شاعري

دنيا آکيرو

هي ڪتاب شاعره، ليکڪا ۽ ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. سعيد سومرو لکي ٿو: ”زاهده تاج ابڙو، نه صرف نانءُ آهي پر پڙهيل لکيل سنڌي عورت جي شعور ۽ پرک جو اهم حوالو به آهي. هي سندس شاعراڻو قلمي داستان نه ذاتي آهي نه عالمي آهي، پر سنڌي ماڻهوءَ خاص ڪري سنڌي عورت جي شعور جي شمع آهي، جيڪا ڪٿي هلڪي تجلي ٿي ڏيئي، ته ڪٿي زوردار روشنائيءَ سان پورو انساني اندر منور ڪري ڇڏي ٿي. “
Title Cover of book دنيا آکيرو

پنهنجي پاران

[b] پاندَ ۾ ٻَڌل پنهنجا احساسَ[/b]
زندگيءَ ۾ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪنهن ”فن“ ڏانهن لاڙو رکڻ يا مهارت حاصل ڪرڻ نهايت لاڀائتو عمل آهي، اسان جو آسپاس جو دائرو، ماحول يا دنيا ڪڏهن ڪڏهن هر انسان کي ٿورو يا گهڻو متضاد ضرور ٺاهي ڇڏيندي آهي، تڏهن ان دائري مان نڪري، مُنتشر خيالن کي پنهنجي من پسند فن يا مهارت ۾ داخل ڪرڻ پنهنجي احساس، تنهائيءَ کي ونڊڻ نهايت آسان ۽ دل کي تقويت ڏيندڙ ٿيندو آهي. تخليق جو هر قسم پنهنجا خيالات ظاهر ڪرڻ جو موثر وسيلو آهي.
ادب ۽ آرٽ تخليق جو بهترين اظهار آهي، انسان بنيادي طور تي پنهنجي پاڻ ۾ موجود ڪمزورين باوجود هڪ جاکوڙي محرڪ چئي سگهجي ٿو، جيڪو تمام منفي عمل يا سوچ کي وقت پٽاندڙ خوشين ۽ ڪاميابين ۾ بدلائي سگهي ٿو.
ڪتابن سان دوستي رکڻ فائديمند سودو آهي ڇو ته ڪتابن جي دنيا ڪيترين ماحولياتي محرومين کان پري ڪري ڇڏي ٿي . مون کي ڪتابن سان ڪڏهن کان پيار ٿيو اِهو چئي نه ٿي سگهان، ننڍپڻ کان گهر جو ماحول ادبي مليو. بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪتابن سان محبت ڪندڙ انسان هئا، گهر ۾ هڪ وڏي خوبصورت لائبريري موجود هئي جتي دنيا جي هر موضوع جو ڪتاب موجود هو بابا جن سيشن جج هئا، کين وقت گهٽ ملندو هو ته هُو اسان ٻارن سان گهڻو وقت گهاري سگهن، پر تنهن هوندي به آچر جو موڪل ڏينهن تي اسان سڀني ٻارن کي ويهاري اخبارون ۽ ڪتاب پڙهائيندا هئا. بابا جن جي دوستيءَ جي حلقي ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي ماڻهو شامل هئا، سندن ويجهن ادبي دوستن ۾، سوڀوگيانچنداڻي، ابراهيم جويو، شيخ اياز، تنوير عباسي، اياز قادري، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، انيس انصاري، رشيد ڀٽي ۽ پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا. بابا سائين جن جا هي دوست جڏهن به اسان وٽ ايندا هئا ته ڪتابن جا تحفه ضرور آڻيندا هئا.
مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهيو آهي، ڇهين درجي ۾ هيس ته گل ڦل ۾ هڪ ڪهاڻي به لکيم جيڪا ”عظيم تحفو“ جي نالي سان ڇپي، ان ڏينهن بابا منهنجي ڇپيل ڪهاڻي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هئا ۽ مون کي تحفي ۾ ڪتاب ڏنو هئائون، سندن عادت هئي ته اسان کي تعليمي قابليتن تي پڻ قرآن شريف، شاهه عبداللطيف جو رسالو، ڊڪشنريز، پينون ۽ قلم تحفي ۾ ڏيندا هئا.
مان سمجهان ٿي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انسان جي جيئن سوچ ۽ عادتون بدلجن ٿيون، تهڙي طرح ڪتابن پڙهڻ جا موضوع پڻ بدلجن ٿا، مون ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب ۾ جاسوسي ڪهاڻيون، ناول تمام گهڻا پڙهيا، بعد ۾ ڪتابن جي موضوعن جي چونڊ بدلجندي رهي.
مون کي لڳندو آهي ته شاعري هر انسان جي اندر جو احساس آهي، موسيقيءَ کي هر ماڻهو پسند ڪندو آهي ۽ موسيقي يقيناََ شاعريءَ جو تسلسل آهي. شاعري ڪرڻ جو چاهه مون ۾ زيب نظاماڻيءَ پيدا ڪيو، حيدرآباد جي هڪ ڪاليج ۾ اسين ٻئي Colleagues هئاسين، هُوءَ اڪثر پنهنجي شاعري ٻڌائيندي هئي. بعد ۾ مون کي به شاعريءَ سان چاهه پيدا ٿي پيو. مون باقاعده شاعري جي عِلم وَ عُروض جي تربيت استاد محترم شاهنواز ”مسافر“ کان ورتي مون کي تمام گهڻو فخر آهي ته مون کي استاد شاهنواز ”مسافر“ جهڙو قابل استاد مليو.
ڪافي وقت کان سوچيندي رهيس ته پنهنجي تخليقي پورهيي کي ڪتابي شڪل ۾ آڻيان پر اِها منهنجي ذاتي سستي رهي ته شاعري ڇپائڻ جيترو ٽائيم به نه ڪڍي سگهيس، تقريباََ 2012ع ۾ چاچا ابراهيم جويو جن مون کان منهنجي شاعري ٻڌي هئي، ۽ لکت ۾ مون کانئن پنهنجي ڪتاب بابت ڪجهه لفظ پڻ لکرايا، مون کي محترم ابراهيم جويو صاحب جي اِها ڳالهه ڏاڍي پسند آهي ته هُو هميشه اتساهي رويه رکندا آهن، جڏهن هُنن منهنجي شاعريءَ جي تعريف ڪئي ته منهنجو لکڻ لاءِ چاهه وڌيڪ تيز ٿي ويو.
اڄ منهنجي من ۾ سَرهائيءَ جو اٿاهه سمونڊ ڇوليون ٿو هڻي ته مان پنهنجي تخليق کي سنڌي ادب ۾ شامل ڪرڻ جي قابل ٿي آهيان، اِها منهنجي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي، ڇو ته ادب جي اُڏام نهايت اونچي آهي. خبر نه اٿم ته منهنجي قلم جا پَــــرَ اِها اُڏام ساري سگهندا يا نه...!
مون کي هميشه پوپٽن، گُلن، برفباري، دريائن ۽ پُراڻن ماڳن مڪانن سان محبت رهي آهي، خبر نه اٿم ته اِهي قدرتي نظارا مون کي پاڻ ڏانهن ڇو ڇڪيندا آهن؟ ها پر اِهو ضرور ڄاڻان ٿي ته اِها نظارن جي ڇڪ لفظن ۾ پوئي شاعريءَ ۾ سينگارڻ سٺي لڳندي اٿم، پنهنجي اظهار ۽ احساسن کي لفظن جي خوبصورت پوشاڪ اوڍائي ڇڏيندي آهيان.
هميشه شاعري پنهنجي انفرادي وجود کان شروع ٿيندي آهي، بعد ۾ اُها اجتماعي طور تي عام لوڪ جي زبان ٺهي پوندي آهي. خواهشن جو پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ پنهنجي وس ۾ نه هوندو آهي پر خواب، اکين جي آکيرن ۾ سجائي خواهشون پيدا ڪرڻ پنهنجي وس ۾ ضرور هوندو آهي. شاعر يا تخليقڪار پنهنجي لاءِ به خواب ڏسندو آهي ۽ ٻين لاءِ به... مان خواب تمام گهڻا ڏسندي آهيان، مون ڪٿي پڙهيو هو ته ”Some people dream of success, while others wake up and work hard at it“ ۽ اهو سچ به آهي ته ”ڪجهه ماڻهو خواب ڏسن ٿا ۽ ٻيا ڪجهه انهن خوابن کي سچي ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا“ مان ڪوشش ڪندي آهيان ته ٻئي قسم جي ماڻهن ۾ شامل ٿيان... خواب ڏسندي رهان ۽ محنت ڪندي رهان ته جئين سپنن کي ساڀيان ملي سگهي.
منهنجو گهر وارو ڊاڪٽر محمد اسماعيل اڪثر مون کي چوندو آهي ته ”تون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪندي ٿي رهين، چپ ڪري ويهڻ ڪونه ٿو اچئي.“ سندس ان ڳالهه تي اڪثر کلي پوندي آهيان.
منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو، لاڙڪاڻو گهڻو پيارو اٿم، مون ڪيترو وقت مصوري به ڪئي آهي. پنهنجي اندر جا اُڌما، ارمان ۽ احساس رنگن ۽ ليڪن سان سانڍي رکڻ به ڪمال جو فن آهي، مون ڪيتريون ئي تصويرون ٺاهيون، ماڻهو چوندا هئا ته مان سُٺي مصوره آهيان، بس يڪايڪ هڪ ڀيرو رنگ ۽ بُرش ڇڏيم ته وري کين هٿ نه لاتم. منهنجا ٺاهيل پورٽريٽ ۽ تخليقون اڄ به منهنجي گهر جي ڊرائينگ روم ۾ سجيل آهن.
انسان ڪڏهن به هڪ حال ۾ نه ٿو رهي، اوسيئڙا انتظار، اظهار، يادگيريون، محبت، نفرت، حسن، ڪڏهن روح ۾ راحت ته ڪڏهن دنيا کان بيزاري انهن سمورن ڪيفيتن، شِدتن ۽ حقيقتن کي تخليق جي روپ ۾ خوبصورت لفظن سان سينگاري، شاعريءَ کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ادب جي صف ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. شاعريءَ ۾ رُڳو پنهنجا جذبه خواهشون ۽ خواب نه ٿا سانڍجن پر ٻين فردن جي آس نراس کي به بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مان تهه دل سان ٿورائتي آهيان چاچا محمد ابراهيم جويو ، چاچا ڄام ساقي، محترم استاد شاهنواز ’’مسافر‘‘، محترم عبدالغفار ’تبسم‘‘، پياري ڀاءُ مير نادر علي ابڙو، ڀاءُ ساجس سنڌي جي، جن مون لاءِ ۽ منهنجي شاعريءَ لاءِ قيمتي احساسن جي ورکا ڪئي.
مان نهايت مشڪور آهيان اداساجد سنڌي ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ، ڀاءُ سعيد سومري جي، جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ پنهنجو ڀرپور تعاون ڪيو. مان انهن سڀني دوستن، مائٽن جي به مشڪور آهيان، جيڪي وقت به وقت مثبت روين سان منهنجي حوصلا افزائي ڪندا آيا آهن.
مون کي ناهي خبر ته مان پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي پاندَ ۾ ٻَـــڌي پنهنجي احساسن کي ڳُـتڻ ۾ ڪامياب ويئي آهيان يا نه؟ بس هڪ ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته؛
”Little keys can open big locks“

زاهده تاج ابڙو
2016 ـ 02 ـ 02
قاسم آباد، حيدرآباد.
سنڌ