مان شايد اقرار نه ڪريان
مان شايد اقرار نه ڪريان
توسان وفا جي ”ها“ نه ڪريان
ها! مان ساڳئي
صديون پُراڻي
سنڌ جي ڄائي
چپ سبيل، هٿ ٻڌل
پيرن ۾ زنجيرون
نظر، نظر تي پهرا آهن
مان شايد اقرار نه ڪريان
هٿ ۾ لرزش، پير ڄميل...
ريتن ۽ رسمن ۾ ويڙهيل
صديون پراڻي ساڳي ناري
مان شايد اقرار نه ڪريان
پڙهيل ڳڙهيل..!!
ڊڄڻي ڊڄڻي
هيسل ڇرڪيل
هڪڙي ’’ها‘‘ جي همٿ ناهي
مان شايد اقرار نه ڪريان
وقت وڃائي ويهي رهنديس
چاهت ماري روئي ويهندس
پيار پکي اُڏامي ويندو
پر شايد اقرار نه ڪريان
ها! شايد اقرار نه ڪريان.
خيال مُنتشر ٿي ويا
توکان سوا هي رستا
سڀ اوپرا... اوپرا
خيالن جي سرايت
خالي رهگذر، تنهنجون يادون
واعده ۽ قسم ياد آيا
مون اکيون ٻوٽي پٺتي ڏٺو
منهن ورايم... اکيون کوليم
شايد تون هجين
ساڳيا شجر.. سيئي سنگ
تون هُئين ته ڄڻ پنهنجا هئا
توکان سوا تماشا ئي ٿا لڳن
ڄڻ ته مسخري ٿا ڪن
هوائن جون سرگوشيون
تنهنجا ۽ منهنجا
ٽهڪن جا پڙلاءَ.....
مان فرار ٿي چاهيان
تڪڙا تڪڙا قدم کڻي
هن منظر کان ڏور وڃڻ ٿي چاهيان
اوچتو آواز آيو
’’بيهو...!!‘‘
پٺتي ڏٺم
منهنجا ٻئي ٻار پويان ڊڪندا آيا
چيائون..
”امي! آهسته هلونه..!“