عظيم منصوبه ساز : ڪلاڊ ايم- هيٿ وي (انجنيئر)
توڙي جو شروع شروع ۾ الله پاڪ جي باري ۾ منهنجو علم، بنهه عقل پرستيءَ تي منبي هيو، پر هاڻي خود منهنجي دل ان ذات جي وجود جي گواهي ڏيڻ لڳي آهي ۽ ان عقلي استدلال ۽ شاهدين کي منهنجيءَ نظر ۾ فضول بڻائي ڇڏيوآهي. جن ماڻهن کي ان جو تجربو نه ٿيو هجي، انهن جي لاءِ ڀلي اهڙا تجربا ناقابل يقين يا ناقابل فهم هجن، پر تجربي مان لاڀ ماڻيندڙ ماڻهو انهن کي بلڪل معقول سمجهندا. مون اهو معلوم ڪيو آهي ته خدا ئي صرف اهڙي ذات آهي، جيڪا انساني روح جي گهرجن کي پورو ڪري سگهي ٿي.
آگسيٽن جي چوڻ موجب:
”تون اسان کي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. اسان جا روح تيستائين بي قرار رهندا آهن، جيستائين تنهنجو وصال انهن کي سڪون سان واسي نه ڇڏي.“
هاڻي منهنجن عقيدن جي عقلي ۽ استدلالي بنيادن جو به مختصر بيان ٻڌو:
مان سڀ کان پهريان هڪ سادي حقيقت اها ٿو بيان ڪرڻ چاهيان ته هر خاڪو، هڪ خاڪي ٺاهيندڙ، هر نقشو، هڪ نقشي ٺاهيندڙ ۽ هر منصوبو، هڪ منصوبي ٺاهيندڙ جي وجود جو ڏس ڏئي ٿو. اها تمام سادي حقيقت آهي جنهن جي تائيد، انجنيئرنگ جي تجربن به ڪئي آهي. سالن جي تجربي، جيڪو مشينن ۽ بجليءَ جي مختلف ڪمن جي منصوبه بنديءَ جي بنياد تي حاصل ٿيو آهي، مون کي ان جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي ته جتي به ڪو عمدو نقشو يا منصوبو ڏسڻ ۾ اچي، ان جي ٺاهيندڙ جي تعريف ۽ واکاڻ ڪجي. اهڙين حالتن جي ڪري منهنجي لاءِ اها ڳالهه ناقابل تصور آهي ته: اسان جي چوڌاري جيڪو خوبصورت نقشو يا منصوبو موجود آهي، اهو ڪنهن نقشي ٺاهيندڙ ۽ منصوبي ٺاهيندڙ کانسواءِ ئي وجود جي جهان ۾ اچي ويو آهي! اهو دليل پراڻو ضرور آهي، پر جديد سائنس ان کي نئين طاقت ۽ تازگي ڏئي ڇڏي آهي. هڪ انجنيئر، ربط ۽ نظم جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. هو انهن ڏکيائين جو چڱيءَ ريت اندازو ڪري سگهي ٿو، جيڪي ڪنهن منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ ۾ پيش اينديون آهن. اهوئي منصوبي جي سونهن جو صحيح اندازو ڪري سگهي ٿو، ڇو جو ان جو خود اهڙن ڪمن سان واسطو پوندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ، مون کي بجليءَ تي هلندڙ هڪ مشين جو خاڪو ٺاهڻو هيو، جيڪو حسابن جا مشڪل سوال، تڪڙا حل ڪري سگهي. اهو مشڪل مسئلو هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين جي ايجاد ذريعي حل ڪيو ويو، جيڪا اڃا تائين فيلڊ ۾ نيشنل ايڊوائيزري ڪميٽيءَ جي دفتر ۾ ڪم ڏئي رهي آهي. ان مشين تي سال به سال ڪم ڪرڻ ۽ ان جي مدد سان خاڪه سازي ۽ منصوبه سازيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ کان پوءِ مان سوچي به نه پئي سگهيم ته اهڙي عمدي مشين ڪنهن ذهين منصوبي ساز کانسواءِ وجود ۾ اچي سگهي ٿي.
اسان جي چوڌاري ربط ۽ تنظيم ۽ منصوبي سازيءَ جو وسيع تر نمونو ڪائنات جي صورت ۾ ڦهليل آهي، جيڪو هر پابنديءَ کان آزاد به آهي ۽ مربوط به آهي ۽ منهنجي ايجاد ڪيل مشيني دماغ کان وڌيڪ پيچيده آهي. جيڪڏهن منهنجي پيدا ڪيل مشين کي هڪ مصنوبي ساز يا ايجاد ڪندڙ جي ضرورت هئي ته منهنجي جسماني مشين، جنهن ۾ نباتاتي، طبيعياتي ۽ ڪيمياوي پيچيدگيون هجن ٿيون، تهائين وڌيڪ بهترين ڪارساز ۽ منصوبي ساز جي محتاج آهي.
نقشو، منصوبو، انتظام- جيڪو به نالو ان کي ڏجي، ٻن سببن جي ڪري ئي وجود ۾ ايندو آهي، اتفاق يا منصوبه بندي! ان جي نظم ۽ ربط ۾ جيتري وڌيڪ پيچيدگي هوندي، اوترو ئي حادثي يا اتفاق جو عمل دخل ان ۾ گهٽ هوندو. اسين جهڙي قسم جي منصوبي ۽ جهڙي تنظيم جي درميان آهيون، ان جي موجودگيءَ ۾، خدا تي ايمان رکڻ کانسواءِ ڪوئي چارو ڪونهي.
ٻيو نقطو- جيڪو هتي بيان ڪري سگهجي ٿو، اهو هي آهي ته ڪائنات جي منصوبابنديءَ جي لاءِ هڪ اهڙو منصوبي ساز گهربل آهي، جيڪو فوق الفطرت هجي. منهنجو ايمان آهي ته: خدا، فوق الفطرت آهي. ڇاڪاڻ جو ماهر طبيعيات جي حيثيت سان، مون کي هڪ فوق الفطرت ”علت اوليٰ“ تي لازمي طور تي ايمان آڻڻو پوي ٿو. منهنجو فلسفو، مون کي فوق الفطرت تي ان لاءِ يقين ڪرڻ سيکاري ٿو جو اهو طبيعي حواس سان محسوس نه ٿو ڪري سگهجي. تنهن ڪري، اڌ پڙهيلن لاءِ ان جي وجود کان انڪار ڪرڻ آسان هوندو آهي.
****