مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو ٻيو ڀاڱو ”آمريڪا، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا جون يونيورسٽيون“ اوھان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو تعليمدان، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي.
هي ڪتاب دنيا جي درسگاھن جي تعارفي سلسلي جو ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ ڪل 38 مضمون آهن جن مان پنجويهه آمريڪا، ست ڪئناڊا، پنج آسٽريليا ۽ هڪ ميڪسيڪو جي اعليٰ معياري يونيورسٽين بابت آهن. انھن يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو ٻيو)

مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

[b]
Massachusetts Institute of Technology (MIT)

مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀري آهي[/b]

اهو ته هر ڪوئي مڃي ٿو ته دنيا واقعي ننڍڙي ٿي وئي آهي، پر اوهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ڪيئن ۽ ڇو؟ ڀلا پنهنجن بزرگن ۽ وڏڙن واتان ٻڌل ڳالهيون ياد ڪيو. چوندا ها ته اڳي هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ وڏو وقت درڪار هوندو هو. گهر کان نڪتل ماڻهو سان رابطو تيستائين ممڪن نه هو جيستائين واپس موٽي اچي يا وري ڪو سندس چٺي چپاٽي کڻي وارثن تائين پهچائي. گهڻا مثال عربستان ڏانهن سفر جا هوندا ها. چون ته، ”بابا، اسان جو ڦلاڻو ڪي ڦلاڻو همراهه حج ڪرڻ لاءِ عربستان واري سفر تي نڪتو، مهينن جا مهينا پنڌ ڪري وڃي نيٺ پار پيو. ڪجھه مسافر ته پري وارن اهڙن سفرن ۾ منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي راهه رباني وٺندا ها“. هاڻي دنيا ننڍڙي ٿي وئي آهي، هزارن ميلن جا مفاصلا ڪلاڪن ۾ طئي ٿا ٿين. ماڻهو ڪيترو به پري هجي پر پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن سان چويهه ڪلاڪ ئي رابطي ۾ رهي ٿو، صرف فون يا ڪمپيوٽر تي ڪلڪ ڪرڻ جي دير آهي. انهيءَ کان علاوه ميڊيڪل ، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ٻين شعبن جي ترقي دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ جي ماڻهن تائين تيزيءَ سان پنهنجا فائدا پهچائي رهي آهي. آخرڪار اهو سڀڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو آهي؟ طوالت کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن جواب ۾ صرف ايترو ئي چئجي تڏهن به مناسب ٿيندو ته ”اهي تعليمي ادارا ئي آهن جن مان پيدا ٿيندڙ شعور ۽ تحقيق جي نتيجي ۾ نت نين ايجادن هر قسم جي مفاصلي کي ختم ڪري دنيا کي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان بڻائي ڇڏيو آهي“. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري جهان ۾ تدريس، تحقيق، ايجادن، دريافتن۽ ٽيڪنڪل اڳڀرائي واري حوالي سان مشهور آمريڪا جي خانگي يونيورسٽيءَ جو درجو رکندڙ ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ پڻ ”گلوبل وليج“ واري حيثيت ماڻيندڙ دنيا ۾ شاگردن ۽ اهل ِعلم ماڻهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻيل آهي. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز ريپوٽيشن ۽ رئڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ مطابق هي تعليمي ادارو نانءَ ۽ ناموس ۾ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي ۽ معيار واري حوالي سان پنجين نمبرتي بيٺل آهي. ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ کي MIT جي مختصر نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. تقريبن هر قسم جي سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ريسرچ وارو عمل هن اداري جو روح يا بنيادي مقصد آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اداري آمريڪا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري ترقيءَ ۾ ڪي ئي نمايان باب شامل ڪيا آهن، جيڪي تعريف سان گڏ تنقيد جو سبب پڻ بڻيا آهن. هن جي تعريف جوڳي تحقيق، ايجادن ۽ دريافتن ۾ عطارد Mercury)) سياري تي ماضيءَ ۾ پاڻياٺ نما مواد جي موجودگيءَ جي دريافت، ”وائرليس پاور ٽرانزميشن“ جي تياري، سج جي روشنيءَ کي توانائي وارن مقصدن لاءِ جمع ڪرڻ لاءِ کوجنا، ڪينسر جي روڪٿام لاءِ تحقيق، دنيا جي قديم ٻولين کي پڙهڻ لاءِ ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ جي تياري، مائڪرو وَيوِ ريڊار جي ايجاد، ”مئگنيٽڪ ڪور ميمري“ جي تياري جنهن جي ذريعي ڊجيٽل ڪمپيوٽر جي ايجاد ممڪن ٿي، تيز رفتار فوٽو گرافي، ”ائڪروبئٽڪ روبوٽڪ برڊ“ جي تياري، ”انرشل گائيڊنس سسٽم“ جي تياري، ميڊيڪل سائنسز ۾ وٽامن اَي ۽ پئنسلين جي ڪيميائي سينٿسز علاج لاءِ ”جينيٽيڪلي پروگرامنگ آف اِسِڪن سَيلس“ بابت اڳڀرائي هن اداري ۾ ٿيندڙ تحقيق جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهن. اهي سڀئي انساني ڀلائي جو محرڪ بڻيون آهن ۽ هن تعليمي اداري جي نيڪناميءَ کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچايو آهي. انهن سان گڏ هتان جو ڪجهه ٻيون ايجادون ۽ دريافتون جيڪي جيتوڻيڪ آمريڪا جي مفاد ۾ ته آهن پر سندن منفي اثرن ڪري دنيا ۾ تنقيد جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. جهڙوڪ MIT جو ملٽري ريسرچ وارو شعبو جيڪو جنگي استعمال ۾ ايندڙ اهڙي ساز و سامان، هٿيارن ۽ بارودن جي ايجاد ۾ اڳڀرو رهيو آهي جنهن جي استعمال سان ٻي عالمي جنگ توڙي ويٽنام واري جنگ ۾ هزارين جانيون اجل جو شڪار بڻيون ۽ بي تحاشا مالي نقصان پڻ ٿيو. نه رڳو اهو پر انهن جديد گولن بارودن، ميزائيلن، ۽ تباهي جي ٻئي سامان اڄ به آمريڪا ۽ ان جي ساٿاري ملڪن کي دنيا جي ٻين ملڪن مٿان ڀوتارڪو ڪردار ادا ڪرڻ جو خود ساخته اختيار ڏيندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو خود آمريڪا جي انسان دوست سائنسدانن جي تنظيم ”يونين آف ڪنسرنڊ سائنٽسٽس“ ۽ MIT جي شاگردن احتجاج ڪري انسٽيٽيوٽ جي انتظاميا تي زور وڌو ته اها ملٽري ريسرچ واري شعبي کان وڌيڪ ڌيان سماجي ۽ ماحولياتي معاملن ۽ مسئلن جي حل ڳولهڻ تي لڳائي. MIT جي سماجي سائنسز واري تدريسي شعبن ۾ پڻ وڏو ڪم ٿي رهيو آهي جهن جا سماج تي مثبت اثر رونما ٿي رهيا آهن جنهن لاءِ هتان جا استاد ۽ تحقيقڪار کيرون لهڻن. دنيا جو ناميارو فلاسفر ۽ لسانيات جو ماهر نئوم چومسڪي پڻ هن ئي اداري ۾ پروفيسر آهي . هن 1960ع ڌاري آمريڪا پاران ويٽنام تي مڙهيل جنگ جي خلاف هلايل تحريڪ ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هي دنيا ۾ قومي آزادين جو حامي ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪا جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو آهي. 168 ايڪڙن تي مشتمل ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ آمريڪا جي شهر ڪئمبرج ۾ چارلس نديءَ جي ڪنڌي تي 1860ع کان قائم آهي. ڪئمبرج، آمريڪا جي نيوانگلينڊ واري رياست مئسچوسٽس جي گاديءَ واري شهر باسٽن سان لڳولڳ وارو هڪ شهر آهي، جنهن تي اهو نالو به برطانيا جي ڪئمبرج واري شهر مان لڏ پلاڻ ڪري آيل ماڻهن رکيو هو. 1860ع ۾ سندس قيام کان اڄ تائين 150 سالن جي سفر ۾ هن اداري سان لاڳاپيل 78 شخصيتن مختلف شعبن ۾ پنهنجي نمايان ڪارڪردگي جي عيوض نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. MIT جي ٽيچنگ فئڪلٽي ۾ هاڻي به ڏهه نوبل انعام يافته استاد شامل آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ کان اڌ يا مني ڪلاڪ جي پنڌ تي واقع ”مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي“ ۾ سڀني جديد علمن جهڙوڪ؛ مٽيريل سائنسز ائنڊ انجنيئرنگ، ميڊيڪل انجنيئرنگ، ڪمپيوٽيشنل انجنيئرنگ، اليڪٽريڪل، سِوِلِ، ڪيميڪل، مڪينيڪل انجنيئرنگ، انرجي ائنڊ انوائرنمنٽل مئينجمنٽ، گلوبل چئنج سائنسز، سولجر نئنوٽيڪنالاجيز، نيوڪلئر سائنسز،مئنوفيڪچرنگ ائنڊ پراڊڪٽوٽي، انٽيگريٽِوِ ڪئنسر ريسرچ، ٽرانسپورٽيشن ائنڊ لاجيسٽڪ، آرڪيلاجيڪل مٽيريئلس، ڪمپيئريٽِوِ ميڊيسنس، بِرئين ائنڊ ڪاگنيٽِوِسائنسز، مئنيجمنٽ سائنسز، ارٿ، ائٽماسفيئرڪ ائنڊ پلانيٽري سائنسز، اوشنوگرافي، اپلائيڊ اوشن سائنس، مئٿميٽڪس، بايولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس، هيومنٽيز، ميوزڪ ائنڊ ٿيئٽر آرٽس، فارين لئنگوِجِزِ، ايڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، ائنٿراپالوجي، هسٽري ۽ سوشل سائنسز جا تدريس ۽ ريسرچ وارا ڊپارٽمنٽس، اسڪول، ڪاليج، انسٽيٽيوٽ، سينٽر، لئبارٽريون ۽ لائبريريون قائم آهن. هتي 3470 محقق، استاد ۽ سائنسدان مصروفِ عمل آهن ۽ ڪل 12 هزار شاگرد داخل آهن جن ۾ 170 ملڪن جا ساڍا ٽي هزار شاگرد به شامل آهن. هتان جي انٽرنيشنل شاگردن مان 51 سيڪڙو شاگرد ايشيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکن ٿا. MIT ۾ داخل ڪل شاگردن جي تعداد جو اٽڪل پنجاهه سيڪڙو آرٽس ۽ سوشل سائنسز جي مختلف شعبن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهائي ڪن ٿا. هن اداري ۾ پڙهائي، رهائش، کاڌي، قلم ڪاغذ ۽ ڪتاب جو ٿلهي ليکي ساليانو خرچ ڇاونجاهه لک روپيا ٿئي ٿو.MIT ۾ مستحق شاگردن جي مالي معاونت به ڪئي ويندي آهي جنهنڪري هتي پڙهندڙ ڪو به لائق ۽ مستحق شاگرد مالي مسئلي جي ڪري تعليم کان محروم نه ٿو ٿئي. هن سال به هتان جا اٽڪل چوهٺ سيڪڙو شاگرد اسڪالرشپ جي سهوليت سان مستفيض ٿي رهيا آهن. مئسچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ پڙهائي سان گڏ شاگردن لاءِ متحرڪ ۽ پُرُلطف زندگيءَ ۽ مزيدار ماحول جو به وڏو اهتمام ٿيل آهي. هتي جي اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ ۽ ڪلچرل سرگرمين جا سرواڻ شاگردن جي ذهني ۽ جسماني نشونما لاءِ دل جي ڪشادگيءَ سان بندوبست ڪندا رهن ٿا. ڊانس، ميوزڪ، آرٽس، ٿيٽر، ادب، شاعري ۽ ثقافتي رنگن سان سينگاريل شاگردن جا 350 گروپ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن پروگرام جو اهتمام ڪندا رهن ٿا. هتي پاڪستان اسٽوڊنٽس سوسائٽي پڻ آهي جنهن جي موجوده صدر ڪراچي سان تعلق رکندڙ بايولاجيڪل انجنيئرنگ جي شاگردياڻي منيزه پٽيل آهي. جڏهن ته اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شاگردياڻي وارده امام نائب صدر ۽ عارفه شفقت سيڪريٽري جنرل آهن. ايم آءِ ٽي جي ريڊيو سروس ۽ اخبار شاگردن کي هر سرگرمي بابت آگاهه ڪندا رهندا آهن. شاگرد يونين پاران مختلف موضوعن تي منعقد ٿيندڙ دنيا جي مختلف شخصيتن جا ليڪچر پڻ شاگردن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. هي ادارو”نان فار پرافٽ“ آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کي هڪ خانگي ”بورڊ آف ٽرسٽيز“ هلائي ٿي جنهن جا ڪل 43 ميمبر آهن جن کي پنجن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي.
دنيا جي ڪيترن ئي ناميارن سائنسدانن سياست ۽ حڪومتي ڪار وهنوار سان واڳيل ڪيتريون اهم شخصيتن هتان تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڪستان جي قائد اعظم يونيورسٽي جي پروفيسر، دانشور ۽ نيوڪليئر فزڪس جي سائنسدان ڊاڪٽر پرويز هود ڀائي سميت اقوام متحده جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان، ايران جي اڳوڻي نائب صدر محمد علي نجفي، اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، يونان جي اڳوڻي نائب وزير اعظم لوڪس پئپديموس، ڪوسٽيريڪا، ڪولمبيا ۽ سنگاپور جي اڳوڻن صدرن ترتيبوار جوس فيريئر، ورگليو بارڪو ۽ ٽوني تان ڪينگ يام پڻ هتان تعليم حاصل ڪئي آهي. جيڪڏهن اوهان به هتي پڙهڻ چاهيو ته اهو به پختي ارادي، محنت ۽ ميرٽ وسيلي ممڪن ٿي سگهي ٿو.


(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 اپريل 2013ع)