( چ )
1. چاچي به چوي، چھنڊڙي به پائي. (ورجيس)
2. چاڏيءَ کي چِٽَ گهڻا، انڌا منڊا هٿ گهڻا. (پھاڪو)
3. چار ڏينھن چاهه جا، پوءِ گهم ڪَنا واھ جا. (پھاڪو)
4. چار ئي واهون چڪن، تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن. (پھاڪو)
واهون: رستا. چڪن: خالص ٿين. سوڍا: زبردست. ۲. جڏهن سڀ رستا بند ٿي وڃن تڏهن لاچار پاڻ ڏاڍن سان هٿ اٽڪائجي.
5. چاڪ ٿيڻ کان پوءِ، وئد به ويري. (طبي، پھاڪو)
6. چاڪر، چياڪر. (چوڻي)
چاڪر/نوڪر، اهو سٺو جيڪو چياڪر (چيو مڃيندڙ) هجي.
7. چاڪريءَ چور، نوالي حاضر. (ورجيس)
8. چاڪريءَ ۾، آڪري ڇا جي؟ (چوڻي)
نوڪري ڪرڻي آهي ته پوءِ آڪڙ ڇو ڏيکارجي.
9. چاڪي، ڦر ڦر گهاڻي آيا. (پھاڪو)
10. چاڪيءَ جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو، جتي بيٺو اُتي کتو. (چوڻي)
چاڪي: چڪي پيھندڙ.
11. چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري! (پھاڪو)
چاڪي: چڪي پيھندڙ. گهاڻو: جتي چڪي پيسجندي آهي. ۲. چڪي پيھندڙ ڏاند وڃايو پر سستيءَ وچان رڳو اُتيئي پئي ڳولهيائين پر اُتي ڪيئن لڀندس. ٻاهر نڪري جڏهن ڳولهڻ شروع ڪندو تڏهن ڳولهي سگهندو.
12. چانڊيا چور، شابڙاڻي شاهد. (چوڻي)
چانڊيا ۽ شابڙاڻي، ٻن ذاتين جا نالا. ۲. ڪو چور چوري ڪري ۽ وري پنھنجي ذات ڀائيءَ کي شاهد ڪري بيھاري ته عجب نه کائجي ۽ هيئن به چون: چورن جا ڀائر، ڳنڍي-ڇوڙ.
13. چِٻَ، مائي باپ آهي. (چوڻي)
14. چٻڻو واڻيو، سمڻي دلي؛ ٻنهي کي ڀري اللهه. (چوڻي)
15. چت تي چوتو، مدعي رد. (پھاڪو)
16. چٽي پوي شهباز تي، ڀري وتايو! (پھاڪو)
وتايو: فقير جو نالو.
17. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. (پھاڪو)
18. چچن گهر چلا پڪا، چچا اُٿي نچڻ لڳا. (پھاڪو)
چچ: مکيچوس، ڪنجوس.
19. چرٻٽ راجا؛ نڪا ساهمي، نڪو وٽ، ڏئي به ٻُڪَ، وٺي به ٻڪ. (چوڻي)
20. چرنديءَ تي چَم، ڪنڊيءَ تي رم. (ورجيس)
21. چري آهي چڪي آهي، پنھنجي پهه تي پڪي آهي. (ورجيسي جملو)
22. چري پاڻ، متيون ڏئي لوڪن کي. (ورجيس)
23. چري چکي، وري به پيئي رکي. (پھاڪو)
24. چري ڦِٺ ۾ به خوش. (چوڻي)
25. چري هري چشڪي تي، رکي آرتوار. (پھاڪو)
26. چريءَ جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا. (چوڻي)
27. چريءَ چيڙايو باز کي، سا ثابت ويندي ڪيئن گهر! (چوڻي)
28. چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چَٽ ڪيائين. (چوڻي)
29. چريءَ کي چوڙو؛ ڪڏهن ڄنگهه ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾! (چوڻي)
30. چريا به ڪڏهن پنھنجي وس ڇڏبا ڇا؟. (چوڻي)
31. چريا چرين گڏيا، چي؛ عيد مبارڪ. (پھاڪو)
32. چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي. (پھاڪو)
33. چريا ڪيئن؟ چي؛ ويران ويران وڌ. (چوڻي)
34. چرين جا ٻار، به کريا. (چوڻي)
35. چرين جا پُور، مٿي جا سُور. (چوڻي)
36. چرين ڪھڙا چت، مُئن ڪھڙا مامرا! (چوڻي)
مامرا؛ معاملا.
37. چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ (چوڻي)
38. چريو، ته به گهر ڏي وريو. (چوڻي)
39. چريي کي چيڙائجي، چئن گارين کائڻ واسطي. (چوڻي)
40. چريي ليکي، سڀ چريا. (پھاڪو)
41. چڙهي ڪني به؛ يانصيب! (پھاڪو)
42. چغلي؛ جهيڙي جي ماءُ. (چوڻي)
43. چڪ ڪري چوٽيءَ وري، ٺڪر اچي ٺوڙهيءَ تي، ڏوهه ڪري ڪنن واري، چٽي پوي ٻوڙيءَ تي. (چوڻي)
44. چڪر سان پُڄي، لتر. (پھاڪو)
چڪ پائيندڙ کي وري لتون هڻندڙ هوندو ته پڄي سگهندو.
45. چڪني گهڙي تي مينهن جو ڦڙو؛ جھڙو پيو، تھڙو نه پيو. (پھاڪو)
چڪ: گپ. گهڙو: ٿانءُ.
46. چکيا کان، چنتا بري. (چوڻي)
47. چڱا سي، جن جا پويان چڱا. (چوڻي)
48. چڱائي ڪر ڄٽ سان، ڄٽ ڦيري هڻي پَٽَ سان. (چوڻي)
49. چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا. (چوڻي)
ڪنھن سان ڀلائي ڪر ته چار پادر موٽ ۾ پيا لڳن!
50. چڱو ڀلو کائي اَن، ناچڱو کائي ڌن. (طبي، چوڻي)
انسان صحت ۾ ٺيڪ آهي ته کاڌو کائيندو، نه ته ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن پٺيان ڌن پيو لٽائيندو.
51. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن،
توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان. (چوڻي)
مندو: خراب، رڻ: بيابان. ۲. جن جي نصيب ۾ سٺو لکيل آهي سي خراب وقت ڪو نه ڏسن.
52. چڱو چوائڻ ويئي، پر پٽ پٽائي آئي! (ورجيس)
53. چڱو ڪر، ته چڱو ٿيئي. (چوڻي)
54. چُلهه، اڱارين نه ڍاپي. (پھاڪو)
چلهه رڳو اڱرن سان ڪو نه ڍاپندي آهي.
55. چلهه کان دور، سي دل کان دور. (چوڻي)
56. چمڙي ڏئي، دمڙي نه ڏئي. (ورجيس)
57. چنڊ ڏسڻ کان سواءِ، عيد ڪا نه ٿئي. (پھاڪو)
58. چنڊ کي ڏهي، پوءِ سڄي پاڳ. (پھاڪو)
ڏهي: ڌاڳو يا تند. پاڳ: پڳڙي. ۲. ماڻھن کي اهو وهم ويٺل هو ته چنڊ ڏينھن، اگر پڳ مان ڌاڳو ڇني چنڊ ڏانھن اڇلجي ته ان جو وڏو ثواب ملندو، پوءِ جيڪڏهن سڄي پڳ اُڇلبي ته به ثواب ڪو نه ملندو. وري اهو به مطلب ڪڍيو ٿو وڃي ته وقت سر ٿوري مدد جو هٿ ڊگهيڙڻ، پوءِ جي مدد کان، وڌيڪ بھتر آهي.
59. چنڊن جي شھر ۾؛ ڪنڊو پٽ، ڪرڙ جو. (چوڻي)
60. چڻو ڦنڊي، ڪو بٺ ڀريندو. (چوڻي)
61. چوٿ جو چنڊ، هاٿيءَ جو ڏند،
راڻيءَ جو چوڙو، لٿو مون تان ڪلنڪ ڪوڙو. (چوڻي)
62. چور جي اک، بجڪي ۾. (پھاڪو)
63. چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ رئي. (چوڻي)
64. چور چڱو، پر نه چوريندڙ. (چوڻي)
65. چور کي پنھنجو ڪيتو پيو کائي. (چوڻي)
ڪيتو: ڪڌو ڪم. ۲. کوٽن ڪم ڪندڙن کي پنھنجو اندر وارو پيو وڍ وجهندو آهي.
66. چور نه ته چاڪي سهي! (ورجيس)
پوليس وارن کي چور نه لڀي ته چاڪي يعني چَڪي پيھندڙ هٿ ڪري ايندا آهن.
67. چورن جا ڀائر، ڳنڍي ڇوڙ. (چوڻي)
68. چورن کي چاڙهيون گهڻيون، ڀَڙون کي ڀونگيون گهڻيون. (چوڻي)
69. چورن کي چون ته گهڙينس گهر ۾، ڀاڳين کي چون ته چور گهر ۾ گهڙيو اٿيئي. (ورجيس)
70. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا. (پھاڪو)
71. چوري نه مُوڙي، مُوڙي ته به گهوري. (چوڻي)
مُوڙي: سائو، سبز. ۲. چوري ڪرڻ وارو سائو سبز ڪو نه ٿيندو، پر جيڪڏهن سائو ٿئي به کڻي ته به چڱو ڪونهي.
72. چونڊيندي چور، وڃي بيٺا ککڙين. (پھاڪو)
ڪي چور ڪٿي چوري ڪرڻ ويا جتي ٻيو مال ڇڏي فقط هڪ هڙ موتين جي سمجهي کڻي آيا. کولڻ سان ڏٺائون ته فقط ککڙيون پيئون آهن. هي پھاڪو هن نموني ۾ به ڪتب آندو ويندو آهي، جڏهن مٽي مائٽي ڳولهڻ ۾ مائٽ گهڻي چونڊ وجهندا آهن. گهڻي چونڊ وجهڻ ۾ پڇاڙيءَ جو هڪ رواجي گهر کين ملندو آهي.
73. چُوڻو، نه اُوڻو. (چوڻي)
چُوڻو: رزق. اوڻو: گهٽ ۲. جيترو نصيب ۾ داڻو پاڻي لکيل هوندو تنھن کان گهٽ ڪو نه ملندو.
74. چوڻيءَ هر ڪو چئي، کرو ڪو رهڻيءَ رهي. (چوڻي)
وڏا وڏا وعظ ڪرڻ، تمام آسان آهن، پر انھيءَ پرماڻ پنھنجي هلت رکي ڪا نه ويندي آهي.
75. چئن پئسن جي چٽاڀيٽي، پنجن پئسن جي ملم پٽي. (طبي، پھاڪو)
76. چئن ڏينھن جو چٽڪو، پوءِ انڌيري رات. (چوڻي)
77. چئُه ڌيءَ کي، ته سِکي ننهن. (پھاڪو)
78. چيٽ آهي پيٽ، پر ڪتي نر فصل آهي. (چوڻي)
79. چي؛ ڏيتا نهين، چي؛ پورا تول. (ورجيس)
***