يونيورسٽي آف ٽورنٽو
يونيورسٽي آف ٽورنٽو
جنهن جا 14 اڳوڻا شاگرد وزيراعظم ٿيا[/b]
ڪئناڊا جي ٽورنٽو شهر ۾ پنهنجي ٻارن ٻچن سان مستقل طور رهندڙ ڏوڪري تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ منهنجي شاگرد دوست ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا، ٽورنٽو جي نائب صدر ڊاڪٽر راشد پيرزادي جڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه دوران مون کي اهو ٻڌايو ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ پيو اچي ته مان کيس لاڙڪاڻي اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو هو ته هو پنهنجي انهيءَ دوري دوران ٿورو وقت منهنجي اداري ناليج سينٽر لاءِ به ڪڍي ۽ هتي پڙهندڙ شاگردن کي به پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد، ڪاميابين ۽ حاصلاتن سان گڏ ڪئناڊا ۾ تعليم ۽ روزگار جي موقعن بابت آگاهه ڪري ۽ اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏئي. جڏهن هو گذريل سال ڊسمبر واري مهيني ۾ هتي آيو ته ناليج سينٽر ۾ شاگردن سان به مخاطب ٿيو ۽ مون سان به ڪئناڊا ۽ اتي جي تعليم جي حوالي سان تفصيلي حالي حوالي ٿيو. ڊاڪٽر راشد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان اينيمل هسبنڊري ائنڊ ويٽرنري سائنس ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. هو اتي اسان جي سٺن شاگردن ۾ شامل هئو. بعد ۾ پاڪستان حڪومت جي مئرٽ اسڪالرشپ حاصل ڪري برطانيا جي نارٿ وئلز يونيورسٽي بئنگر مان پي ايڇ ڊي ڪري واپس اچي ڪجهه وقت پاڪستان ۾ نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ اڄ کان ڏهه سال اڳ هو ڪئناڊا هليو ويو. ڪجهه عرصو آمريڪا جي فلوريڊا رياست جي شهر ٽيمپا جي اينيمل هاسپيٽل ۾ به نوڪري ڪيائين. ڊاڪٽر راشد پيرزادو اڄڪلهه ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي گادي واري شهر ٽورنٽو ۾ مستقل طور پنهنجي جانورن جي اسپتال هلائي ٿو ۽ هو اتان جو پهريون ڪامياب سنڌي ويٽرنري ڊاڪٽر آهي.
ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو جو هڪ خاص حوالو يونيورسٽي آف ٽورنٽو پڻ آهي جيڪا گذريل پوڻِيُن ٻن صدين کان تعليم ۽ تحقيق ذريعي ڪئناڊا جي ترقيءَ ۽ نيڪناميءَ ۾ اضافو ڪندي رهي آهي. ٽورنٽو يونيورسٽي تعليم، تحقيق ۽ ان عمل مان حاصل ٿيندڙ پيداوار ۽ ڪمرشل خدمتن جي عيوض حاصل ڪيل ناڻي مان پنهنجي ملڪ جي معيشت ۾ هر سال 16 ارب ڊالرن جو ڪنٽريبيوشن ڏئي ٿي. 1921ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فيڊرڪ گرانٽ بئينٽنگ ”ذيابيطس“ (شوگر جي بيمار) جي علاج لاءِ ”انسولن“ واري دوا دريافت ڪري دنيا ۾ پنهنجي ۽ يونيورسٽيءَ جي نانءَ ۽ ناموس ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هن ئي يونيورسٽي جي استادن ارنيسٽ مئڪ، جئمس ٿل، ۽ جان ڊڪ تحقيق ذريعي پهريون ڀيرو ڪئنسر جا اسٽيم سيل دريافت ڪيا آهن جن جي بنياد تي ڪئنسر جي موذي مرض جو علاج ڳولهڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. يونيورسٽي آف ٽورنٽو جي ٻين تحقيقي دريافتن ۾ ”سنگل لَنگ ٽرانسپلانٽ“، ”اليڪٽرانڪ هارٽ پيس ميڪر“، ”الزهيمر“ بيماري جي جِين جي دريافت ”ٽي سيل“ جي جِين جي ڪلوننگ ۽ دنيا جي پهرين ”نَرِوِ ٽرانسپلانٽيشن“ شامل آهي. ٽورنٽو يونيورسٽي جي اها به هڪ انفرادي خاصيت آهي ته هتي هر شاگرد کي داخلا جي پهرئين سال کان ئي استادن جي نگرانيءَ ۾ تحقيق واري ڪم سان لڳايو ويندو آهي. هتان جي شاگردن کي ”ريسرچ اپرچونٽي پروگرام“ تحت اهم تدريسي شعبن ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن به موڪليو ويندو آهي. يونيورسٽيءَ ۾ قائم ”بيسٽ سينٽر فار انوويشن ائنڊ انٽرپرينيورشپ“ ۽ اهڙا ٻيا ادارا استادن ۽ شاگردن جي ريسرچ پراڊڪٽ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪندا آهن. يونيورسٽي جي تحقيقي شعبي جي ملڪي صنعتن سان پارٽنرشپ آهي جن جي ذريعي يونيورسٽي پاران ڪيل نت نين ايجادن کي اتر آمريڪا جي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو وڃي ٿو ۽ اهي شهرين جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجنديون رهن ٿيون. يونيورسٽي آف ٽورنٽو شهرين ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ خدمتن لاءِ پڻ جامع پروگرام ذريعي ٻين ادارن سان گڏجي پيئڻ جي پاڻي، دائمي انرجي ۽ هيلٿ ڪيئر لاءِ خدمتون سر انجام ڏيندي رهي ٿي. انهيءَ ڏس ۾ يونيورسٽي سان لاڳاپيل 10 اسپتالون پڻ قابلِ ذڪر آهن. يوينورسٽي آف ٽورنٽو جي اڳوڻن شاگردن مان 14 ڄڻا ڪئناڊا جا وزيراعظم بڻيا آهن ۽ ڪيترن ئي ٻين شاگردن مختلف شعبن جي ماهر طور مڃتا حاصل ڪئي آهي. هن يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڇهن شخصيتن کي نوبل انعام ملي چڪا آهن. يونيورسٽي آف ٽورنٽو کي ”يو آف ٽي“ جي مختصر نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. ٽائيمزس هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز رئنڪنگ جي 2013ع واري رپورٽ موجب دنيا جي معياري يونيورسٽين ۾ ٽورنٽو يونيورسٽي 16 نمبر تي آهي. يونيورسٽيءَ جي پريزيڊنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ڊيوڊ نائيلر موجب ”هيءَ يونيورسٽي سهولتن، سرگرمين، ثقافتن، ٻولين جي گھڻائي ۽ متحرڪ زندگيءَ جي پيشِ نظر ٽورنٽو شهر ۾خود هڪ شهر وانگر آهي“.
يونيورسٽي آف ٽورنٽو 1827ع ۾ قائم ڪئي وئي. هن جي قيام جي قصي کي سمجهڻ لاءِ ڪئناڊا جي تاريخ تي به سرسري نگاهه وجهڻي پوندي. اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته يورپ جي ڪجهه ٻين قومن جيان برطانيا جي انگريزن نه رڳو ايشيا جي ملڪن تائين پنهنجي قبضي ۽ اقتدار جا هٿ ڦهلايا هيا پر آفريڪا ۽ آمريڪا کنڊن جا ڪيترا ئي ملڪ به سندن تجارتي، قبضاگيري ۽ اقتداري شوق جو شڪار رهيا آهن. اتر آمريڪا کنڊ ۾ يونائيٽڊ اسٽيٽس (متحده رياستن) سميت ڪئناڊا جي ڌرتي به سندن قبضي هيٺ رهي آهي. سورهينءَ صديءَ ۾ موجوده ڪئناڊا وارن ڪيترن ئي صوبن ۽ علائقن تي فرانس جو غلبو هو پر پوءِ 1763ع ۾ پئرس معاهدي تحت فرانس اهي سڀئي علائقا برطانيا سلطنت جي حوالي ڪيا جيڪي 1867ع تائين الڳ الڳ ڪالونيءَ جي حيثيت سان برطانيا جي ڪنٽرول ۾ رهيا. پهرين جولاءِ 1867ع ۾ برطانيا جي قبضي هيٺ آيل اتر آمريڪا جي ٽن ڪالونين کي ملائي، ان کي فيڊريشن آف ڪئناڊا جو نالو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح اتر آمريڪا ۾ ڪئناڊا جي نالي سان هڪ ملڪ نروار ٿيو. ڪئناڊا ۾ هر سال پهرين جولاءِ واري ڏينهن کي ”ڪئناڊا ڊي“ طور ملهايو وڃي ٿو ۽ هن ڏينهن تي ڪئناڊا ۾ عام موڪل هوندي آهي. 1931ع ۾ ”اسٽيچوٽ آف ويسٽمنسٽر“ هيٺ ڪئناڊا مٿان برطانوي راڄ کي جزوي ختم ڪري ان کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ڏني وئي. 1982ع ۾ ”ڪئناڊا ائڪٽ“ جي ذريعي ڪئناڊا جا مڪمل اختيار ان جي پارليامنٽ حوالي ڪيا ويا. ڪئناڊا اتر آمريڪا جي اترئين حصي ۾ واقع آهي. هن ۾ 10 صوبا ۽ ٽي ٽيريٽريز آهن. ڪئناڊا اڄڪلهه دنيا جو وڌ ۾ وڌ بين الثقافتي ۽ گهڻ مذهبي ملڪ آهي جتي دنيا جي تقريبن سڀني ملڪن جا ڪيترائي ماڻهو آباد آهن. اڄ کان 500 سال اڳ هيءَ ڌرتي ڌاري آبادڪاريءَ کان پاڪ هئي ۽ هتي صرف ڪئناڊا جا اصلوڪا رهاڪو آباد هيا جيڪي ٽن ڪئٽيگرين ۾ سڃاتا ويندا هيا جهڙوڪ ”انڊئين“، ”انيوٽ“ ۽ ”ميٽس“. ڪرسٽوفر ڪولمبس نارٿ آمريڪا واري سموري علائقي کي انڊيا سمجهي ان جي رهاڪن کي انڊين سڏيو هو. اصلوڪا رهاڪو 35 مختلف ٻوليون ڳالهائيندا هيا. انهن جي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪئناٽا“ مان ڪئناڊا ۽ ”ٽڪرانٽو“ مان ٽورنٽو مشهور ٿيو. اصلوڪن رهاڪن کي ”فرسٽ نيشن“ يا ”فرسٽ پيپل آف ڪئناڊا“ سڏيو وڃي ٿو. اصلوڪا رهاڪو اڄڪلهه ڪئناڊا جي آباديءَ جو اٽڪل چار سيڪڙو آهن باقي ٻي سموري آبادي دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪئناڊا جي ڪل آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 58 سيڪڙو آبادي انگريزن ، 22 سيڪڙو فرانسين ۽ 20 سيڪڙو دنيا جون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي. انگلش ۽ فرينچ ڪئناڊا جي سرڪاري ٻوليون آهن.
يونيورسٽي آف ٽورنٽو جي قيام جو قصو هن ريت آهي ته ڪئناڊا جي منتشر علائقن مٿان قابض برطانوي حڪومت اڃا هنن علائقي کي فيڊريشن آف ڪئناڊا وارو درجو نه ڏنو هو. ان کان 40 سال اڳ ڪئناڊا صوبي جي ليفٽيننٽ گورنر جان سمڪوءِ ۽ چرچ جي پيشوا جان اسٽرچن جي ڪوششن سان 1827ع ۾ يورڪ شهر (هاڻوڪو ٽورنٽو) ۾ ”ڪِنگس ڪاليج“ قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج جي قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به هئو ته جيئن ڪئناڊا وارين برطانوي ڪالونين جي شاگردن کي آمريڪا جي رياستن مان تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪجي ڇو ته اتي جي ادارن ۾ سياست هئي ۽ نصاب ۾ برطانيا ۽ انگريزن لاءِ نفرت وارو مواد پڙهايو پئي ويو. ڪاليج جي 25 سالن جي ڪامياب ڪارڪردگيءَ کان پوءِ برطانيا جي راڻيءَ جي آشيرواد سان هن جي درجي ۾ واڌارو ڪري پهرئين جنوري 1850ع تي ”يونيورسٽي آف ٽورنٽو“ ٺاهي وئي ۽ ڪنگس ڪاليج کي ان ۾ ضم ڪيو ويو. اڄڪلهه ٽورنٽو يونيورسٽي ٽن ڪئمپسن تي مشتمل آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ 81 هزار شاگرد پڙهن پيا جن ۾ مقامي شاگردن سميت 12 هزار انٽرنيشنل شاگردن پڻ شامل آهن. هتي پڙهندڙ، دنيا جي ڏيڍ سئو ملڪن جي شاگردن ۾ پاڪستان جا 206 شاگرد به شامل آهن. ٽورنٽو يونيورسٽيءَ جي سينٽ جارج علائقي واري ڪئمپس کي 7 ڪاليج، 15 فئڪلٽيون ۽ اسڪول آف گريجوئيٽ اسٽڊي آهي. يونيورسٽي جي ٻي ڪئمپس اسڪاربارو واري علائقي ۾ آهي ۽ ٽين ڪئمپس مسيسئوگا شهر ۾ آهي. يونيورسٽيءَ ۾ سائنس، ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر، آرٽس، ميوزڪ، سوشل سائنسز ۽ بزنس مئنيجمنٽ جي سڀني جديد ۽ ڪلاسيڪي علمن جي 85 شعبن سان گڏ، 44 لائبريريون، 800 اسٽوڊنٽس ڪلب ۽ يونيون، تجارتي مرڪز، اسپتالون، اسپورٽس، انٽرٽينمنٽ، پبلشنگ ۽ ڪلچرل سينٽر آهن.
سنڌ مان ڪئناڊا پڙهائي لاءِ ويندڙ نوجوان اتي پڙهڻ سان گڏ اتان جي ڪلچر، ماڳن ۽ مڪانن کان به لطف اندوز ٿي سگھن ٿا ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ نامور سنڌين جهڙوڪ ڊاڪٽر راشد پيرزادو، فياض سومرو، درشن لال ۽ ٻين کوڙ سارن جي صحبت، صلاحن ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ پاڻ لاءِ به اتي سونهري موقعن جي تلاش ڪري سگهن ٿا. فياض سومرو ڪيترن ئي سالن کان ڪئناڊا مان ”انڊس ايشيا آن لائين“ جي نالي سان انٽرنيٽ تي هڪ جرنل شايع ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي خبرن کي نمايان ڪري پيش ڪندو آهي. درشن لال اصل ۾ لاڙڪاڻي جي اوڏ ڪميونٽيءَ سان تعلق رکي ٿو، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ مان انجنئرنگ ۾ ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ مستقل طور ڪئناڊا ۾ مقيم آهي. بهرحال تعليم، تحقيق ۽ ترقيءَ جا موقعا ته موجود آهن بس رڳو محنت، همٿ ۽ حوصلي جي ضرورت آهي.
[b] (ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 24 جولاءِ 2013ع)
[/b]