لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( ڇ )

( ڇ )
1. ڇاڻي ڇنڊي، پيهجي. (ورجيس)
2. ڇتي ڪتي جي دوا آهي، ڀتر. (طبي، پھاڪو)
3. ڇٺي مورُون ونٺي، ٻانڀڻ ڪھڙو ڏوهه؟ (پھاڪو)
انگ اڳيئي لکيا پيا آهن، ٻانڀڻ جو ڪھڙو ڏوهه؟
4. ڇڄ ڳالھائي ته ٺيڪ پر اَڄ پرڻ به ٿو ڳالھائي جنھن ۾ سوين ٽونگ! (پھاڪو)
5. ڇڏڻ کان پوءِ، اڏڻ ڪھڙو؟ (پھاڪو)
6. ڇڙهي اَچي ڇم ڇم، وديا اَچي گم گم. (چوڻي)
7. ڇڪ منجهي ته سورج ڏانھن نھارجي. (پھاڪو)
ڪڏهن به تڪليف ۾ هججي ته سياڻي وٽ وڃجي.
8. ڇڪو ڇنو، ٻليءَ ڀاڳين. (پھاڪو)
ڇڪو: سنڌ ۾ ڇت ۾ ٺڪر جو ٿانءُ ٽنگي ڇڏبو هو، جنھن ۾ مڇي پلو يا ٻي کاڌي جي شيءِ وجهي رکبي هئي. جڏهن ڇڪو ڪڏهن ڇڄي پوندو هو ته ٻليءَ جو ڀاڳ لڳي ويندو هو. ٻليءَ جي نصيب جي ڪري ڇڪو ڇڄي.
9. ڇوڪراڻي پوتي، ڪنھن نه ڌوتي. (چوڻي)
10. ڇوڪر ڇتي ذات، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾. (چوڻي)
11. ڇوڪرو ڪڇ ۾، ڍنڍورو شھر ۾. (چوڻي)
12. ڇيڻو پَٽ تي ڪرندو، ڪک پن ضرور ميڙيندو. (چوڻي)
***