الله پاڪ جي وجود تي علم طب جي شاهدي : پال ارنسٽ ٽولف (ماهرِ طب)
گهڻو عرصو اڳ، جڏهن مان طب جي هڪ مدرسي ۾ شاگرد هيس، مون انهن تبديلين جي بنيادي مادي تصور جي واقفيت حاصل ڪئي جيڪا ڪنهن زخم جي ڪري، انساني جسم ۾ واقع ٿيندي آهي. مون جڏهن خوردبين جي مدد سان خلين جو مطالعو ڪيو ته مون تي انڪشاف ٿيو ته، انسان جي جسماني ساخت تي مختلف اثرات مرتب ٿي ڪري زخمن جي ڇٽي وڃڻ ۾ ان جي ڪهڙيءَ طرح مدد ڪندا آهن. تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ مون کي جڏهن زندگيءَ جي عملي ميدان ۾ قدم رکڻ جو موقعو مليو ۽ مون طب ۽ جراحت کي پيشي طور اپنايو ته مون کي پنهنجي فن تي تمام گهڻي اعتماد سان گڏ، ان ڳالهه جو يقين هيو ته زخمن ڇٽڻ جي سمورن طور طريقن کان چڱيءَ طرح واقف ٿيان ۽ جيڪڏهن صحيح ۽ موزون قسم جي دوا ۽ ملم تيار ڪجي ته زخم ضرور ٺيڪ ٿي سگهن ٿا. پر مون کي ستت ئي پتو پئجي ويو ته مون هڪ زبردست ۽ طاقتور عنصرن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن کي الله جي مرضيءَ جو نانءُ ڏنل آهي ۽ جنهن کي طبي تصور ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪوئي چارو ڪونهي.
شفاخاني ۾ جن مريضن جي نگراني منهنجي حوالي ڪئي وئي، انهن ۾ هڪ ستر سالن جي ٻڍڙي به هئي جنهن جو ڪلهو زخمي هيو. جڏهن ان جو علاج شروع ڪيو ويو ته ان جا خليا وڏي تيزيءَ سان ٺيڪ ٿيڻ لڳا. مون کيس ايترو تڪڙو تندرست ٿي وڃڻ تي مبارڪ ڏني. اسين ان جي حالت مان ايترو مطمئن ٿياسون جو سرجن چئي ڇڏيو ته هن ٻڍڙيءَ کي 24 ڪلاڪن ۾ موڪل ڏني وڃي. ڇاڪاڻ جو اها هاڻي بنا سهاري جي آسانيءَ سان گهمي ڦري پئي سگهي.
آچر جو ڏينهن هجي. ان جي نياڻي ساڻس ملڻ آئي. مون ان کي چيو ته هاڻي ان جي امڙ ٺيڪ ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري سڀاڻي کيس اسپتال مان گهر وٺي وڃجو. ڇوڪري منهنجي ڳالهه ٻڌي پنهنجي امڙ وٽ آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته مون بابا سان، تنهنجي گهر منتقل ٿيڻ بابت مشورو ڪيو آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته ڇاڪاڻ جو گهر ۾ تنهنجي ٽهل ٽڪور سٺي نموني نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري مناسب ايئن آهي ته توکي ”دارالضعفاء“ ۾ موڪليو وڃي.
ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ، مان جڏهن ان ٻڍڙيءَ ڏانهن ويس ته مون ڏٺو ته وڏي تيزيءَ سان هوءَ لهڪارجي رهي هئي ۽ هوءَ چوويهن ڪلاڪن جي اندر اندر دنيا مان رخصت ٿي وئي. ان جي موت جو ڪارڻ ڏک نه هيو، بلڪه دل جو عارضو هيو. اسين لک ڪوششون ڪيون ته بهتر کان بهتر جيڪا دوا هجي سا کيس ڏني سون پر هوءَ بچي نه سگهي ۽ وڃي پنهنجي رفيقِ اعليٰ سان ملي.
هن جي ڪلهي جو زخم ڀرجي چڪو هيو، پر دل ويهجي وئي هيس. اهي زندگيءَ جون سموريون رونقون، جيڪي زندگيءَ جي لاءِ بنهه ضروري آهن. جڏهن هن ڏٺو ته اهي نه رهيون ته پوءِ تندرستي خواب هيو، جيڪو شرمندهء تعبير نه ٿي سگهيو.
ان واقعي جو منهنجي دل تي وڏو اثر ٿيو. مون کي يقين هيو ته جيڪڏهن ٻڍڙي مايوسيءَ جو شڪار نه ٿئي ها ته اهو حادثو ڪڏهن به پيش نه اچي ها. اميد آهي، جنهن تي زندگي قائم آهي، اها صرف ايمان بالله سان پيدا ٿيندي آهي. مان جڏهن به ان حادثي کي وقت جي وٿيءَ مان جهاتي پائي ڏسندو آهيان ته منهنجي دل جي دنيا زيرو زبر ٿي ويندي آهي.
هڪ طبيب جي حيثيت ۾، مان خدا کي خالقِ ڪائنات ته مڃيان ٿو، پر ان سان گڏ اهو به سمجهان ٿو ته انساني جسم ۾ جيڪي تبديليون ٿينديون آهن، انهن جي نوعيت نج مادي آهي ۽ مادي اثرات ئي انهن تبديلين جا محرڪ آهن. انهن تغيرن ۾ خدا پاڪ جو ڪو خاص دخل ڪونهي. ڇا اهو باور ڪري سگهجي ٿو ته مالڪ پنهنجن بندن کي پيدا ڪندو آهي ۽ پيدا ڪري وٺڻ کانپوءِ انهن کان بي تعلق ٿي ويندو آهي؟ جنهن ٻڍڙيءَ جو مون، مٿي ذڪرڪيو آهي، اها جسماني طور تي صحتياب ٿي چڪي هئي، پر هن جي روح، موت جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري هوءَ ساڳائي نه سگهي. حضرت مسيح عليه السلا م ڪيڏو نه صحيح چيو آهي ته:
”ان مان ڇا فائدو ته انسان سموري دنيا حاصل ڪري وٺي، پر پنهنجو روح وڃائي ڇڏي؟“
ان واقعي کان پوءِ مون کي ان ڳالهه جو به شدت سان احساس ٿيو ته ڪنهن شخص جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي جسم ۽ روح، ٻنهي جو فڪر ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري جڏهن هڪ پاسي، دوائن ۽ سامان مان استفادو ڪجي ته ٻئي پاسي ان شافيءَ مطلق کان به دعا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪو به ڪم پورو ٿي نٿو سگهي. سهولتن ۽ تڪليفن جي لاءِ خدا جا مقرر قانون آهن. جڏهن انهن قانونن جي پاسداري ٿئي ٿي ته سهولتون ۽ جڏهن انحراف ٿئي ٿو ته تڪليفون اچن ٿيون. ان ڪري دعا مان مطلب ٿيندو ته اهڙي ڪنهن شعوري يا غيرشعوري انحراف کان بچڻ جو تهيو ڪرڻ. اسباب جي فراهمي ۽ فطرت جي اسباب تي ايمان، هي ٻئي شيون شفايابيءَ جي لاءِ ضروري آهن. اهي ٻئي طب جي علم جي لاءِ نهايت ئي ضروري آهن ۽ انهن ٻنهي جي سنگم سان ئي هڪ قابلِ اعتماد جديد طبي فلسفو وجود ۾ اچي سگهي ٿو.
طب جي علم ۾، نفسيات جنهن تيزيءَ سان اهميت حاصل ڪري رهي آهي، ان سان منهنجي احساس کي تهائين سگهه ملي آهي. حال ۾ جيڪي مختلف تجربا بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان پتو پيو آهي ته وڏين وڏين آمريڪي آبادين ۾، اسي فيصد مريض اهڙا آهن جن جي بيماريءَ جو سبب گهڻو ڪري ذهني ۽ نفسياتي آهي ۽ انهن مريضن منجهان اڌ اهڙا آهن، جن ۾ بظاهر بيماريءَ جي ڪائي علامت ڪانهي! ان ڏس ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏڻ به نهايت ضروري آهي ته، اهي نفسياتي يا اعصابي ڪارڻ ڇڙو تصور يا وهم ڪونهن، بلڪه اهي بيماريون دنيا ۾ موجود آهن ۽ انهن جا ڪارڻ به تخيلاتي ناهن، بلڪه اهي سچ پچ محسوس به ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن طبيب ٿورو به عقل کان ڪم وٺي ته انهن کي پروڙي سگهي ٿو.
سوال اهو آهي ته آخر انهن اعصابي بيمارين جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ نفسيات جي ماهرن ان سلسلي ۾ جيڪا تحقيق ڪئي آهي، ان مان پتو پوي ٿو ته بيشمار ڪارڻن منجهان ڪجهه اهم ڪارڻ: ”قوت اراديءَ جو فقدان، نفرت، خوف، مايوسي ۽ نااميدي، شڪ، حسد ۽ خودغرضي آهن.“ ان کي انسان جي بدقسمتيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي ته ان علم جي گهڻن ماهرن انهن جذباتي الجهائن کي سلجهائڻ ۾ وڏي ذهانت جو ثبوت ڏنو آهي. پر انهن جو صحيح علاج تجويز ڪرڻ ۾ جنهن بري طريقي سان ناڪام ٿيا آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته انهن ان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي تدبيرون اپنايون آهن انهن ۾ ايمان بالله کي نظرانداز ڪري ڇڏيو اٿن.
الله پاڪ، ڇاڪاڻ جو انسان جو انهن ذهني مونجهارن کان پوريءَ طرح سونهون آهي، تنهن ڪري ان پاڻ ئي ڪتاب مقدس ۾ انهن جو علاج به تجويز ڪيو آهي. نفسياتي معالج، اسان کي انهن تالن جا اسرار سمجهائڻ تي توجهه ڏيندا آيا آهن، جيڪي اسان جي لاءِ صحت جا دروازا بند ڪري ڇڏيندا آهن. الله پاڪ، اهي تالا کولڻ جي هڪ اهڙي مها- چاٻي به اسان کي عطا ڪئي آهي، جنهن جي ذريعي اسين وڏي آسانيءَ سان صحت جو طلسمي دروازو کولي سگهون ٿا. اها چاٻي اسان کي الله پاڪ وٽان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. مشهور شاعر: ”ڪوپر“ بلڪل صحيح چيو آهي:
”انڌو الحاد لازمي طور تي ادراڪ نه ٿو ڪري سگهي. خدا پنهنجن ارادن جو پاڻ ئي صحيح ترجمان آهي ۽ اهوئي انهن جي ترجماني ڪري ٿو.“
اسين سڀ گناهگار آهيون ۽ معافيءَ جا طلبگار آهيون. جن گناهگارن کي خلقڻهار بخشي ڇڏيو آهي، خوف ۽ غم انهن کي ڪڏهن به ڇهي نه ٿو سگهي ۽ اهي هڪ اهڙي دنيا ۾ رهن ٿا، جتي مايوسيءَ جي ڪا به گنجائش ڪانهي. جڏهن خدا جي محبت دلين ۾ ويهي ويندي آهي ته خودغرضي، حسد ۽ اهڙيون ٻيون خباثتون خودبخود پچر ڇڏي وينديون آهن. نااميديءَ جي جاءِ اميد وٺي ڇڏيندي آهي ۽ اميد وري زندگيءَ جي رهنما قوت بڻجي ويندي آهي.
هڪ طبيب جي حيثيت سان، مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، جيستائين مان پنهنجو پاڻ کي دوائن سان گڏوگڏ روحاني طور تي مسلح نه ٿو ڪريان، تيستائين آئون ڪاميابيءَ سان بيمارين جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهان ڇاڪاڻ جو اهو اڌورو علاج آهي.
جيستائين انسان پنهنجي عزائم ۽ ارادن کي خدائي تعليمات سان هم آهنگ نه ڪندو، تيستائين ان جو ذهني خلل دور ٿي نه سگهندو ۽ هو بيمارين ۾ ڦاٿل رهندو. منهنجو ان تي ايمان آهي ته خدا آهي ۽ ٽٽل دليون ۽ ٽٽل هڏيون ان جي ئي رحمت سان جڙنديون آهن.
****