تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هي پهريون موقعو آهي جو هڪ ڪتاب ۾ اڪيچار سائنسدانن- جيڪي سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ درجي جي مهارت رکن ٿا، پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي حوالي سان خاص طور تي خدا جي هستيءَ جي مسئلي تي باقاعده بحث ڪيو آهي. اها وک اميد ته انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي فائدي واري ثابت ٿيندي، جيڪي سطحي طور تي سائنس جي رعب ۾ ورتل هجڻ جي ڪري، خدا جي انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي وجود بابت شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته خدا کي مڃڻ هڪ غير سائنسي ڳالهه آهي! هن ڪتاب ۾ اهي ڏسندا ته وڏي کان وڏا سائنسدان بي وس ٿي ڪري الله پاڪ جي هستيءَ جو نه صرف اقرار ڪن ٿا، بلڪه نهايت مضبوط علمي ۽ عقلي دليلن ذريعي ان جو اهڙو ثبوت به ڏين ٿا، جهڙو ثبوت سائنس کان ڪنهن مٿانهين احساس ۽ ادراڪ واري شيءِ بابت ڏئي سگهجي ٿو.
Title Cover of book خدا ، سائنس ۽ فلسفو

ڪائنات، خدا کان بغير : پروفيسر رضي الدين (سائنسي تعليمدان)

مذهبي حلقن کي جنهن خطرناڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪن سوال سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهو، ”خدا جي وجود ۽ ان جي صفتن سان تعلق رکي ٿو.“ مسئلو جيترو اهم آهي، اوترو ان ڏانهن توجهه به ڏنو ويو آهي. جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي، زبردست ۽ اعليٰ دماغ پيدا ٿيندا رهيا آهن. اهڙا اهڙا عقلمند ۽ ڏاها گذريا آهن، جن جي فڪري سطح کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. انهن ۾ شايد ئي اهڙي شخصيت گذري هجي، جنهن کي ان اهم ترين بنيادي سوال سان منهن ڏيڻو نه پيو هجي. مذهبي عقيدا هجن يا عقلي منطق- جيتريقدر سوچون ۽ ويچار وڌندا ويندا آهن، مسئلي جي پيچيدگي تهائين ٻيڻي ٽيڻي ٿيندي ويندي آهي. ”اک“ جو مشاهدو جيڪو دنيا ۾ يقين جي سڀ کان وڏي ڪسوٽي آهي، ان معاملي ۾ کرو ثبوت ڏيڻ کان قاصر آهي. نه نظر ٿو اچي، نه ڇهي ٿو سگهجيس، نه ٻڌي ٿو سگهجيس ۽ نه ڪي سوال جواب ڪري سگهجنس ٿا، پر پوءِ به سندس وجود برحق آهي. عجيب و غريب ڳالهه اها آهي ته هڪ هستي، ڪنهن به طرح ناهي، مگر آهي. انهن صفتن ۾ خدا جي وجود تي دليلن جي گنجائش ڪانهي. هتي اسان کي صرف اهو ڏسڻو آهي ته ان مسئلي مان پيدا ٿيندڙ مسئلن جو حل ڇا آهي؟! عقل جو سمورو وقت صرف ڪرڻ کانپوءِ اسين ان نتيجي تي پهچون ٿا ته ان معاملي ۾ عقل، ڪوئي قطعي يڪطرفو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. ڪنهن ڳالهه جو عقل جي حدن ۾ نه اچڻ ان ڳالهه جي وجود کان انڪار جي لاءِ ڪافي ناهي. روزانو جا تجربا ٻڌائين ٿا ته ڪجهه غبي ذهن ماڻهن جي سمجهه ۾ ڪو مسئلو، منڍؤن ايندو ئي ناهي. جيڪڏهن اهڙو ماڻهو، ڪنهن ڳالهه جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏي ته اهو غلط آهي. ٿي سگهي ٿو ته سموري دنيا جي انسانن جو عقل به ان مسئلي تائين پهچڻ کان قاصر هجي. ان سوال تي صرف انڪار نه، بلڪه اقرار جي پاسي جي ئي گنجائش آهي. ايئن عقل جو نالو وٺي خدا جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏڻ، عقل جي غلط ترجماني ڪرڻ آهي. ٿوري دير جي لاءِ ڇڏي ڏيو ته مذهب ان بابت ڇا ٿو چوي. توهان، خود عقل جي ٻل تي هلندڙ علم، يعني سائنس کان ان سوال جو جواب پڇو ته اها هن دنيا بابت ڇا ٿي چوي؟ سائنس جتان شروع ٿيندي آهي، اهو اهوآهي ته روشني ۽ حرارت جو هڪ وڏو گولو، يعني سج گردش ڪري رهيو آهي. ان جا ٽڪرا ٿي زمين ۽ ٻيا سيارا ٺهي ويا، دنيا جي اها تعبير، ٻن سببن جي ڪري خلاف عقل آهي.
* پهريون اهو ته: ”نظر ايندڙ“ وارو اعتراض، جيڪو خدا جي باري ۾ ڪيو ويندو آهي، هتي به ڪري سگهجي ٿو. سج جا ٽڪرا ٿيا! سوال اهو آهي ته ”ڪنهن ڏٺا“؟ جڏهن خود سائنس جي قول جي مطابق اهو ڪم، زمين تي زندگيءَ جي وجود کان اٽڪل ڏهه لک سال اڳ ٿيو هيو. دنيا جي ڪنهن به انسان، ايستائين جو ڪنهن جاندار به، جنهن واقعي کي ٿيندي نه ڏٺو هجي، ان کي عقل ڪيئن ٿو تسليم ڪري سگهي؟ وڌ ۾ وڌ اهو ٿو چئي سگهجي ته اسان جي اندازي، رياضي، تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ سان اهوئي ٿو ظاهر ٿئي ته: ”ايئن ٿيو هوندو!“ خدا جي نظر نه اچڻ تي جيڪو عقل غير مطمئن آهي، ان کي ان ڳالهه تي به غير مطمئن ئي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو مڃي به وٺجي ته سج ٽڪرا ٿي، زمين ۽ سيارا ٿي ويو ته پوءِ ان سوال جو ڇا جواب آهي ته، ”سج ڪٿان آيو؟ ۽ اهو ڪڏهن کان گردش ڪري رهيو هيو؟“ جيڪڏهن شروع ۾ مادو موجود هيو ته: ”مادو ڪٿان آيو؟“ اهي سڀ سوال ان قسم جا آهن، جو انهن جو ڪوئي آخري حل ڪونهي. ايئن ته سمورن انسانن جون عمريون ختم ٿيڻ تائين به ان مسئلي جي پڄاڻي ٿي نه ٿي سگهي.
اسين زندهه آهيون، اها هڪ حقيقت آهي. اسان کي سمورن انسانن سان گڏجي ڪري زندگي گذارڻي آهي، اها به هڪ حقيقت آهي ۽ زندگي گذارڻ جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن بنياد جي ضرورت آهي. توهان ڏٺو ته: ”سائنس ۽ مذهب، ٻنهي جو بنياد هڪ جهڙو ئي آهي.“ سائنس جي ابتدا عقل جي روءِ سان ڊانواڊول آهي، پر ان جي باوجود ان جو درمياني دور ڪيڏو اهم آهي. ان جي بدولت، انسان مادي اعتبار کان ايڏي ترقي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح مذهب، دنيا جي لاءِ سلامتيءَ جو پيغام آهي. ان حيوان کي انسان بڻايو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ڪنهن سان ٿو دنيا ۾ امن امان ۽ سڪون محسوس ٿئي. ماديت پسند ڇڙواڳ معاشري ۾ يا اهو معاشرو جيڪو خدا جي تصور کان آزاد آهي ان ۾، ڪائنات ۾ سڀ کان بلند مقام انسان کي ڏنو ويوآهي ۽ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته، پنهنجي زماني جا قابل ترين انسان ٻين انسانن تي حڪومت ڪن. مطلب ته انسانن تي انسانن جي حڪومت قائم ٿي وڃي ته دنيا ۾ امن امان ۽ سڪون قائم ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۽ تجربن مان ثابت ٿئي ٿو ته، ائين ٿيڻ فطرت جي خلاف آهي. ماڻهو، پنهنجي ئي هم جنس جو هميشه ۽ هر حالت ۾ ماتحت رهي نه ٿو سگهي. ان جا خيال ۽ سوچڻ سمجهڻ جو انداز وقت جي تعلقات سان گڏوگڏ بدلبا رهندا آهن. وري هر شخص جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جو انداز ۽ سٺائي بڇڙائيءَ جو معيار مختلف ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري اهڙن خدائي حڪمن ۽ هدايتن جي سخت ضرورت پوندي، جن تي سمورا ماڻهو متفق ٿي سگهن ۽ انتشار باقي نه رهي. ماڻهوءَ جي تجسس جي ذوق جي ڪائي انتها ڪانهي. هو ڪنهن به دريافت يا جاکوڙ کانپوءِ خاموش ويهي نه ٿو سگهي. جيڪا ڳالهه يا حقيقت ان تي ظاهر ٿيندي آهي، پوءِ ان جي وقعت ۽ اهميت ان جي نظر ۾ گهٽجي ويندي آهي. ڇو جو ان جو هم جنس، ڀلي ڪيڏو به عظيم ۽ زبردست انسان ڇو نه هجي، فهم ۽ دانش جو هڪ محدود مقدار رکي ٿو. ان مقدار کي ڪڏهن نه ڪڏهن پار ڪري سگهجي ٿو. تنهن ڪري ان جي لاءِ ان فهم ۽ دانش جي ڳالهين جي به ضرورت محسوس ٿيندي، جنهن کي انساني عقل پار ڪري نه سگهي، ماڻهوءَ جي فطرت ۾ هڪ عنصر اهو به آهي ته: ”هو خود غرض آهي.“ هو اهو ٿو چاهي ته پاڻ آرام سان کائي پيئي، وڌ کان وڌ مال ڪٺو ڪري، پوءِ هو پنهنجن ماڻهن سان جيتري رغبت ۽ همدردي رکندو آهي، سا ٻين سان نه رکندو آهي. جيڪڏهن فرض ڪريو، هو وسعت نظري ۽ انصاف کان ڪم وٺي به ته وڌ۾ وڌ پنهنجي قوم ۽ نسل سان انصاف ڪندو. دنيا ۾ هر رنگ ۽ نسل جا ماڻهو وسن ٿا. هر قوم، ٻي قوم کي پنهنجو ماتحت ۽ غلام بڻائڻ چاهيندي ۽ عالمگير سطح تي ظلم جو دروازو کليل رهندو.
توهان جيترو غور ڪريو، توهان جو عقل، اها ضرورت محسوس ڪندو ته جيڪڏهن سموري دنيا جا انسان پاڻ کان ڪنهن بلند ۽ بالا هستيءَ کي پنهنجو نگران ۽ مالڪ مڃي وٺن، تڏهن به ڀلائيءَ جي ڪا صورت نڪري سگهي ٿي. جيستائين ماڻهوءَ جي خودغرضيءَ جو احساس اندر کان ڪچليو نه وڃي، تيستائين ٻين سان ڀلائي نه ٿو ڪري سگهي. اهو ڪم فوج ۽ پوليس جو ناهي. بلڪه اهڙي عقيدي جو آهي، جنهن تحت ڪا هستي هر وقت ۽ هر هنڌ ان جي نگراني ڪندي رهي. ڪنهن وڏي خدائي طاقت جو مستقل خوف ئي کيس برائيءَ کان باز رکي سگهي ٿو. اهڙي خدائي قوت جي احڪامات جي اثر هيٺ رهي ڪري ئي، انسان انسان جي مٿان انصاف سان حڪومت ڪري سگهي ٿو ۽ عدل قائم ڪر سگهي ٿو.
هاڻي اسين خدا جي وجود جي باري ۾، انهن صفتن کي وٺئون ٿا، جيڪي اسلام بيان ڪيون آهن ۽ جيڪي منڪرن وٽ عقل جي خلاف آهن. اسين ڏسون ته، ڇا ان هستيءَ جي لاءِ انهن صفتن کانسواءِ ڪي ٻيون صفتون مناسب ٿي سگهن ٿيون؟ سڀ کان پهرئين صفت اها ته، هو نظرنه ٿو اچي. عقل مطالبو ٿو ڪري ته کيس نظر اچڻ وارو هجڻ گهرجي ها! جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ انڪار جي ڪهڙي گنجائش بچي ها ۽ جيڪا هستي نظر اچي رهي آهي، ان جي وجود کي مڃائڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي لاءِ هاڻي ڪهڙي ضرورت ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته انسان جي عقل جو امتحان ڪيئن وٺي سگهجي ها؟ داناءَ ۽ نادان ۾ فرق ڪيئن ڪري سگهجي ها؟ ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته دنيا جو سمورو ڪارخانو ئي الٽو ٿي وڃي ها. اڳ پهرئين سوال تي ئي ان جو جواب ٻڌايو وڃي ها ته باقي سوالن ۾ ڪهڙي دلچسپي رهي ها؟ ٻي صفت کي وٺو، يعني هو هر جاءِ تي موجود آهي، سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن هو هر جاءِ تي موجود هجڻ جي بجاءِ ڪنهن مخصوص هنڌ تي هجي ها ته ان مقام جي مقابلي ۾ ٻين مقامن جي اهميت گهٽجي وڃي ها ۽ سموري دنيا جا انسان دعائون ۽ التجائون ڪرڻ جي لاءِ سميٽجي هڪ هنڌ ڪٺا ٿي وڃن ها. دنيا جي آباديءَ ۾، جيڪو رنگ برنگي اطمينان ۽ توازن هن وقت ڏسجي ٿو، اهو ان صورت ۾نه هجي ها. حق تلفيون ٿين ها ۽ خدا جي هستيءَ تائين غفلت ۽ جانبداريءَ جو الزام مڙهجي وڃي ها. هاڻي ته ماڻهو پنهنجي جاءِ تي دعا ڪري مطمئن ٿي وڃي ٿو ته ٻڌڻ واري ٻڌي ورتي آهي. ٽيون اهو ته انصاف اهوئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو هميشه هجي ۽ هميشه رهندڙ هجي. اها هستي جيڪا ڪجهه عرصو پهريان آئي هجي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ هلي ويندڙ هجي، اها سمورن قديم ۽ جديد انسانن جي درميان انصاف ڪري نه ٿي سگهي. عقل چوي ٿو ته ايئن ئي هجڻ گهرجي ها. جيڪڏهن عقل، خدا جي وجود جو احاطو ڪري وٺي ها ته اها ڳالهه ان جي بزرگيءَ جي توهين برابر هجي ها. عقل جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ جي لاءِ غور فڪر جو اهڙو ميدان هجڻ گهرجي، جنهن جي ڪائي حد نه هجي، نه ته ان جي پرواز کي نقصان پهچندو. قرآن حڪيم جا هي لفظ ڏسو:
الله نورالسماوات والارض
”الله، آسمانن ۽ زمين جو نور آهي“
وَ نَحْنُ اَقْرَبُ اِلَیۡہِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِیۡدِ
”۽ اسين ته انسان کي سندس شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.“
هينئر اسين، خدا جي وجود جي متبادل صورت جو جائزو وٺي ڏٺوسين ته جيڪو ڪجهه آهي، اهوئي وڌيڪ بهتر آهي. ڇا ان کانپوءِ به ڪنهن ٻئي ثبوت جي ضرورت باقي رهي ٿي؟!
****