( ز )
1. زالان ڌاوڻ، مردان کاوَڻ. (چوڻي)
زال کي جلد سنان ڪري ڪم ڪار کي لڳڻ گهرجي. مرد کي به جلدي کائي پنھنجي ڪرت لاءِ وڃڻ گهرجي.
2. زالان زالان، ملڪ ڪن تالان. (گفتار)
3. زال جا پير لڌا، ته مڙس جا پير گهر ۾ کتا. (پھاڪو)
4. زال جو سنڀرڻ؛ غريب جي شادي. (چوڻي)
5. زال روئي مڙس کان سواءِ، زمين روئي برسات کان سواءِ. (پھاڪو)
6. زال سونهين ڳهن سان، موري سونهين پنن سان. (پھاڪو)
7. زالن جو عقل؛ ڏائيءَ کڙيءَ ۾. (چوڻي)
زالن کي ڪم عقل سڏڻ جو نمونو.
8. زالون جيئرن کي پٽين، مئن لاءِ پار ڪڍن! (چوڻي)
9. زالون زالن جو کاڄ، ٻار ٻارن جو کاڄ. (پھاڪو)
زالن کي پنھنجي سنگت وڻندي آهي ۽ ٻارن کي پنھنجي.
10. زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي. (چوڻي)
11. زبان ذاڪر، دل شاڪر. (چوڻي)
ذاڪر: ذڪر ڪندڙ، نصيحت ڪندڙ، چڱا ٻول ٻوليندڙ. شاڪر: شڪر ڪندڙ. ۲. انسان لاءِ ٻه ڳالهيون سک حاصل ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. زبان پوتر رکي ۽ دل ۾ شڪر رکي.
12. زبان سٺي، ڳوٺ سٺو. (پھاڪو)
13. زبان شيري، ملڪ جاگيري. (پھاڪو)
14. زبان کي ڪنڊو ڪونھي، جو چڀجي يا روڪجي. (پھاڪو)
15. زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، آهي وِهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
16. زرِ بسِيار، ته عشق ٺهه پهه. (پھاڪو)
زر: ناڻو. بسيار: گهڻو. عشق: پيار. ٺهه پهه: جلد.
17. زن، زمين، زر؛ تينون قضيي ڪي گهر. (چوڻي)
زن: زال. زر: ناڻو. ۲. استري، زمين ۽ ناڻو، اِهي ٽيئي ڳالهيون جهيڙي جا مکيه ڪارڻ آهن.
18. زور جي ميندي، ڪا نه لڳندي. (پھاڪو)
شاديءَ تي ميندي ترين ۽ پيرن کي لڳائي ويندي آهي. جڏهن ڌريون راضي هونديون تڏهن شادي ٿيندي ۽ ميندي لڳائي ويندي. ۲. زور جو سودو ڪو نه ڪري سگهبو.
19. زور مس ڪر ته ڪل ئي مهمان. (گفتار)
ٿورو ڪنھن کي زور ڪر ته ڪل (سڀ) ئي مھمان ٿي اچي وارد ٿيندا.
***