مُهاڳ
هيءُ ڪتاب زاهده ابڙو جي شاعريءَ جو آهي. سندن والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو منهنجو ساهه سُڌير دوست ۽ دلبند ساٿي هو. منهنجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو ۾ جيڪو ادب جو شوق ۽ شعور هو، سو زاهده ابڙو ۾ منتقل ٿيو آهي.
تاج محمد ابڙو دانشور، اديب، سياستدان، جج، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ٿي گذريو آهي. وڏو مڻيادار محبتي ماڻهو هو. چاليهن واري ڏهاڪي کان وٺي منهنجو ساڻس ساٿ رهيو. زاهده به پيءُ سان گڏ ننڍپڻ کان وٺي مون وٽ ايندي رهي آهي.
هن وقت زاهده ابڙو جو ذاتي شوق، ذوق ۽ ادب سان ايڏو لڳاءُ ڏسي مون کي بيحد خوشي محسوس ٿئي ٿي. هُوءَ هڪ ئي وقت شاعره، ليکڪا، صحافي ۽ ٽي وي ڪمپيئر پڻ آهي گڏوگڏ تعليم کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، سندس ايڏو ادبي پورهيو ۽ لڳاءُ ڏسي ڄاڻجي ٿو ته هُوءَ ايندڙ وقت ۾ پنهنجي لاءِ هڪ خاص مقام ٺاهيندي. منهنجيون دعائون ساڻن گڏ آهن.
هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي انتهائي مانائتي طريقي سان پيش ڪيو آهي. سندن لکڻ جو اسلوب، پنهنجن شعرن ۾ پاڻ کي شاعره طور عورت جي انداز ۾ مخصوص لفظ ڪم آڻي شاعري محسوس ڪرائي ٿي. ائين چئجي ته هُن عورت جي سوچ کي خاص لفظن ۽ جذبات جو احساس ڏياريو آهي.
شاعر هميشه پنهنجي خيالن ۽ احساسن کان شاعريءَ جي شروعات ڪندو آهي ۽ پوءِ آهسته آهسته آسپاس جي ماحول کان متاثر ٿي کين پنهنجي شاعريءَ سان سيراب ڪندو آهي ۽ اِها انفراديت سندن شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿي ته هُوءَ ڪيئن ٻين جا احساس ۽ جذبات محسوس ڪري ٿي. سندس شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ جو جذبو به پڌرو آهي. چئي ٿي سنڌ کي....
توسان آهي ساهه مليل پَڪَ
توسان آهي جان جڙيل پَڪَ
او مٺڙي! توکان ڪيئن رُسان
رڳ رڳ ۾ آهي رَتُ ڳنڍيل پڪ
هڪ هنڌ پنهنجي سنڌياڻي هجڻ تي فخر محسوس ڪندي لکي ٿي:
مان سنڌياڻي، مان سنڌياڻي
آ فخر مون کي مان سنڌياڻي
سِنڌُو منهنجي ساهه سمايل
مان منڇر جي هان مُهاڻي
هن مجموعي ۾ سندس ڪيترائي نظم، آزاد نظم ۽ غزل موجود آهن. مونکي ذاتي طور تي سندس نظم جيڪو گهڻو پسند آيو، اُهو هيءُ آهي:
گيت نه مون کان کسجو لوڪو!
اظهار نه ڪڏهين ڦُرجو لوڪو!
ساهه جي ڏور ٽٽڻ کان اڳ ۾،
آغازَ نوان ڪي وٺجو لوڪو!
هن نظم ۾ ٻين کي اتساهه ۽ هڪ رهبري ڪرڻ وارو سندن ڏانءُ مونکي خاص طور پسند آيو. عام طور تي هن عمر ۾ شاعرائون رومانوي شاعريءَ ڏانهن گهڻو لاڙو رکندي نظر اينديون آهن، پر زاهده ابڙو جي شاعريءَ ۾ مونکي زندگيءَ جو هر رنگ روپ نظر آيو آهي.
هو ساڳئي وقت پيار، محبت، آزادي، حب الوطني، رسمن ۽ رواجن، موت، زندگي، دهشتگردي ۽ واحد جي وحدانيت کي پنهنجن لفظن جا خوبصورت خيال پهرائي پيش ڪري ٿي. سندس تخليق جو هر رنگ نرالو آهي
مون سندس ڪالم به پڙهيا آهن هُوءَ شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر ۾ به سگهاري آهي. زاهده ابڙو سنڌي ادب کي هڪ نئون ڪتاب تحفي ۾ ڏنو آهي. ۽ مان اميد رکان ٿو ته هُوءَ آئنده به پنهنجي قلم جي پورهئي ۾ مصروف رهندي. سندس فني صلاحيت وقت سان گڏ اڃان وڌيڪ اڇي اُجري ٿي، نئين نئين رنگ ۽ روپ سان سامهون ايندي رهندي. منهنجيون دُعائون ساڻس گڏ آهن. قدرت کيس هڪ لافاني ڏات ۽ ڏانءُ عطا ڪيو آهي، اميد ڪجي ٿي ته هُوءَ پنهنجي جستجو ۽ جذبو جاري رکندي ايندي ۽ اِن طرح سان سندس فني صلاحيتون اڇيون اُجري ٿي، اڃا جرڪي پونديون.
محمد ابراهيم جويو
15 نومبر، 2012ع