ڪجهه لفظ: ڪائناتي ۽ سماجي حسن
آءٌ شاعر ته ناهيان پر شاعري پڙهندو ضرور آهيان. شاعري مون کي ان ڪري به پسند آهي جو ان ۾ انقلاب، ڪردار، تاريخ، امن انصاف، غلامي گفتار ۽ محرومي سڀ گڏ هوندا آهن.
زاهده تاج ابڙو نئين ٽهي جي اُڀرندڙ ليکڪه آهي، سندس شاعري ۽ ڪالم اخبارن ۽ ميگزين ۾ پڙهندو رهيو آهيان، هُوءَ باصلاحيت شاعره آهي، سندس شاعريءَ ۾ هر رنگ موجود آهي، خوبصورت ۽ اُتساهيندڙ لفظن جو هڪڙو شعور ڏيندڙ وهڪرو چئي سگهجي ٿو.
زاهده جي شاعريءَ ۾ سنجيدگي ۽ شانائتي لفظن جي ڀيٽا آهي. عام طور تي شاعريءَ ۾ جيڪا اڪثر نااميدي ۽ مايوسي نظر ايندي آهي يا شاعر گهڻي قدر ناڪامين کي گهڻو ڊگهو ۽ ڇڪتاڻ وارو بنائي پيش ڪندا آهن اِها منفي رُجحان واري ڳالهه هتي نظر ڪونه ٿي اچي ۽ اها هڪ سُٺي ۽ اثرائتي شروعات آهي.
سندس تخليق ۾ فطرت ۽ سماج ٻئي موجود آهن ۽ هونئن به جڏهن ڪائناتي ۽ سماجي حسن گڏ نظر اچي ته اهڙي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن.
زاهده تاج ابڙو جي سُڃاڻپ رڳو هڪ شاعره جي نه پر گهڻ پاسائي آهي، هُوءَ ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، سماجي ورڪر، ٽي وي اينڪر ۽ هڪ استاد پڻ آهي.
مختصر اِهو چوندس ته شاعر عالمگير انسان هوندا آهن ڇو ته هُنن جي اک پوري ڪائنات کي ڏسندي آهي ۽ هيءَ ڇوڪري به ان عالمگير طبقي ۾ شامل آهي.
هِن جي شاعريءَ ۾ سوچ وسيع آهي، سندس غير معمولي صلاحيتون کيس اڃا اڳڀرو آڻي ڪمالِ تخليق تي پهچائينديون.
هونئن به آءٌ چوندو آهيان ته نسل در نسل صدين جون غلاميون ۽ محروميون ڀوڳڻ جي ڪري 20 سالن جي ڇوڪري 40 سالن جي مرد کان وڌيڪ شعور ۽ Maturity رکندي آهي.
۽ هيء ڇوڪري نه رڳو انقلابي اديبه آهي پر عظيم انقلابي اديب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نياڻي به آهي، تنهن سندس لکڻ، زندگيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
ڪامريڊ ڄام ساقي
2012. 11. 25