لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پهاڪن جي پاٻوهه

ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سھيڙ سنگھيڙ ”تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي“ ۽ سنوار سڌار ”انجنيئر عبدالوهاب سهتو“ صاحب ڪئي آهي. هي ڪتاب تيرٿداس پيسومل هاٿيراماڻي صاحب جو لکيل، ۽ 1973ع ۾، بمبئي مان ڇپرائي، ليکڪ پاران، سريلنڪا مان پڌرو ڪيل آهي.
Title Cover of book پهاڪن جي پاٻوهه

( خ )

( خ )
1. خاصا ڪپڙا، کيسا خالي. (ورجيس)
ڪپڙا ته تمام سٺا پر کيسا خالي.
2. خان جي خاني، مانيءَ مان معلوم ٿئي. (چوڻي)
3. خانن جي کٽي؛ آٿر ٻوري چٽي. (چوڻي)
4. خرچ کاءُ، ڏئي شاهه. (چوڻي)
5. خرخسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي. (ورجيس)
خرخسو: گوڙ ڪرڻ. هنگامو، بکيڙو، ممڻ، جهيڙو، ڪو جهيڙو جهٽو خالي (سکڻو يا اجايو) نه چئبو. آڌيو نه ته پائلي ملي پوندي. ڪنھن ڳالهه لاءِ ڪوشش ڪجي، جي ڪجهه ملي ته ائين چئجي.
6. خريدار ککڙين جو، پڇي هنداڻا! (ورجيس)
7. خوشامد جي پڇاڙي؛ آمـد. (چوڻي)
آمد: آمدني.
8. خوشي ڳنهي خودڙي، ٻڏڻ لڳس ٻار. (چوڻي)
9. خوشيءَ جھڙي ٻي خوراڪ ڪانهي، ڳڻتيءَ جھڙو ٻيو ڳارو ڪونهي. (چوڻي)
10. خون کسٿوري؛ ڳجها نه رهن. (پھاڪو)
کسٿوريءَ ۾ اهڙي خوشبوءِ هوندي آهي جو ڪير به لڪائي ڪو نه سگهندو آهي. تھڙي نموني خون پڻ آھي.
11. خويشي به خوشي، سودا به رضا. (چوڻي)
12. خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (چوڻي)
13. خير ڏيندي، هٿ سڙن ته سڙڻ ڏين. (چوڻي)
خير: خيرات، ڌرم ڪرڻ، دان.
14. خير صلاح، مھر الله. (چوڻي)
نيڪ صلاح، ايشور جي مھر آهي.
15. خير-ڪاري ڪوڙ به سُهِه، ناخير-ڪاري سچ به ڳُهِه. (چوڻي)
***