکي، ويٺو چوڻ ته؛ ’تپ دانگي ڇهه مھينا.‘ مھمان به اڳيان مڇڏ ھو، سو چوڻ لڳو؛ ’کپ مھمان ٻارهن مھينا.‘
6. تختم تاثير صحبت اثر. (چوڻي)
بڻ جو اثر ٿيندو ته صحبت جو به اثر ٿيندو.
7. تڏي آئي ۽ پٽ ڄائي تي ڪير اَرهو ٿيندو؟ (چوڻي)
8. تڏي هوندي ته مڏي پاڻيهي پيئي پوندي. (چوڻي)
9. ترار ٻڌڻ کان توبہ ڪيم، جيسين ربُ جياري. (ورجيس)
10. ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي. (چوڻي)
11. ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو. (چوڻي)
12. ترت دان، مها پڃ. (چوڻي)
13. تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي. (چوڻي)
14. تَرَ کان اڳ برُ کائڻ. (ورجيس)
15. ترهو به کڻجي، پاتڻيءَ کي به سڏ ڪجي. (پھاڪو)
16. تري کُتي، مَلَهه ڇُٽي. (پھاڪو)
ملهه وڙهڻ جي راند ۾، اِهو قاعدو آهي ته جڏھن ٻئي ملھ، پاسي ڀر گڏجي ڪرندا آھن ته منجانئن ان کي ھارايل يا کاپي ويل چئبو، جنھن جي تري پٽ تي کتي.
17. تريو ته درياهه تري ويندو، نه ته اَڏ تي ئي بيھندو. (ورجيس)
18. تُسي تُسي، شل نه رُسي. (ورجيس)
رسڻ: راضي نه رهڻ. ۲. شل هميشه راضي هجي ۽ ڪڏهن به نه رسي.
19. تقدير اڳيان، ڪھڙي تدبير؟ (چوڻي)
اردوءَ واري پڻ چيو آھي؛ تقدير ڪي آگي تدبير ڪيا ڪري، حاڪم جب خفا هو، وزير ڪيا ڪري؟
20. تڪڙ ڪم شيطان جو. (چوڻي)
شيطان ئي تڪڙا ڪم ڪرائيندو آهي ۽ هيئن به چون؛ تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي؟
21. تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي. (چوڻي)
22. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي. (پھاڪو)
ڪتي مدي کان اڳ ويم ڪندي ته انڌا گلر يا پونگڙا ڄڻيندي.
23. تڪيا سڀي تڪيامِ، تو رِيءَ تڪيو ناهه ڪو. (چوڻي)
تڪيو: آسرو. تڪيام: ڳولهيم. ۲. ايشور کان سواءِ ٻيو ڪو آسرو ڪونهي.
24. تن سک ڏئي، من سک وٺجي. (چوڻي)
25. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ،
رسان مسان جي کڻي ته مون کي اچي پرچاءِ. (چوڻي)
هئن به چون: تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هين هين!
26. توڙي ڏجي پاڻ ته به پر پنھنجو نه ٿئي. (چوڻي)
27. توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکي لوح قلم ۾. (چوڻي)
روم جھڙي ڏورانهين ملڪ ۾ به ڪير ويندو ته به نصيب ۾ ڍوڍو ۽ ٿوم لکيل هوندس ته اهو ئي ملندس.
28. توفيق جو مالڪ الله آهي. (چوڻي)
توفيق: طاقت.
29. توڪل جا ٻيڙا، پار. (چوڻي)
30. تون آهين سير ته مان آهيان سوا سير! (چوڻي)
31. تون به راڻي، مان به راڻي؛ پوءِ ڪير ڀريندو پاڻي. (چوڻي)
32. تون به رئيس، مان به رئيس؛ پوءِ گڏهه ڪير هڪليندو؟ (چوڻي)
33. تون ڀونڪ ته مئڪون ننڊ آوي. (ورجيس)
34. تون ڪوٺ مون کي قاضي، مان ڪوٺيان تو کي نمازي. (ورجيس)
35. تون ڪير؟ چي؛ سِکيو. (چوڻي)
ڪنھن ڪم ڪندي مراد حاصل نه ٿئي ۽ ڪو انھيءَ واسطي پڇي ته چئبو ته آئينده لاءِ سکيس.
36. تون گُهرُ منھنجي ڄائي کي، مان گهران تنھنجي کٽ جي پائي کي. (پھاڪو)
تون مون کي پيار ڪر ته مان به تو کي پيار ڪريان.
37. تَوَڻِ جو تڪرار سان، سڏ جنھن کي هوءِ،
منجي اُتي جوءِ، وڃي تنھن کي وسري. (چوڻي)
توڻ: کاڌي پيتي جو اونو. ۲. جنھن انسان کي رات ڏينھن، پنھنجي پيٽ جو اونو لڳو پيو آهي، تنھن کي پنھنجا ٻار ٻچا، استري به وسريو وڃي ۽ مٺي ڪا نه لڳي. ۲. هن نموني به چيو ويندو آهي؛ رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنھن کي وسري.
38. تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هين هين. (چوڻي)
39. تيرٿ موٽا، آدمي کوٽا. (پھاڪو)
40. تيل ترن مان ئي نڪرندو. (پھاڪو)
تيل هميشه ترن مان ئي نڪرندو.
41. تيل سڙي ته ٿئي گيهه، گيهه سڙي ته ٿئي وِهُه. (چوڻي)
42. تيل سھانگو هو ته گدڙن به هوند چوٽيون مکيون. (پھاڪو)
ھن نموني ۾ به چيو ويندو آهي. پهڻ ڪونئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
***