سادو پاڻي اصل حقيقت جي آشنائي بخشي سگهي ٿو : نامس ڊيوڊ پارڪس (محقق ڪيميا)
اسين پنهنجي چؤڌاري جيڪو نظم ۽ ترتيب ڏسئون ٿا، اهو محض قدرت قاهر جو ڪو قهري مظاهرو ناهي، بلڪه ان جي اندر خيرخواهي ۽ ڀلائيءَ جي گهري چاشني ڏسجي ٿي، جيڪا ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته فطرت جي اٽل قانون وانگر حڪمت الاهيءَ جو پروگرام به مخلوق جي فلاح ۽ ترقي آهي. مثال طور، پاڻيءَ کي ئي وٺو. ان جي ضابطي جو وزن 18 آهي. ان وزن جي بنياد تي فوري طور ٻڌائي سگهجي ٿو ته معمولي حرارت يا دٻاءَ جي اثر هيٺ اهو گئس ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. پاڻي هوا جي گولي جي دٻاءَ تحت منفي 33 سينٽي گريڊ درجهء حرارت تي به گيس بڻجي سگهي ٿو. هائيڊروجن سلفائيڊ، جيڪا دوري جدول ۾ پاڻيءَ سان ويجهي مناسبت رکي ٿي. ان جي ضابطي جو وزن 34 آهي ۽ اها منفي 59 درجا سينٽي گريڊ تي گيس بڻجي سگهي ٿي. هاڻي اها ڳالهه ته، پاڻي هميشه وهڪري جي شڪل ۾ رهندو آهي، نهايت ئي اهم ۽ قابل غور حقيقت آهي.
وڏي پئماني تي ان حقيقت تي غور ڪري سگهجي ٿو ته پاڻي، ڌرتيءَ جي هن گولي تي ٽن حصن کي گهيريون ويٺو آهي ۽ ان جي حرارت ۽ موسمي حالتن جي ڦير گهير تي گهرو اثر پوندو آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ مٿي ڄاڻايل خاصيتون نه هجن ته تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي ته ان سان حرارت ۾ ڪيڏا لاها چاڙها ايندا رهن ها. ڄميل پاڻيءَ کي رجائڻ جي لاءِ ڪافي سخت حرارت جي ضرورت آهي. ان جي وهڪري واري ڪيفيت ڪافي عرصي تائين برقرار رهي سگهي ٿي ۽ ان کي ٻاڦ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي تيز حرارت مطلوب هوندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح گويا، ان ۾ موسمن جي ڦير گهير جي شديد اثرن کي جذب ۽ زائل ڪرڻ جي حيرت انگيز صلاحيت پيدا ڪئي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن موسمن ۽ حرارت جي ڦير گهير جي اثرن کي زائل ڪرڻ جي اها عقل کي حيران ڪندڙ صلاحيت، پاڻيءَ ۾ موجود نه هجي ته هوند زمين تي انسان جي لاءِ زندهه رهڻ انتهائي مشڪل ۽ اڻائو ٿي پوي.
ان کان کانسواءِ پاڻيءَ جون ٻيون به کوڙ انوکيون خاصيتون اهڙيون آهن، جيڪي مون کي اهو مڃڻ تي مجبور ٿيون ڪن ته اهو نه صرف ڪنهن وڏي حڪيم ۽ داناءَ جي تخليق آهي، بلڪه اهو خلقڻهار پنهنجيءَ مخلوق تي وڏو مهربان ۽ ان جو وڏو خيرخواهه پڻ آهي. پاڻي اهو واحد معلوم مادو آهي جيڪو ڄمڻ کانپوءِ هلڪو ٿي ويندو آهي. اها شيءِ زندگيءَ جي بقا لاءِ زبردست اهميت واري آهي. ان جي ڪري ئي اهو ممڪن هوندو آهي ته برف، پاڻيءَ جي سطح تي ترندي آهي ۽ دريائن، سمندن ۽ ڍنڍن جي تري ۾ ويهي ناهي ويندي جو آهستي آهستي سڀني کي ڄمائي ٺوٺ ڪري ڇڏي. برف پاڻيءَ جي سطح تي هڪ اهڙو تهه بڻجي ويندي آهي جنهن جي هيٺان پاڻيءَ جو درجهء حرارت، ڄمي وڃڻ جي نقطي کان وڌيڪ رهندو آهي ۽ ان جي ڪري مڇيون ۽ ٻيا آبي جانور زندهه رهندا آهن ۽ جيئن ئي بهار جي مند ايندي آهي ته برف فوري طور تي رجي ويندي آهي.
پاڻيءَ جون ٻيون به نهايت دلچسپ خاصيتون قابل ذڪر آهن. مثال طور؛ پاڻيءَ جي ڪناري تي نهايت سخت ڇوليون ۽ حرڪت رهندي آهي جيڪا، مٽيءَ مان غذائي جزن کي مٿي آڻيندي آهي ۽ هڪ جاءِ تان ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪندي رهندي آهي ۽ اهڙيءَ ريت نباتات جي واڌ ويجهه ۾ وڏي مدد ڪندي آهي. پاڻيءَ ۾ شين کي حل ڪرڻ ۽ ڳارڻ جي صلاحيت هر پٽڙي مادي کان وڌيڪ آهي ۽ تڏهن ئي پاڻي اسان جي رت جو هڪ اهم جز بڻجي، اسان جي جسماني زندگيءَ جي واڌ ۽ ارتقا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. حرارت جي بي شمار حالتن ۾، حرارت جي مختلف درجن سان، ان تي شديد بخاراتي دٻاءُ پوندو آهي، پر ان جي باوجود انهن سمورين بي شمار صورتن ۾ وهندڙ ئي رهندو آهي، جن ۾ زندگيءَ جي بقا لاءِ ان جو وهندو رهڻ ضروري آهي.
بي شمار سائنسدانن، پاڻيءَ جي ان حيرت انگيز خاصيتن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ انهن عجوبن جي توجيهه جي سلسلي ۾ کوڙ نظريا قائم ڪيا آهن. پر اها حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي اٽل آهي ته عقل وڙهائي، اسين چاهي اها ڳالهه ڄاڻي وٺئون ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن پيو ٿئي، پر اهو ٻڌائڻ اسان جي وس جي ڳالهه ئي ناهي ته اهو سڀ ڇو پيو ٿئي؟ وري اهو به ذهن ۾ رکو ته معاملو، صرف پاڻيءَ جي عجيب و غريب خاصيتن تائين محدود ناهي. هن ڪائنات ۾ خبر ناهي ته ڪيترا بي حد و حساب مادا آهن، جن جون خاصيتون ايتريون حيران ڪن آهن، جو انساني عقل انهن جا مظاهر ڏسي دنگ رهجيو وڃي. جيستائين منهنجي ذات جو تعلق آهي، فطرت جي انهن معجزن جي مون هڪ توجيهه دريافت ڪري ورتي آهي. هڪ نهايت اطمينان بخش توجيهه ۽ اها توجيهه اها آهي ته: ”ڪائنات جو هي بي مثال نظم و ضبط هڪ حڪيم جو ڪرشمو آهي ۽ هن ڪائنات جو وجود هڪ عظيم ڪاريگر جي ڪاريگريءَ جو شاهڪار آهي ۽ هن ڪائنات ۾ صرف اهوئي نه، ته هر شيءِ جي منصوبابندي نهايت جامع ۽ مڪمل آهي، بلڪه ان منصوبابنديءَ ۾، خالق ڪائنات جي پنهنجي مخلوق جي لاءِ رحمت ۽ شفقت، محبت ۽ خيرخواهي به پوريءَ طرح نمايان آهي.“
****