لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڌ )

( ڌ )
1. ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند سين،
ته به اصل اِنھيءَ پار جو، ڏينا ڏيکاري. (پھاڪو)
ڌاتورو: زهر جو قسم.
2. ڌاريان ئي ڌار، مِٽَ مئيءَ جا نه ٿيا. (چوڻي)
3. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي. (چوڻي)
ڌرتيءَ ۾ پئجي وڃجي پر پنھنجو ڌرم نه ڇڏجي.
4. ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري! (ورجيس)
5. ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ. (چوڻي)
6. ڌن سارو دان ڪجي، ديهه سارو ورت رکجي. (چوڻي)
7. ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾. (چوڻي)
8. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (پھاڪو)
ڌڻ جي سنڀال به جيڪڏهن ڌڻي هوندو ته ڪري سگهندو، جي نه ته بھتر ٿيندو ته اِهو ڌڻ وڪڻي ڇڏجي.
9. ڌڻي وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وتن گهوتا کائيندا. (چوڻي)
10. ڌڻيءَ ريءَ ڌڻ سڃو، ڌڻ ريءَ سڃو ڌنار. (پھاڪو)
جيئن ڌڻيءَ کان سواءِ ڌڻ سڃو آهي تيئن ڌنار وري ڌڻ کان سواءِ سڃو آهي.
11. ڌوٻي دي گهر پيا چور؛ او نه مٺا، مٺي اور. (پھاڪو)
12. ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي. (پھاڪو)
13. ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو. (پھاڪو)
14. ڌوپي منجهه درياهه، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري. (پھاڪو)
15. ڌوڙ-ڀڪليو؛ ماءُ پرين، ڌن-ڀڪليو؛ جوءِ پرين، اڇي ڪپڙين؛ سس پرين. (چوڻي)
ڀڪليو: ڀريل. پرين: پيارو.
16. ڌوڙ پيس، ڌڙڪي ويس. (ورجيس)
ڌڙڪي: رلي.
17. ڌوڙ ڌنيتيءَ منھن ۾، رابيان منھن ۾ رک. (ورجيسي جملو)
18. ڌونئري ۾ ڪي هو، ته ڌڻين ڪين ڇڏيو. (پھاڪو)
سٺي شيءِ هجي ته مالڪ جيڪر ڪين ڇڏين.
19. ڌيرج جو پتا؛ يش. (چوڻي)
20. ڌيري ڌيري، ڌنئرو ڄمندو. (پھاڪو)
آهستي آهستي ڌنئرو (وڇڙو) ڄمندو آهي.
21. ڌيون، ڊڀُوريون آهن. (چوڻي)
22. ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور، کائي چُور. (چوڻي)
23. ڌيءَ ڄائي تو ڄڻي، پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو. (پھاڪو)
24. ڌيءَ سڀڪو پنھنجي ساراهي، ننهن سڀڪو پرائي. (چوڻي)
25. ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺئه ماءُ گهر،
ننهڙي سو ڪر، جو ڏٺئه سس گهر. (چوڻي)
26. ڌيئڪو ڌڻ، وڌي سگهو. (چوڻي)
***