خدا- هڪ بلند ترين نصب العين : ابوالڪلام آزاد
اڊمنٽس سوال پچيو ته: شاعرن جو ذڪر ڪندي بيان جي ڪهڙي پيرا اختيار ڪرڻ گهرجي؟
سقراط: هر حال ۾ خدا جي اهڙي وصف بيان ڪرڻ گهرجي، جهڙو هو پنهنجيءَ ذات ۾ آهي. ڀلي قصصي شعر هجي يا غنائي! ان کان علاوه ان ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي ته خدا جي ذات صالح آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته ان جون صفتون به صالح ۽ مبني برحق هجن.
انڊمنٽس: اهو ٺيڪ آهي.
سقراط: ۽ اهو به ظاهرآهي ته جيڪو وجود صالح هوندو ان مان ڪا به نقصان ڏيندڙ ڳالهه صادر ٿي نه ٿي سگهي ۽ جيڪا هستي نقصان ڏيندڙ نه هوندي، اها ڪڏهن به شر جي جوڙڻهار ٿي نه ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح اها ڳالهه به ظاهر آهي ته جيڪا ذات صالح هوندي ضروري آهي ته نفعو ڏيندڙ به هجي. تنهن ڪري معلوم ٿيو ته خدا صرف خير جي علت آهي، شر جي علت نه ٿو ٿي سگهي.
اڊمنٽس: ٺيڪ آهي!
سقراط: ۽ اتان اها ڳالهه به واضح ٿي وئي ته خدا جو سمورن حادثن ۽ افعال جي علت هجڻ ممڪن ڪونهي. جيئن گهڻو ڪري مشهور آهي! بلڪه هو، انساني حالتن جي بنهه ٿوري حصي جي علت آهي. ڇو جو اسين ڏسون ٿا ته اسان جون چڱايون، مداين کان گهڻيون آهن ۽ برائيءَ جي علت، خدا جي صالح ۽ نافع هستي ٿي نه ٿي سگهي. تنهن ڪري گهرجي ته صرف چڱائيءَ کي ئي ان ڏانهن منسوب ڪريون ۽ برائيءَ جي علت ڪنهن ٻئي هنڌ ڳولهيون.
اڊمنٽس: مان محسوس ٿو ڪريان ته اها ڳالهه بلڪل واضح آهي.
سقراط: ته هاڻي ضروري آهي ته اسين شاعرن جي اهڙن خيالن سان متفق نه ٿيون، جهڙا خيال، ”هومر“ جي هيٺين شعرن مان ظاهر ٿي رهيا آهن.
...”مشتريءَ جي ڏيوڍيءَ ۾ ٻه پيالا پيل آهن، هڪ خير جو آهي، هڪ شر جو. اهي ئي انسان جي ڀلائي ۽ برائيءَ جون سموريون علتون آهن، جنهن انسان جي هٿ ۾ خير جي پيالي مان شراب چڪي اچي وئي، ان جي لاءِ سڀ خير آهي؛ جنهن جي حصي ۾ شر جي چڪي اچي وئي، ان جي لاءِ سڀ شر آهي. وري جنهن کي ٻنهي مان گڏيل سڏيل ڍڪڙو مليو ته ان جي حصي ۾ چڱائي ۽ مدائي ٻئي اچي ويا...“
...وري اڳتي هلي، سقراط اشارو ڪيو آهي جنهن ۾ ان کان انڪار ڪيو اٿس ته: ”خدا، هڪ بازيگر ۽ ٻهروپي وانگر ڪڏهن هڪ ويس ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ٻئي ويس ۾!
يوناني ڏاهن جي تصور مطابق انهيءَ جي اها سڀ کان بهتر تشبيهه آهي، جيڪا افلاطون جي قلم مان نڪتي آهي. اها تشبيهه، خدا جي متشڪل هجڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ سطحي ۽ خسيس صفتن کان به پاڪ، هڪ تخيل پيش ڪري ٿي. پر مجموعي حيثيت ۾ اعليٰ ۽ احسن صفتن جو به ڪو بالاتر تصور نه ٿي رکي ۽ خير ۽ شر جو سُٽ سلجهائڻ کان به مورؤن عاجز آهي. کيس مجبوراً اهو عقيدو پيدا ڪرڻو پيو ته، حوادثِ عالم ۽ انساني افعال جو غالب حصو، ”خدا جي وس جي دائري کان ٻاهر آهي. ڇو جو دنيا ۾ غلبو شر جو آهي نه ڪي خير جو! ۽ خدا کي شر جو جوڙڻهار نه هئڻ گهرجي.“
مطلب ته ڇهين صدي عيسويءَ ۾ دنيا ۾ خدا پرستانه زندگيءَ جا تصورات ان حد تائين پهتا هيا جو قرآن نازل ٿيو.
هاڻي غور ڪريو ته قرآن جي تصور الاهي جو ڇا حال آهي؟ جڏهن اسين انهن سمورن تصورن جي مطالعي کانپوءِ قرآن جي تصور تي نظر وجهون ٿا ته صاف نظر اچي ٿوته تصور جي سمورن عنصرن ۾ ان جي جاءِ سڀ کان الڳ ۽ بلندتر آهي.
شاگرديءَ جي زماني ۾، فلسفو منهنجي دلچسپيءَ جو خاص موضوع رهيو آهي. عمر سان گڏوگڏ اها دلچسپي به لاڳيتو وڌندي رهي. پر تجربي مان معلوم ٿيو ته عملي زندگيءَ جون تلخيون گوارا ڪرڻ ۾ فلسفي مان ڪا گهڻي مدد ملي نه ٿي سگهي. فلسفو، بي شڪ طبيعت ۾ هڪ قسم جي رواقي (Stoical) بي پرواهي پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ اسين زندگيءَ جي حادثن ۽ المين کي عام سطح کان مٿڀرا ٿي ڏسڻ لڳندا آهيون، پر ان سان زندگيءَ جي طبعي اثر پذيرين جا سٽ سلجهائي نه ٿا سگهجن. فلسفو اسان کي هڪ قسم جي تسڪين ضرور ڏئي ٿو، پران جي تسڪين، مورؤن سلبي/منفي هوندي آهي. ايجابي/مثبت تسڪين کان ان جي جهولي هميشه خالي رهي آهي. فلسفو، فقدان جو افسوس گهٽائي ڇڏيندو، پر حاصلات جي به ڪائي اميد ڪو نه ڏيندو. جيڪڏهن اسان جون راحتون اسان کان ڇنيون ويون آهن ته فلسفواسان کي ”ڪليلة دمنه“ جي ڏاهي جهرڪيءَ وانگر نصيحت ڪندو ته: لاتأس عَليٰ مافات: ”جيڪو ڪجهه وڃائي ويٺو آهين ان تي افسوس نه ڪر.“ پر، ڇا ان وڃائڻ سان گڏ ڪجهه ماڻڻ به آهي؟ ان ڏس ۾ هو اسان کي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي. ڇو جو ٻڌائي نه ٿو سگهي ۽ ان ڪري زندگيءَ جون تلخيون گوارا ڪرڻ جي لاءِ صرف ان جو سهارو ڪافي نه ٿيو.
سائنس، عالم محسوسات جي ثابت ٿيل حقيقتن کان اسان کي آشنا ڪري ٿي ۽ مادي زندگيءَ جي بي رحم جبريت (Physical Deteminisn) جو ڏس ڏئي ٿي. تنهن ڪري عقيدي جي تسڪين سائنس جي بازار ۾ به نه ٿي ملي سگهي. سائنس، يقين ۽ اميد جا سمورا ڏيئا وسائي ڇڏيندي، پر ڪو نئون ڏيئو به ڪو نه ٻاريندي. هاڻي ڀلا اسين زندگيءَ جي اڻ وڻندڙ حقيقت ۾سهاري جي لاءِ نهاريون ته آخر ڪيڏانهن نهاريون؟
کون ایسا ہے جسے دست ہو دل سازی میں
شیشہ ٹوٹے تو کریں لاکھ ہنر سے پیوند
بهرحال اسان کي مذهب ڏانهن واجهائڻو پوي ٿو. اهائي ديوار آهي، جنهن کي هڪ زخمي پٺي ٽيڪ لڳائي سگهي ٿي.
بي شڪ، مذهب جي اها پراڻي دنيا، جنهن جي مافوق الفطرت ڪارفرماين جو يقين اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل رهندو هو، هاڻي اسان جي لاءِ باقي نه رهي. هاڻي مذهب به اسان جي سامهون اچي ٿو ته عقليت ۽ منطق جي هڪ سادي ۽ بي رنگ چادر اوڍي اچي ٿو ۽ اسان جي دلين کان وڌيڪ اسان جي دماغن کي مخاطب ڪرڻ چاهي ٿو. پوءِ به تسڪين ۽ يقين جو سهارو ملي سگهي ٿو ته ان مان ئي ملي سگهي ٿو.
فلسفو، شڪ جو دروازو کولي ڇڏيندو ۽ پوءِ ان کي بند ڪري نه سگهندو. سائنس ثبوت ڏيندي پر عقيدو نه ڏئي سگهندي، پر مذهب اسان کي عقيدو ڏئي ڇڏيندو آهي توڙي جو ثبوت ناهي ڏيندو ۽ هتي زندگي گهارڻ جي لاءِ ڇڙو ثابت ٿيل حقيقتن جي ئي ضرورت ناهي، بلڪه عقيدي جي به ضرورت آهي. اسين صرف انهن ڳالهين تي ڀاڙي نه ٿا سگهون، جيڪي ثابت ڪري سگهندا هجون ۽ ان ڪري مڃيندا هجون، بلڪه اسان کي ڪجهه ڳالهيون اهڙيون به گهرجن جن کي ڀلي ثابت نه ڪري سگهجي پر مڃڻو بهرحال پوي ٿو.
عام حالتن ۾ انسان کي مذهب، ان جي خانداني ورثي سان گڏ ملندو آهي ۽ مون کي به مليو، پر مان موروثي عقيدن تي قناعت ڪري نه سگهيس. جيتري سيرابي مذهب ڏئي پئي سگهيو، منهنجي اڃ ان کان وڌيڪ نڪتي! مون کي پراڻن رستن مان نڪري پنهنجون نيون راهون ڳولهڻيون پيون. زندگيءَ جا اڃا پندرهن سال ئي پورا نه ٿيا هئا جو طبيعت نون کٽڪن ۽ نئين جستجوءَ کان آشنا ٿي چڪي هئي ۽ موروثي عقيدا، جنهن شڪل ۽ صورت ۾ اچي سامهون بيٺا هئا، انهن تي مطمئن ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ لڳي هئي. پهريان اسلام جا اندروني اختلاف سامهون آيا ۽ ان جي ٽڪرائجندڙ دعوائن ۽ الجهيل فيصلن حيران ۽ ماندو ڪري ڇڏيو. وري جڏهن ڪجهه وکون اڳتي کنيم ته خود نفس مذهب جا عالمگير جهيڙا سامهون اچي ويا ۽ انهن حيرانيءَ کان شڪ تائين ۽ شڪ کي انڪار تائين پهچائي ڇڏيو. وري ان کان پوءِ مذهب ۽ علم جي ملاوٽن جو ميدان ظاهر ٿيو ۽ ان رهيو کيو عقيدو به وڃائي ڇڏيو. زندگيءَ جا اهي بنيادي سوال، جيڪي عام حالتن ۾ بنهه گهٽ ياد ايندا آهن، هڪ هڪ ٿي اڀريا ۽ دل دماغ تي ڇائنجي ويا. حقيقت ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي؟ ۽ آهي به يا نه؟ جيڪڏهن آهي ۽ هڪ ئي آهي ڇو جو هڪ کان وڌيڪ حقيقتون ٿي ئي نه ٿيون سگهن ته پوءِ رستا ڇو مختلف آهن؟ ڇو صرف مختلف ئي نه بلڪه هڪ ٻئي سان ٽڪرائجندڙ ۽ وچڙندڙ به آهن؟ وري اهو ڇا آهي ته اختلاف ۽ جهيڙي انهن سمورين ٽڪرائجندڙ واٽن جي آڏو، علم پنهنجي ٺوس فيصلن ۽ بي لچڪ حقيقتن جو ڏيئو هٿ ۾ کنيون بيٺو آهي ۽ ان جي چٽي ۽ بي رحم سوجهري ۾ قدامت ۽ روايت جون اهي سموريون پراسرار اونداهيون، جن کي انسانيت عظمت ۽ تقديس جي نگاهه سان ڏسڻ جي عادي ٿي وئي هئي، هڪ هڪ ٿي نابود ٿي رهيون آهن.
اها واٽ هميشه شڪ کان شروع ٿيندي آهي ۽ انڪار تي ختم ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن پير اتي رڪجي وڃن ته پوءِ مايوسيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نه ايندو آهي.
تھک تھک کے ہر مقام پہ دوچار رہ گئے
تیرا پتہ نہ پائیں تو ناچار کیا کریں!
مون کي به انهن منزلن تان گذرڻو پيو، پر مان رڪيس ڪو نه! منهنجيءَ اڃ، مايوسيءَ تي قناعت نه ڪرڻ پئي چاهي. نيٺ حيراني ۽ سرگردانيءَ جا کوڙ ساترا مرحلا طئه ڪرڻ کانپوءِ جيڪو مقام ظاهر ٿيو، ان هڪ ٻئي جهان ۾ پهچائي ڇڏيو. معلوم ٿيو ته اختلاف جي انهن ئي ٽڪرائجندڙ واٽن ۽ وهمن ۽ خيالن جي انهن ئي گهرين اونداهين جي اندر روشن ۽ قطعي واٽ به موجود آهي، جيڪا يقين ۽ عقيدي جي منزل مقصود تائين آهي ۽ جيڪڏهن سڪون ۽ اطمينان جي سرچشمي جو نشان ملي سگهي ٿو ته اتي ئي ملي سگهي ٿو. مان جيڪو عقيدو، حقيقت جي جستجوءَ ۾ وڃائي ويٺو هيس، اهو ساڳئي جستجوءَ جي هٿان ٻيهر واپس ملي ويو. منهنجي بيماريءَ جو جيڪو ڪارڻ هيو، اهوئي آخرڪار شفا جو دارون به ثابت ٿيو:
تَدٰوَیْتُ مِنْ لَیْلَیٰ بِلَیلَیٰ عَنِ الْھَوَیٰ
کَمَا یَتد اویٰ شَارِبُ الْخمَرِ بالْخمُرِ
”سڌن جي سور جو، سورن سان ئي علاج ڪيم، بلڪل ايئن جيئن شرابي پنهنجي مرض جو علاج شراب سان ئي ڪندو آهي.“
البته جيڪو عقيدو وڃايو هئم. سو تقليدي هو ۽ جيڪو عقيدو هاڻي اٿم سو تحقيقي آهي:
راہ کہ حضرداشت ز سرچشمہ دور بود
لب تشنگی ز راہ دگر بردہ ایم ما
”خضري واٽ، سرچشمي کان ڏورانهين هئي. چپن جي خشڪي دور ڪري، اڃ اجهائڻ لاءِ اسان کي پنهنجو نئون چشمو کوٽڻو پيو.“
جيستائين موروثي عقيدن جو جمود ۽ تقليدي ايمان جون پٽيون اسان جي اکين تي ٻڌل رهنديون آهن، اسين اها واٽ نه لهي سگهندا آهيون، پر جيئن ئي اهي پٽيون کلنديون آهن ته صاف نظر اچڻ لڳندو آهي ته: واٽ نه ڪي ڏورانهين هئي ۽ نه ڪي گم ٿيل! اها اسان جي اکين تي ٻڌل پٽي ئي هئي جنهن چٽيءَ روشنيءَ ۾ ئي گم ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي پتو پيو ته اڄ تائين جنهن شيءِ کي مذهب سمجهندا هياسين، اهو مذهب ڪٿي هيو؟ اهو ته خود اسان جي وهم پرستين ۽ غلط انداز سان سوچڻ جو هڪ کٽراڳ هو!
هڪ مذهب ته موروثي مذهب آهي ته ابا ڏاڏا جيڪو ڪجهه مڃيندا پيا اچن، توهان به مڃيندا رهو. هڪ جاگرافيائي مذهب آهي ته زمين جي ڪنهن خاص ٽڪري ۾ هڪ عام شاهراهه ٺهي پئي آهي، سڀڪو ان تي هلي پيو، تنهنڪري توهين به هلو! هڪ مردم شماريءَ جو مذهب آهي ته مردم شماريءَ جي ڪاغذن ۾ هڪ خانو مذهب جو به هوندو آهي، ان ۾ ”اسلام“ لکرائي ڇڏيو. هڪ رسمي مذهب ٿيندو آهي ته رسمن ۽ تقريبن جو هڪ سانچو گهڙجي چڪو آهي، ان کي نه ڇيڙيو ۽ ان ۾ ئي گهڙبا رهو. پر انهن سمورن مذهبن کان علاوه به مذهب جي هڪ حقيقت باقي رهي ٿي. تعريف ۽ فرق جي لاءِ ان کي ”حقيقي مذهب“ جو نالو ڏيڻو پوي ٿو جنهن جي واٽ وڃايل آهي!
ہمیں ورق کہ سیاہ گشت، مدعا اینجا ست
(جيڪي پنا ڪارا ڪيا اٿئون، انهن جي منزل اتي ئي آهي.“
ان جاءِ تي پهچي اها حقيقت به بي نقاب ٿي ته: ”علم ۽ مذهب جا جيڪي به جهڳڙا ۽ ٽڪراءَ آهن، حقيقت ۾ علم ۽ مذهب جا ناهن، علم جي دعويدارن جي مڪارين ۽ مذهب جي ٺيڪيدارن جي ظاهر پرستين ۽ قانون سازين جا آهن. حقيقي علم ۽ حقيقي مذهب، توڙي جو هلندا الڳ الڳ رستن تان آهن، پر آخرڪار پهچندا هڪ ئي منزل تي آهن:
عَبارَا نُنَا شَتّیٰ وَ حُسْنُکَ وَ احِد
وَ کُلُّ اِلَیٰ ذَاک الجَمَالِ یُشِیْرُ
”اسان جون ڳالهيون اڻايون ۽ تنهنجي سونهن هڪ ئي! ۽ سڀني ڳالهين جو اشارو ان هڪ سونهن ڏانهن ئي!“
علم جو واسطو عالم محسوسات سان هجي ٿو. مذهب، محسوسات کان ماوراء جو ڏس ڏئي ٿو. ٻنهي ۾ دائرن جي گهڻائي آهي پر ٽڪراءُ ناهي جيڪو ڪجهه محسوسات کان ماوراء آهي، اسين ان کي محسوسات سان ٽڪرائجندڙ سمجهندا آهيون ۽ اتان ئي اسان جي وائڙائپ جون سموريون پريشانيون شروع ٿي وينديون آهن.
بر چہرہ حقیقت اگر ماندہ پردہ
جرم نگاہ دیدہ صورت پرست ماست
(حقيقت جو چهرو ته کليو پيو آهي- قصور، اسان جي صورت پرست نگاهن جو آهي.“
مطلب ته، زندگيءَ جي ٻوسٽن ۾، مذهب جي تسڪين محض هڪ سلبي/منفي تسڪين ناهي، بلڪه هڪ ايجابي/مثبت تسڪين آهي. ڇو جو مذهب اسان کي عملن جي اخلاقي قدرن (Moral Values) جو يقين ڏياري ٿو ۽ اهوئي يقين آهي، جنهن جي روشني ڪنهن ٻئي هنڌان نه ٿي ملي سگهي. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته:
”زندگي هڪ فرض آهي، جيڪو پاڙڻ گهرجي، هڪ ٻوجهه آهي، جيڪو بهرحال کڻڻ گهرجي.“
پر ڇا اهو ٻوجهه ڪنڊن تي هلڻ کانسواءِ کڻي نه ٿو سگهجي؟ ڇو جو هتي خود زندگيءَ جون تقاضائون آهن، جن جو اسان کي جواب ڏيڻو آهي ۽ خود زندگيءَ جا مقصد آهن جن جي ڪڍ اسان کي والهانه ڊوڙڻو آهي، جن ڳالهين کي اسين زندگيءَ جون راحتون ۽ لذتون چئون ٿا، اهي اسان جي لاءِ راحتون ۽ لذتون ڪيئن رهنديون، جيڪڏهن انهن تقاضائن ۽ مقصدن کان اسين مورؤن منهن موڙي ڇڏيون؟ بي شڪ! هتي زندگيءَ جو ٻوجهه کڻي ڪنڊن جي فرش تي ڊڪڻو پيو، پران لاءِ ڊوڙڻو پيو جو پٽ پٽيهر ۽ ريشم جي فرش تي وکون کڻندي، انهن تقاصائن جو جواب ڏئي نه پيو سگهجي، ڪنڊا ڪڏهن دامن سان چنبڙندا ته ڪڏهن پيرن ۾ چڀندا، پر مقصد جي ڇيت، جيڪا دل ۾ چڀندي رهندي، نه ڪي ليڙون ٿيل دامن جي خبر وٺڻ ڏيندي نه ڪي شل ٿيل پيرن جي!
۽ وري زندگيءَ جي جن حالتن کي اسين راحت ۽ ڏک چوندا آهيون، انهن جي حقيقت به ان کان وڌيڪ ڇا آهي ته اها اضافت جي ڪرشمن جي هڪ صورت گري آهي؟ اتي نه ڪي مطلق راحت آهي نه ڪي مطلق ڏک! اسان جا سمورا احساس مورؤن اضافي آهن.
دويدن، رفتن، استادن، نشستن، خفتن ومردن!
”رڙهڻ- هلڻ- ڪري پوڻ- ويهي رهڻ- سمهي پوڻ ۽ مري وڃڻ“
اضافتون بدلائيندا هلو، راحتون ۽ ڏک به بدلبا ويندا. هڪ ئي تاراجي کڻي، هر طبيعت ۽ هر حالت جو احساس توري نه ٿو سگهجي. هڪ هاريءَ جي راحت ۽ ڏک تورڻ جي لاءِ جنهن تاراجيءَ کان اسين ڪم وٺندا آهيون، ان سان فنونِ لطيفه جي هڪ ماهر جي راحت ۽ ڏک جو معيار توري نه ٿو سگهجي. هڪ رياضي دان کي رياضيءَ جو ڪو مسئلو حل ڪرڻ ۾ جيڪا لذت ملندي آهي، سا هڪ هوس پرست کي عيش عشرت جي راتين جي سرمستيءَ ۾ ڪٿان ملندي؟ ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته اسين گلن جي سيج تي سمهندا آهيون تڏهن به چين ناهي ملندو ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته ڪنڊن تي ڊوڙندا آهيون ۽ ان جي هر چڀڪي ۾ راحت، سرور ۽ نت نئين لذت ماڻيندا آهيون.
نہ ہر گل، زحمتِ صد خار می کشید!
”هڪ گل حاصل ڪرڻ جي لاءِ سوين ڪنڊن جا چڀڪا سهڻا پوندا آهن!“
راحت ۽ ڏک جو احساس، اسان کي ٻاهران کڻي آڻي ڪير به ناهي ڏيندو. اهو خود اسان جو ئي احساس آهي، جيڪو ڪڏهن زخمي ڪندو آهي ۽ ڪڏهن مورؤن مرهم بڻجي پوندو آهي. تلاش ۽ سرگرداني خود زندگيءَ جون سڀ کان وڏيون لذتون آهن. بشرطيڪه ڪنهن مطلوب جي راهه ۾ هجن.
رہرہ روی را خستگی راہ نیست
عشق ہم راہ ست ہ ہم خود منزل ست
”واٽ وٺي ويندڙن کي واٽ جو الڪو ناهي هوندو، عشق پاڻ ئي واٽ آهي ۽ پاڻ ئي منزل به آهي!“
۽ اهو جيڪو ڪجهه عرض ڪريان پيو، سو فلسفو ناهي، زندگيءَ جون عام وارداتون آهن. عشق ۽ محبت جي وارداتن جو مان حوالو نه ڏيندس. ڇاڪاڻ جو اهي هر شخص جي نصيب ۾ ناهن ايندا. رندي ۽ هوسناڪيءَ جي اڏن جي خبر رکندڙ ته گهڻا ملي ويندا. اهي پاڻ پنهنجي دل کان پڇي ڏسن ته ڪنڊن جي واٽ ۾، دک ۽ درد جي تلخين، ڪڏهن خوشين جي مهڪار ۽ هٻڪار جا مزا به ڏنن يا نه؟
زندگي، ڪنهن مقصد کانسواءِ جي نه ٿي سگهجي. ڪو اڙجڻ، ڪو لڳاءُ، ڪو ٻنڌڻ هجڻ گهرجي، جنهن جي خاطر زندگيءَ جا ڏينهن ڪاٽي سگهجن. اهو مقصد، مختلف طبيعتن جي آڏو مختلف شڪلين ۾ ايندو آهي.
زاہد بہ نماز و روز ہ ضبطے دارد
سرمد بہ مئے و پیالہ ربطے دارد
”زاهد، نماز روزي جي ذريعي ضابطو ماڻيندو آهي. سرمد دارون ۽ پيگ سان لنؤ لائيندو آهي.“
ڪو به زندگيءَ جي ڪمن ڪارين کي زندگيءَ جو مقصد سمجهي انهن تي قناعت نه ٿو ڪري سگهي. جيڪي قناعت نه ٿا ڪن، انهن جون حالتون به مختلف ٿيون. گهڻن جي اڃ اهڙن مقصدن مان اجهامي ويندي آهي، جيڪي کين مشغول رکي سگهن پر ڪجهه طبيعتون اهڙيون به هونديون آهن، جن جي لاءِ صرف مشغوليت ڪافي ٿي نه ٿي سگهي. اهي زندگيءَ جو اضطراب به چاهينديون آهن:
نہ داغ تازہ می کارد، نہ زخم کہنہ می خارد
بدہ یارب دلے کیں، صورت بے جا نہ می خواہم
”نه ڪي تازا داغ ڪم جا آهن، نه ڪي پراڻا زخم ٿا بهلائين، ڪا پرڪيف دل ڏي، يارب! هي بي ڪيف بت نه ٿو گهرجيم.“
پهرين جي لاءِ وابستگي ان ۾ ٿي ته اهي مشغول رهن. ٻين جي لاءِ وابستگي ان ۾ ٿي ته اهي سرگردان رهن. هڪ کٽڪي ۽ اڻڄاتل مقصد جي شور سان انهن جي اڃ اجهامي نه ٿي سگهي. کين اهڙو مقصد گهرجي جيڪو اضطراب ۽ سرگردانيءَ جي ٽانڊن سان پڄري رهيو هجي، جيڪو انهن جي اندر ۾، شور ۽ سرمستيءَ جو ڪو ٽاڪوڙو مچائي، جنهن جي نازن ڀرئي دامن کي پڪڙڻ جي لاءِ، هو هميشه پنهنجو گريبان چاڪ ڪندا رهن:
دامن اس کا تو دور ہے اے دست جنوں
کیوں ہے بے کار، گریباں تو مرا دور نہیں
هڪ اهڙو جان وٺندڙ مقصد، جنهن جي ڪڍ انهن کي ديوانن وانگر ڊوڙڻو پوندو آهي. جيڪو ڊوڙندڙن کي هميشه ويجهو به لڳندو آهي ۽ هميشه پري به ٿيندو ويندو آهي. ويجهو ايترو جو جڏهن چاهيو، هٿ ڊگهيري پڪڙي وٺوس. پري ايترو، جو ان جي دز جو نشان به نه ملي سگهي:
بامن آویزش او الفت موج ست و کنار
و مبرم بامن، و ہر لحظہ گریزاں از من
”مون سان ان جو اهڙو سنگم- جهڙو لهر جو ڪناري سان ۽ مون کان پري ايترو، جو پل به پل مون کان پري ٿيندو ويندو!“
وري نفسياتي زاويي سان ڏسو ته معاملي جو هڪ ٻيو پاسو به آهي، جنهن کي صرف گهريون نگاهون ئي پسي سگهن ٿيون. يڪساني- ڀلي سڪون ۽ راحت جي هجي، يڪساني ئي ٿي ۽ هڪ جهڙائي، خود زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ڦڪائپ آهي. تبديلي ڀلي کڻي سڪون مان بي چينيءَ جي هجي، پر پوءِ به تبديلي آهي ۽ تبديلي خود پنهنجيءَ جاءِ تي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي لذت آهي. عربي چوڻي آهي ته:
حَمِّضُوْا مَجَالِسَکمُْ
”پنهنجين محفلين جو ذائقو بدلائيندا رهو“
سو هتي زندگيءَ جو مزو به ان کي ملي سگهي ٿو، جيڪو ان جي مٺاس سان گڏ ان جي تلخين جا ڍڪ به ڀريندو رهي ۽ ان ريت زندگيءَ جو ذائقو بدلبو رهبو آهي، نه ته اها ڪهڙي زندگي، جيڪا ساڳيا صبح ۽ ساڳيون شامون کڻي اچي؟ خواجه ”درد“ ڇا ته ڳالهه ڪئي آهي:
آجائے ایسے جینے سے اپنا تو جی بتنگ
آخرجیئے گا کب تلک اے خضر مر کہیں!
هتي، ماڻڻ جو مزو انهن کي ملي سگهي ٿو، جيڪي وڃائڻ چاهيندا هجن. جن ڪجهه وڃايو ئي نه هجي، انهن کي ڪهڙي خبر ته ماڻڻ جو مزو ڇا هوندو آهي؟!
۽ وري غور فڪر جي هڪ وک اڳتي وڌايو ته خود اسان جي زندگيءَ جي حقيقت به حرڪت ۽ اضطراب جي هڪ تسلسل کانسواءِ ڇا آهي؟ جنهن حالت کي اسين سڪون چوندا آهيون، جيڪڏهن چاهيو ته ان کي موت به چئي ڇڏيو. لهر، جيستائين مضطرب آهي ته زنده آهي. ماٺي ٿي، ته وئي! فارسيءَ جي هڪ شاعر، ٻن مصرعن جي اندر زندگيءَ جي سموري فلسفي جو دنگ ڪري ڇڏيو:
موجیم کہ آسودگئی ما عدم ما است
ما زندہ از انیم کہ آرام نہ گیریم
”اسين اها لهر آهيون، جنهن جي ماٺار، اسان جي موت برابر آهي. اسين زندهه ان ڪري ئي هوندا آهيون ته جيئن ورچي ويهي نه رهون.“
***
زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو پنهنجي جهول گلن سان ڀرڻ چاهيندو آهي، ڪو ڪنڊن سان- ۽ ٻنهي مان ڪو به اها ڳالهه پسند ناهي ڪندو ته سندس جهول خالي هجي. جڏهن ماڻهن، ڪمن ڪارين ۽ خوشين جا گل پئي چونڊيا، اسان جي حصي ۾ تمنائن ۽ حسرتن جا ڪنڊا آيا. انهن گل چونڊي ورتا ۽ ڪنڊا ڇڏي ڏنائون ۽ اسين ڪنڊا چونڊي ورتا ۽ گل ڇڏي ڏنا:
ز خا رزار محبت دل تراچہ خبر
کہ گل یجیب: نہ گنجد قبائے تنگ ترا
”ڪنڊن جي ماڳ جي محبت جي توکي ڪهڙي خبر-مون کي گلن چيو: اسين تنهنجي جهول ۾ نه ٿا سونهئون!“
جيڪڏهن اسان جي آڏو ڪو الجهيل معاملو ايندو آهي ۽ اسان کي ان جي سلجهائڻ جو الڪو هوندو آهي ته اسين ڇا ڪندا آهيون؟ اسان جي اندر طبعي طور تي اها ڳالهه موجود آهي ۽ منطق ۽ رياضيءَ اسان کي اها واٽ وٺرائي آهي ته اسين مونجهاري تي غور ڪريون. هر مونجهارو پنهنجي حل جي لاءِ هڪ خاص قسم جي تقاضا جو جواب چاهيندو آهي. اسين ڪوشش ڪندا آهيون ته هڪ ٻئي جي پويان، قسمين قسمين حل سامهون آڻجن ۽ ڏسجي ته ان تقاضا جو جواب ملي ٿو يا نه؟ آخرڪار جيئن ئي اهڙو حل نڪري ايندو، جيڪو اسان جي مونجهاري جي سمورين گهرجن جو جواب ڏئي ڇڏيندو ۽ معاملي جا سمورا پاسا ٺيڪ ٿي ويندا ته اسان کي پورو يقين ٿي ويندو ته مونجهاري جو صحيح حل نڪري آيو آهي ۽ صورتحال جي اها داخلي شاهدي، اسان کي ان حد تائين مطمئن ڪري ڇڏيندي جو وري ڪنهن خارجي شاهديءَ جي ضرورت باقي نه رهندي آهي. هاڻي، کڻي ڪو هزار شڪ پيدا ڪري، اسان جو يقين قطعي به لڏڻو ناهي.
فرض ڪريو ته هڪ تاڪيي جو هڪ ٽڪرو ڪنهن ڦاڙيو هجي ۽ ڦاٽل ٽڪر اهڙيءَ طرح ڪتريل هجي جو اهو هڪڙي هنڌان ٽيڙو ته ٻئي هنڌان ڏنديدار هجي. هاڻي جيستائين اهڙو ئي ڪتريل ٽڪر اتي نه رکبو، تاڪيي جي خالي جاءِ نه ڀربي. هاڻي ان تي ڪپڙي جا اسان کي کوڙ ساترا ٽُڪر ملن ٿا ۽ هر ٽڪر کي اتي رکي ڏسئون ٿا ته اهو خال ڀرجي ٿو يا نه؟ پر ڪو به ٽڪر ٺيڪ نه ٿو بيهي. جيڪڏهن هڪ ڪنڊ ملي ٿي ته ٻئي ڪنڊ نه ٿي ملي، اوچتو هڪ ٽڪر اهڙو ملي وڃي ٿو جيڪو ٽيڙي سيڙي ڪتريل تقاضا کي پورو ڪري ڇڏي ٿو ۽ بلڪل اهو خال ٺيڪ ٺيڪ طرح ڀرجي وڃي ٿو. هاڻي جيڪڏهن ڀلي ان جي تائيد ۾ ڪا خارجي شاهدي موجو نه هجي، پر اسان کي پورو يقين ٿي ويندو ته اهوئي ٽڪر اتان ڪتريو ويوهيو!
ان مثال کان هڪ وک اڳتي وڌايو ۽ گورک ڌنڌي جو مثال سامهون آڻيو. بي شمار طريقن سان اسين ان کي مرتب ڪرڻ چاهيندا آهيون، پر ٿيندو ناهي. آخرڪار هڪ خاص ترتيب نڪري ايندي آهي ته ان جي هر پاسي جي تقاضا پوري ٿي ويندي آهي ۽ ان جي چال چڱيءَ ريت جڙي پوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو خارجي دليل، ان ترتيب جي درستگيءَ جي لاءِ موجود نه به هجي، پر اها ڳالهه ته صرف ان هڪ ترتيب سان اهو مونجهارو دور ٿي سگهي ٿو، پنهنجيءَ جاءِ تي خود هڪ فيصلائتو دليل بڻجي پوندو ۽ اسان کي ڪنهن ٻئي دليل جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي. مونجهاري جو دور ٿي وڃڻ ۽ هڪ ترتيب جو جڙي پوڻ پنهنجيءَ جاءِ تي خود هزارين دليلن جو هڪ دليل آهي.
هاڻي علم ۽ يقين جي راهه ۾ هڪ وک اڃا اڳتي وڌايو ۽ هڪ ٽيون مثال سامهون آڻيو،توهان نمبرن وارو تالو ته ضرور ڏٺو هوندو. خاص انگن جي ترتيب سان اهو کلندو آهي. هاڻي اتفاق سان اسان کان اهي تالي کولڻ وارا انگ وسري ويا آهن اسين نمبر هڻندا وينداسين ۽ ڏسنداسين ته کلي ٿو يا نه؟ فرض ڪريو هڪڙن مخصوص انگن سان اهو تالو کلي پيو ته ڇا اسان کي ان ڳالهه جو يقين نه ايندو ته انهن ئي انگن ۾ ان تالي جي چاٻي لڪل هئي؟ جستجو جنهن حل جي هئي، سا تالي کلڻ جي هئي. جڏهن هڪڙن انگن اهو تالو کولي ڇڏيو ته ان کان پوءِ باقي ڇا رهيو، جنهن جي وڌيڪ جستجو ڪجي•؟
__________
• اهو مثال هيئن به سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي موبائيل فون يا ڪمپيوٽر جو هڪڙو خفيه ڪوڊ/پاس ورڊ هيو، جيڪو اسان کان وسري ويو. هاڻي اسين ڌڪي تي نمبر هڻندا وينداسين- اوچتو موبائيل فون يا ڪمپيوٽر کلي پوندو ته اسان کي يقين ٿي ويندو ته دراصل اهوئي ڪوڊ هيو جيڪو اسين سيٽ کولڻ لاءِ ٺاهيو هيو.
________
انهن مثالن کي سامهون رکي ڪري هن هستيءَ جي طلسم تي غور ڪريو، جيڪا خود اسان جي اندر ۽ اسان جي چئني پاسن کان ڦهليل آهي. انسان جڏهن کان هوش ۽ آگهيءَ جي اک کولي آهي، ان ڳجهارت کي سلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر هن پراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ آخري پنو وڃايل آهي، جو نه ڪي اهو ٿو پتو پوي ته شروع ڪٿان ٿيو هيو ۽ نه ڪي اهو ٿو پتو پوي ته ختم ڪيئن ۽ ڪاٿي ٿيو؟
اول و آخر ایں کہنہ کتاب افتاد است
”هن پراڻي ڪتاب جو پهريون ۽ آخري پنو ڦاٿل آهي“
****
زندگي ۽ حرڪت جو هي ڪارخانو ڇا آهي ۽ ڇو آهي؟ ان جي ڪا ابتدا به آهي يا نه؟ اهو ڪٿي وڃي دنگ به ڪندو يا نه؟ خود انسان ڇا آهي؟ اهو جو اسين سوچي رهيا آهيون ته خود اها سوچ ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ وري حيرت ۽ پريشانيءَ جي انهن سمورن پردن جي پويان ڪجهه آهي به يا نه؟
ان وقت کان وٺي ڪري جڏهن کان ابتدائي زماني جو انسان، پهاڙن جي غارن مان واجهائي فطرت جي بي شمار چهرن کي بي نقاب ڏسي رهيو آهي، انساني فڪر ۽ عمل جون هزارين ڳالهيون بدلجي ويون پر اها پرولي سلجهي نه سگهي.
اسرار ازل را نہ تو دانی و نہ من
ویں حرف معمہ نو تو خوانی و نہ من
پست از پس پردہ گفتگوئے من و تو
چوں پردہ برافند، نہ تو مانی و نہ من
”ازل جا راز، نه تون ڄاتا نه مون- ايئن ان ڳجهارت جي ڳالهه نه تون سلي نه مون! پردي جي پويان ڳالهه به تنهنجي ۽ منهنجي ئي ٿي رهي آهي- پردو سرڪيو ته نه تون رهين نه مان!“
اسين انهن مونجهارن کي نوان نوان حل ڪڍي سلجهائڻ جون جيتريون به ڪوششون ڪندا آهيون، اهي تهائين وڌيڪ الجهيو پون. سامهون هڪ پردو نظر ايندو آهي، ان کي هٽائڻ ۾ نسلن جا نسل لڳا رهندا آهن، پر جيئن ئي اهو هٽندو آهي ته پتو پوندو آهي ته سؤ پردا ٻيا به ان جي پويان آهن ۽ جيڪو پردو هٽيو هو اهو حقيقت ۾ هٽيو نه هو بلڪه نت نون پردن جو سامهون اچڻ هيو. هڪ سوال جو جواب اڃا ملي ئي نه ٿو ته ڏهه نوان سوال سامهون اچيو وڃن، هڪ راز اڃا سلجي ئي نه ٿو ٿئي ته سئو نوان راز اکيون ڀڃڻ لڳن ٿا!
دریں میداں پر نیرنگ حیران ست دانائی
کہ یک ہنگامہ آرائی وصد کشور تماشائی
”هن حيرت ڪدي سان ڀرپور ميدان ۾ ڏاهپ حيران بيٺي آهي. هڪ هنگامي کي سوين ولايتون تماشي طور بيٺيون ڏسن.“
***
اسين محسوس ڪريون ٿا ته اسان جي اندر هڪ نه اجهامندڙ اڃ پڄري رهي آهي، جيڪا هن ڪائنات جي ڳجهارت ڀڃڻ چاهي ٿي. اسين ان کي ڪيترو به دٻائڻ چاهيون پر ان جي تپش، چپن تي بهرحال اچيو وڃي. اسين هڪڙي حل کانسواءِ، دل جو قرار ماڻي نه ٿا سگهون. گهڻو ڪري اسين ان ڌوڪي ۾ اچي ويندا آهيون ته ڪنهن تشفي بخش حل جي اسان کي ضرورت ئي ڪانهي، پر اهو محض هڪ هٿرادو تخيل هوندو آهي ۽ جيئن ئي زندگيءَ جي قدرتي تقاضائن سان ٽڪرائبو آهي ته ذرا ذرا ٿي ويندو آهي.
يورپ ۽ آمريڪا جي مفڪرن جي تازن مآثر• جو مطالعو ڪريو ۽ ڏسو ته موجوده جنگ انهن مڙني دماغن ۾، جيڪي ڪلهه تائين پنهنجو پاڻ کي مطمئن تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا، ڪهڙو ٽاڪوڙو مچائي رکيو آهي؟ اجها ڳچ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته پروفيسر جوڊ (Joad) جو هڪ مقالو منهنجيءَ نظر مان گذريو هيو. هو لکي ٿو ته: ”انهن سمورن فيصلن تي، جيڪي اسين مذهب ۽ خدا جي هستيءَ بابت ڪيا هئا، نئين سري سان غور ڪرڻ گهرجي.“ اهو، پروفيسر ”جوڊ“ جو، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ جو اعلان آهي، پر پروفيسر ”جوڊ“ جا، جنگ کان پهريان اعلان ڪيتري قدر مختلف هيا؟ ”برٽرنڊرسل“ به گذريل سال هڪ طويل مقالي ۾، جيڪو ڪجهه آمريڪي رسالن ۾ شايع ٿيو هيو، اهڙي ئي راءِ ظاهر ڪئي هئي.
______
• هيءَ تحرير، مولانا آزاد جي قلم مان، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ واري صورتحال جي مدنظر، تڏهوڪن ڏينهن ۾ نڪتل آهي.(ع.م)
______
پر جنهن وقت اها ڳجهارت، انساني دماغ جي آڏو نئين نئين اڀري هئي، ان وقت ان جو حل به اڀري آيو هو. اسين ان حل جي بجاءِ ٻيو حل ٿا ڳولهڻ چاهيون ۽ اتان ئي اسان جون سموريون مايوسيون ڪر کڻڻ شروع ڪن ٿيون.
چڱو! هاڻي غور ڪريو، ان ڳجهارت سلڻ جي ڪاوش آخرڪار اسان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي بيهاري ٿي؟ ڪائنات جو هي سمورو ڪارخانو پنهنجي هر پاسي ۽ هر منظر ۾ سراپا هڪ سوال آهي. سج کان وٺي ان جي روشنيءَ جي ذرڙن تائين ڪا به اهڙي شيءِ ڪانهي، جيڪا مورؤن هڪ سوال ۽ هڪ تقاضا نه هجي! هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هي سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ هي سڀ ڪجهه ڇاجي لاءِ آهي؟ اسين عقل جو سهارو وٺون ٿا ۽ ان روشنيءَ ۾، جنهن کي اسين علم جو نالو ڏنو آهي، جيستائين دڳ ملي ٿو، هلندا هلون ٿا، پر اسان کي ڪوئي حل نه ٿو ملي، جيڪو انهن الجهائن جي اڃ اجهائي سگهي. روشني اجهاميو وڃي. اکيون مانديون ٿيو پون ۽ عقل ۽ ادراڪ جا سمورا سهارا جواب ڏيو ڇڏين. پر جيئن ئي اسين پراڻي حل ڏانهن موٽئون ٿا ۽ پنهنجي معلومات ۾ صرف ايتري ڳالهه وڌايون ٿا ته: ”هڪ صاحبِ اراده ۽ صاحبِ ادراڪ قوت، پردي جي پويان موجود آهي“...ته، اوچتو صورتحال بدلجيو وڃي ۽ ايئن معلوم ٿيڻ لڳي ٿو، ڄڻ اوندهه مان نڪري سوجهري ۾ اچيو بيٺا آهيون. هاڻي جيڏانهن به ڏسون ٿا روشني ئي روشني آهي. هر سوال، پنهنجو جواب ماڻي ورتو. هر تقاضا جي طلب پوري ٿي وئي. هر اڃ کي سيرابي ملي چڪي؛ ڄڻ اهو سمورو مونجهارو هڪ تالو هيو، جيڪو ان چاٻيءَ لڳڻ سان کلي پيو.
چنداں کہ دست و پا زدم آشفتہ تر شدم
ساکن شدم، میانہ دریا کنار شد
”مون جيترا به هٿ پير هنيا. تهائين وڌيڪ پريشان ٿيس. سڪون سان بيهي رهيم ته وچ درياهه ڪنارو ٿي پيو.“
جيڪڏهن هڪ عقل وارو ارادو پردي جي پويان موجود آهي، هتي جيڪو ڪجهه آهي ڪنهن ارادي جو نتيجو آهي ۽ ڪنهن مقرر ۽ طئه ٿيل مقصد جي لاءِ آهي. جيئن ئي اهو حل سامهون رکي اسين ان گورک ڌنڌي کي ترتيب ڏيئون ٿا ته، ان جا سڀ وڪڙ نڪري وڃن ٿا ۽ سموريون چالون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي فٽ ٿي وڃن ٿيون. ڇو ته هر ”ڇا آهي“ ۽ ”ڇوآهي“؟ کي هڪ معنيٰ خيز جواب ملي وڃي ٿو. مطلب ته ان ڳجهارت جي حل جو سمورو روح انهن ڳچ لفظن جي اندر سمويل هو. جيئن ئي حل سامهون آيو ته ڳجهارت، ڳجهارت نه رهي. هڪ معنيٰ خيز داستان بڻجي پيو. وري جئين ئي اهي لفظ هٽندا وڃن ٿا، سموريون معنائون ۽ اشارا غائب ٿيڻ لڳن ٿا ۽ هڪ بي جان چيستان سامهون رهجي وڃي ٿو.
جيڪڏهن جسم ۾ روح ٻولي ٿو ۽ لفظن ۾ معنائون اڀرن ٿيون ته حقيقت جا هي جسم به پنهنجي اندر ڪو نه ڪو معنيٰ جو روح رکن ٿا. اها حقيقت ته ڪائنات جي ڳجهارت جي بي جان ۽ بي معنيٰ جسم ۾ صرف ان هڪ حل سان معنيٰ جو روح پيدا ٿئي ٿو، اسان کي مجبور ٿي ڪري ته ان حل کي تسليم ڪريون.
جيڪڏهن ڪوئي ارادو ۽ مقصد پردي جي پويان ناهي ته هتي انڌيري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. پر جيڪڏهن هڪ ارادو ۽ مقصد ڪم ڪري رهيو آهي ته پوءِ جيڪو ڪجهه به آهي، روشني ئي روشني آهي. انسان جي فطرت ۾ روشنيءَ جي تلاش آهي. اسين انڌيري ۾ کوهجي رهجي وڃڻ جي بجاءِ روشنيءَ ۾ هلڻ جي طلب رکون ٿا ۽ اسان کي هتي، روشن راهه صرف ان هڪ حل مان ئي ملي سگهي ٿي.
جيڪڏهن چيو وڃي ته حل جي طلب اسين ان لاءِ ٿا محسوس ڪريون ته پنهنجي محسوسات ۽ عقل جي محدود دائري ۾ ان جا عادي ٿي ويا آهيون! ۽ جيڪڏهن ان عمل کانسواءِ ڪنهن ٻئي حل مان اسان کي تشفي نه ٿي ملي ته اهو به ان لاءِ آهي ته اسين حقيقت کي تورڻ جي لاءِ پنهنجي محسوسات جي تارازي ئي هٿ ۾ کنيون ويٺا آهيون ته ان جو جواب به صاف آهي. اسين پنهنجو پاڻ کي پنهنجي فڪر ۽ نظر جي دائري کان ٻاهر نه ٿا وٺي وڃي سگهون: اسين مجبور آهيون ته سوچيون ۽ حڪم لڳايون ته:
ایں سخن نیز بہ اندازۂ اوراک من ست!
”اها ڳالهه پڻ منهنجي ئي ادراڪ جي اندازي مطابق آهي“
***
مسئلي جو هڪ ٻيو پاسو به آهي. جيڪڏهن اسين غور ڪريون ته فوراً اسان جي آڏو اچي ويندو. انسان جي حيواني وجود، انساني مرتبي ۾ پهچي ڪري ارتقا جون سموريون پويون منزلون پٺتي ڇڏي ڏنيون آهن ۽ بلنديءَ جي هڪ اهڙي اعليٰ مقام تي پهچي چڪو آهي جيڪو کيس ڌرتيءَ جي سمورين مخلوقن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. هاڻي کيس پنهنجي لامحدود ترقين جي لاءِ هڪ لامحدود بلنديءَ جو نصب العين گهرجي، جيڪو کيس لاڳيتو بلندين ڏانهن ئي ڇڪيندو رهي. انسان جي اندر ۾ بلند کان بلند تر ٿيندو رهڻ جي طلب، هميشه ڪر کڻندي رهي ٿي ۽ هو بلند کان بلند ترچوٽين ڏانهن اڏامندي به رڪجڻ نه ٿو چاهي. سندس نگاهون، هميشه بلندين ڏانهن ئي کڄيل رهن ٿيون ۽ هو نهايت بلندين تائين اڏامندي به رڪجڻ نه ٿو چاهي. سوال اهو آهي ته انهن لامحدود بلندين جو نصب العين ڇا ٿي سگهي ٿو؟ اسان کي بنا هٻڪڻ جي مڃڻو پوندو ته اهو نصب العين خدا جي هستيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن اها هستي ان جي آڏو هٽي وڃي ته پوءِ ان جي لاءِ مٿي ڏسڻ واسطي ڪجهه به باقي نه رهندو.
ڌرتيءَ تي جيڪي به شيون آهن، سڀ جو سڀ انسان کان هيٺئين درجي جون آهن. هو انهن ڏانهن نگاهه نه ٿو کڻي سگهي. هن جي مٿان آسماني جُسن جي موجودات ڦهليل آهي، پر انهن ۾ به ڪائي هستي اهڙي ناهي جيڪا ان جو نصب العين ٿي سگهي. هو سج کي پنهنجو نصب العين بڻائي نه ٿو سگهي. هو ٽمڪندڙ تارن سان عشق نه ٿو ڪري سگهي. سج سندس جسم کي گرمي بخشي ٿو پر ان جي باطني قوت جي امنگن کي گرم نه ٿو ڪري سگهي. ستارا، ان جي انڌيرين واٽن ۾ روشنيءَ جي لاٽ ضرور ٻارين ٿا، پر ان جي دل ۽ دماغ کي روشن نه ٿا ڪري سگهن. آخرڪار اها ڪهڙي هستي آهي، جنهن ڏانهن هو پنهنجي بلند اڏام جي لاءِ نظر کڻي سگهي ٿو؟
هتي ان جي چؤڌاري پستيون ئي پستيون آهن، جيڪي کيس انسانيت جي بلنديءَ کان وري حيوانيت جي پستين ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿيون. حالانڪه هو اڏامڻ بلندين ڏانهن ٿو چاهي. هو، عناصر جي درجي مان بلند ٿي ڪري نباتاتي زندگيءَ جي درجي ۾ آيو. نباتات کان بلند ٿي ڪري حيواني زندگيءَ جي درجي ۾ پهتو. وري حيواني مرتبي مان اٿي ڪري انسانيت جي بلند شاخ تي پنهنجو آشيانو اڏيائين. هاڻي هو ان بلنديءَ کان وري هيٺئين طرف ڏسي نه ٿو سگهي. توڙي جو حيوانيت جي پستي کيس لاڳيتو پستين ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي. هو فضا جي اڻ ڪٿ بلندين ڏانهن واجهائيندو آهي.
کيس بلندين، هائو، اڻ ڪٿ بلندين جوهڪ اوچو، اڃا به اوچو مقام گهرجي، جنهن ڏانهن هو لاڳيتو ڏسندو رهي ۽ جيڪو کيس هر پل، بلند کان بلند تر ٿيندو رهڻ جو اشارو ڪندو رهي.
اها حقيقت، هڪ جرمن فيلسوف ”رهل“ (Riehl) هنن لفظن ۾ بيان ڪئي هئي:
”انسان، تاڻجي سڌو ٿي بيهي نه ٿو سگهي، جيستائين ڪا اهڙي شيءِ ان جي آڏو موجود نه هجي، جيڪا خود ان کان به بلند تر هجي. هو ڪنهن بلند شيءِ کي ڏسڻ جي لاءِ ئي ڪنڌ مٿي کڻي سگهي ٿو!“
بلنديءَ جو اهو نصب العين، خدا جي هستيءَ جي تصور کانسواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اها بلندي ان جي آڏو هٽي وڃي ته پوءِ کيس پنهنجي هيٺئين پاسي ڏانهن ڏسڻ جي لاءِ جهڪڻو پوندو ۽ جيئن ئي هن هيٺ ڏٺو، انسانيت جي بلندي، پستين ڏانهن ڌوڪجڻ لڳي!
اهائي صورتحال آهي جيڪا اسان کي يقين ڏياري ٿي ته خدا جي هستيءَ جو عقيدو انسان جي هڪ فطري ضرورت جي تقاضا جو جواب آهي ۽ ڇاڪاڻ ته فطري تقاضا جو جواب آهي، تنهن ڪري ان جي جاءِ انسان جي اندر ۾ پهريان کان موجود هجڻ گهرجي.
***
زندگيءَ جي هر پاسي ۾ انسان جون فطري گهرجون آهن. فطرت، فطري گهرجن جا جواب، فطري طور ڏنا آهن ۽ ٻنهي جو دامن اهڙي انداز سان هڪ ٻئي سان ٻڌل آهي جو هاڻي اهو فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي ته ٻنهي مان پهريان ڪهڙي شيءِ ظاهر ٿي؟ گهرجون پهريان پيدا ٿيون هيون يا انهن جي جوابن پهريان ڪر کنيو هو؟ ته جڏهن اسين ڪا فطري تقاضا محسوس ڪندا آهيون ته اسانکي پورو يقين هوندو آهي ته ان جو فطري جواب ته ضرور موجود هوندو. ان حقيقت ۾ اسان کي ڪو به شڪ ناهي هوندو.
مثال طور: اسين ڏسندا آهيون ته انسان جي ٻچڙي جي دماغي واڌ ويجهه ۽ ان جي ڳالهين ڪرڻ جي قوت جي اڀرڻ جي لاءِ مثالن ۽ نمونن جي ضرورت هوندي آهي. هو، مثالن ۽ نمونن کانسواءِ پنهنجين فطري قوتن کي انهن جي اصلي چال سان هلائي نه ٿو سگهي. ايستائين جو ڳالهائڻ به نه سکي سگهندو، جيڪا ان جي انساني مرتبي جي امتيازي خوبي آهي ۽ جيئن ته اها ان جي هڪ فطري طلب آهي، تنهن ڪري ضروري هيو ته خود فطرت ئي پهرئين ڏينهن کان ئي ان جو جواب مهيا ڪري ڇڏيو هجي ها ته اهو جواب پهريان ماءُ جي هستيءَ ۾ اڀرندو آهي. پوءِ پيءُ جي نموني ۾ ڪر کڻندو آهي. پوءِ ڏينهون ڏينهن پنهنجو دامن وسيع ڪندو ويندو آهي. هاڻي غور ڪريو ته اهڙي صورتحال جو يقين، ڪيئن اسان جي دماغن ۾ رچيل آهي؟ اسين ڪڏهن به ان ۾ شڪ ڪري ئي نه ٿا سگهون. اسان جي دماغن ۾ اهو سوال اڀرندو ئي ناهي ته ٻار جي لاءِ والدين جو نمونو، شروع کان ئي ڪم ڏيندو آيو آهي يا اڳتي هلي انساني بناوٽ پيدا ڪيو آهي؟ ڇو جو اسين ڄاڻون ٿا ته اهو هڪ فطري مطالبو آهي ۽ فطرت جا سمورا مطالبا تڏهن ڪر کڻنداآهن، جڏهن انهن جي جواب جو سامان تيار هوندو آهي.
ٺيڪ ان طرح جيڪڏهن اسين ڏسندا آهيون ته انساني دماغ جي واڌ ويجهه هڪ خاص درجي تائين پهچي انهن مڙني نمونن کان اڳتي وڌي ويندي آهي، جيڪي ان جي چئني پاسن کان ڦهليل هوندا آهن ۽ پنهنجي عروج ۽ ارتقاءَ جي پرواز جاري رکڻ جي لاءِ اهو ان جي هستيءَ جو هڪ فطري مطالبو آهي ۽ جيڪڏهن فطري مطالبو آهي ته ضروري آهي ته ان جو فطري جواب به خود ان جي هستيءَ جي اندر ئي موجود هجي ۽ هن عقل ۽ هوش جي اک کولڻ سان ئي ان کي پنهنجي اکين جي آڏو ڏٺو هجي، اهو جواب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ جيتري تلاش ڪريون ٿا، خدا جي هستيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو سجهي.
آسٽريليا جي وحشي قبيلن کان وٺي ڪري تاريخ جي سڌريل انسانن تائين ڪير به ان تصور جي امنگ کان خالي نه رهيو آهي. رگ ويد جي نغمن جو فڪري مواد ان وقت جڙڻ شروع ٿيو هيو، جڏهن تاريخ جو صبح به اڃا پوريءَ طرح نه اڀريو هيو ۽ حتين(Hitties) ۽ عيلامين جڏهن پنهنجي تعبدانه تصورن جا نقش چٽيا هيا ته انساني تمدن جي ٻالڪپڻيءَ اڃا اک مس کولي هئي. مصرين، مسيح جي ولادت کان هزارين ورهيه اڳ پنهنجي خدا کي انيڪ نالن سان سڏيو ۽ ڪالديا جي ڪاريگرن، مٽيءَ جي پڪل سرن تي حمد ۽ ثنا جا اهي ترانا اڪريا جيڪي گذريل قومن وٽان کين ورثي ۾ مليا هئا.
ابوالفضل، ڪشمير جي عبادتگاهه جي لاءِ ڇا ته ڪتبو تجويز ڪيو هيو:
الہٰی بہ ہرخانہ می نگرم جو یائے تواند
و بہ ہر زبان کہ می شنوم گویائے تو اند
”يا خدا! مان جنهن به عبادت گهر ۾ وڃان ٿو، توکي ويٺا ڳولهين ۽ جيڪا به ٻولي ٻڌان ٿو، ان ۾تنهنجي ئي ڳالهه پئي هلي.“