لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڏ )

( ڏ )
1. ڏاچي چري ڏهه، توڏو چري تيرنھن. (پھاڪو)
ڏاچي: اُٺڻ. توڏو: ننڍو اُٺ. چرڻ: کائڻ.
2. ڏاچيءَ جو جيڏانھن ڪنڌ، تيڏانھن پنڌ. (پھاڪو)
3. ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگه جيڏي ڪنوار! (ورجيس)
4. ڏاڍو، سو گابو. (پھاڪو)
5. ڏاڍي تي بڇيانس ته اُٿي ئي نه! هيڻي کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏئي! (ورجيس)
6. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا؛ جيڏانهن ڦيراءِ، تيڏانهن سنئين. (پھاڪو)
ڏاڍي سان (ايشور) اَسين هڪ جھڙو ٿي پڄي ڪو نه سگهنداسون.
7. ڏاڍي نال شراڪت ناهين پاءِ، پاءِ ڪر زاري. (پھاڪو)
8. ڏاڙهي ڏات خدا جي؛ ڪنھن کي اَڳي، ڪنھن کي پوءِ. (چوڻي)
9. ڏاڙهي ڏجي سنوارڻ لاءِ، نه کارڻ لاءِ. (پھاڪو)
10. ڏاڙهي مٿو چٽ، ڀروون شاهه بچايا. (گفتار)
11. ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، وري ڪياڙيءَ تي هٿ نه رکجي. (پھاڪو)
12. ڏاند چڙهي ٿي، ڏک ڏسي! (ورجيس)
ڪنھن پيادل ويندڙ کي چڙهڻ لاءِ ڏاند ملي وڃي ۽ راضي نه رهي ته بي شڪريو سمجهڻ گهرجي.
13. ڏاندان ڳاهه، مردان ڌُڪا، زالان ساهه، پنڌ وچ سُڪا، گهوڙا ضبط ڪنا، اصطبل وچ لڪا. (چوڻي)
14. ڏاهو ڪانءُ، ٻه-ڄنگهو ڦاسي. (پھاڪو)
15. ڏائڻ به، هڪ گهر ٽاري. (پھاڪو)
16. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس. (پھاڪو)
17. ڏٻري ڍور تي، مڇر گهڻا. (پھاڪو)
18. ڏٻريءَ جو ڌڻي، سويرو پلاڻي. (پھاڪو)
ڏٻري وهٽ جو ڌڻي سويل ئي پنھنجو وهٽ پلاڻي پنڌ پوندو ته سويل ئي وڃي گهر ڀيڙو ٿيان.
19. ڏتا ڪو ڏنو ڏٺئه؟ ڏنا ڪو ڏتو ڏٺئه؟ (پھاڪو)
20. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
ڏٿ: هڪ قسم جو جهنگلي اَن ۽ ٻيون کاڌي جون شيون. ۲. جهنگ جا ماڻھو روز اِنهيءَ ڏٿ تي گذران ڪن. کائي کائي مريو وڃن پر اِهي شيون مند تي هميشه پيون نڪرن ۽ کٽن ڪين.
21. ڏٺو پير، پني مراد! (پھاڪو)
پير جي ڏسڻ کان پوءِ، مراد به پوري ٿي ويئي.
22. ڏٺو چيٽ؛ پيو انبن ۾ ميٺ. (چوڻي)
23. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر. (چوڻي)
24. ڏٺي مک، ڪو ڪو نه ڳهي. (پھاڪو)
ڪنھن کاڌي ۾ مک (ڪني ڳالهه) ڏسي، ڪير واپرائيندو يا ڪم آڻيندو.
25. ڏُچَرَ گهوڙي، سُچَرَ زال، ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تر، اُڌارو وهانءُ، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
ڏچر: ٿورو کائيندڙ. سچر: گهڻو کائيندڙ. (پهاڪن جي پاڙ) (سنديلو.)
26. ڏڏن جو ڏاتار آ. (پھاڪو)
27. ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي. (پھاڪو)
28. ڏڌ ولوڙجي مانڌاڻيءَ، مکڻ وهي لاٽ،
چريا سي چئجن، جي ڇڏين اَباڻي واٽ. (چوڻي)
29. ڏس رنان تالان، مٿي منھن ڪالا،
ڏس مردان ني ڦيري، مان تيري ڪه ميري. (چوڻي)
30. ڏس ڪاڻيءَ کان، اک ڪاڻي ڀلي. (پھاڪو)
ڏس: ڏسا، نصيب.
31. ڏکڻ مينھن نه وسڻو، وسي تا ٻوڙي،
ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻو، ھڻي تا جھوري. (چوڻي)
ڏکڻ وٽان اڪثر ڪري مينهن ڪو نه پوندو آهي پر جي پوندو آهي ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو آهي. تھڙيءَ طرح ڪانئر شخص ڪڏهن حملو ڪو نه ڪندو آهي پر اتفاقاً ڌڪ هيائين ته وڏو نقصان ڪري وجهندو.
32. ڏکئي کي ڏئي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه. (ورجيس)
33. ڏمرجي ڏيهه ڌڻي، ته ڏڪر ڏيکاري. (چوڻي)
ڏيهه ڌڻي: ايشور، ملڪن جو مالڪ.
34. ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي. (پھاڪو)
ساٽي: مڇيون وڪڻندڙ.
35. ڏندن ڀڳي ڏيڏري، ڪئي سندي جوءِ. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ ڪانياري ٻلي، ڪئي سندي جوءِ.
36. ڏند هئا حلوو ڪو نه هو، حلوو آهي ته ڏند ڪونهن. (پھاڪو)
37. ڏنگي کي، ڏنگو ڪپجي. (پھاڪو)
38. ڏنو، ٻنو آهي. (پھاڪو)
ڏنو: ڏيڻ (خيرات). ٻنو: جهلو.
39. ڏنو ٿئي نه ڪِنو، پوک ڪَڻو ته ٿئي گهڻو. (پھاڪو)
هيئن به چون؛ ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿيئي.
40. ڏنو؛ پٽ ڇٽي جو. (پھاڪو)
41. ڏنو ڏاڻ، مئو پٺاڻ؛ ورائي وٺي بي ايمان. (پھاڪو)
42. ڏني، ٻنڌن ڇني. (چوڻي)
ڏيڻ کان پوءِ قرض ڇڄندو (گھٽ ٿي ويندو).
43. ڏني ڄائي، ڇُٽي وائي. (چوڻي)
44. ڏوڏي کي به پِتو آهي. (پھاڪو)
45. ڏوهٽا، وڌندا ويري. (چوڻي)
زناني چوڻي آهي، جا ڏوهٽن لاءِ چئي ويندي آهي.
46. ڏوهٽي، نانيءَ کي ٿي سيکاري. (پھاڪو)
ناني آزمودگار، تنھن کي ڏوهٽي سکيارڻ هلي آ.
47. ڏوئي ڍڪڻ گيهه ٿيڻ. (ورجيس)
48. ڏهه دنيا، ستر آخرت. (چوڻي)
49. ڏهون گهر، ڏائڻ به اورانگهي. (پھاڪو)
هيئن به چون: ڏائڻ به، هڪ گهر ٽاري.
50. ڏئي ڏاتار، سور ٿئي ڀنڊاريءَ کي! (پھاڪو)
51. ڏئي مٿيون، پر ڪنھن جي هٿون. (چوڻي)
52. ڏي به، ڏر به. (چوڻي)
53. ڏيتا نهين، چي؛ پورا تول. (ورجيس)
ڏيڻ وارو ڏيڻ جي نه پيو ڪري پر وٺڻ وارو چالاڪي ڪري پيو چوي ته تور پوري ڏج!
54. ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿيئي. (چوڻي)
55. ڏيڏر لاءِ سڄي دنيا، کوهه ۾ آهي. (پھاڪو)
56. ڏيڏريءَ کي به ٿو زڪام ٿئي. (پھاڪو)
57. ڏيڍ اڍائي؛ ساڍا ٻه. (گفتار)
58. ڏيراڻي نه ڄيٺاڻي، توڙ جي ويرياڻي. (چوڻي)
ڏيراڻي: گهوٽ جي ننڍي ڀاءُ جي زال. ڄيٺاڻي: گهوٽ جي وڏي ڀاءُ جي زال. ۲. ننڍي ڏيراڻي ۽ وڏي ڏيراڻي، توڙ تائين وير رکندڙ آهن.
59. ڏيسا چال، ڪُلا ڌرم. (پھاڪو)
ڏيسا: ديس. ڪلا: ڪُل. ۲. ديس جي ريت ڪل جو ڌرم ڪري سمجهجي.
60. ڏينھن جو ڪُوڙو ٿجي، رقم جو ڪُوڙو نه ٿجي. (چوڻي)
پئسا ڪنھن کي موٽائي نه سگهجن ته حرڪت ڪانهي پر پئسن واسطي صفا اَلي وڃڻ خراب آهي.
61. ڏينھن، شينهن. (پھاڪو)
62. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار،
وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل. (چوڻي)
63. ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ ۽ ڏيھي ڇڏڻ ٽيئي اهنجا. (چوڻي)
ڏيڻ: ڪنھن کي ڪڍي ڏجي. ڏيهه: ديس، شهر. ڏيهي: شرير ڇڏڻ، مرڻ.
64. ڏيهه چوي، ڏيراڻي نه چوي. (پھاڪو)
65. ڏيهه ۾ ڏياري، هرچند گهر هولي! (پھاڪو)
شهر (ڏيهه) ۾ سڀيئي ڏياريءَ جا شغل پيا ٿين پر ڀائي هرچند راءِ جي گهر هولي پيئي منائي وڃي!
66. ڏيئي جي پٺيان، اونداهي. (پھاڪو)
ڪي ’پٺيان‘ لفظ جي بدران ’هيٺان‘ لفظ ڪتب آڻين.
***