سائنسي طريقِ فڪر سان : والز آسڪر لينڊ برگ (ماهر عضويات ۽ حياتياتي ڪيميا)
سائنسدان، جيڪڏهن سائنسي اصولن سان الله پاڪ جي وجود کي سمجهڻ کان انڪار ڪن ٿا ته، ان جا مختلف ڪارڻ آهن. مثال طور:
گهڻن ملڪن ۽ شهرن ۾ اجتماعي ادارن، تنظيمن ۽ حڪومتن، الحاد کي پنهنجي مطلق العنان حڪمت عملين جي حيثيت سان، ماڻهن جي مٿان اهو ڏاڍ مڙهيو آهي ۽ اهي ماڻهو انفرادي طور تي جيڪڏهن فطرت جي مظهرن ۾ ، الله پاڪ جي وجود جو جلوو ڏسن ٿا ته اهي لاديني حڪومت جي عذاب ۽ سزا ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ رسوا ٿيڻ جي خوف کان، ان جو اعتراف ۽ برملا اظهار ڪرڻ جي جرئت نه ٿا ڪري سگهن. مثال طور: عيسائيت جي تعليمات ۾ نون نسلن جي ذهن ۾ هڪ اهڙي خدا جو تصور ويهاريو ويندو آهي، جنهن انسان جو روپ ڌاري ورتو آهي. اهو نئون نسل جڏهن سائنسي ميدان ۾ اڳتي وڌندو آهي، خدا جي ان بشري مظهر جي ابتي منطق ان جي سائنسي ذهن جي لاءِ قابل قبول ناهي رهندي.
۽ جڏهن انهن ذهنن کي خدا جو اهو تصور قبول ڪرڻ تي آماده ڪرڻ ۾ ڪاميابي ناهي ٿيندي ته، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته منڍؤن، الله پاڪ جي تصور کي ئي ترڪ ڪيو ويندو آهي ۽ ان سان جيڪا مايوسي ۽ نفسياتي ردعمل ٿيندو آهي، ان کانپوءِ وري اهڙي قسم جي ڪنهن تصور کي قبول ڪرڻ جو امڪان باقي ناهي رهندو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته الله پاڪ جي وجود کي سمجهڻ جو سائنسي طريقو ۽ ان جا اصول ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ اسان جي خيال ۾ ان جو سادو ۽ نهايت مختصر طريقو اهو ٿي سگهي ٿو ته سائنسدان، قدرت جي جن مظهرن جو مشاهدو ڪري ٿو، اهو ان کي خالص قدرتي روپ ۾، پنهنجو ڪو به اثر ان تي وجهڻ کانسواءِ، جهڙي طرح هو ستارن ۽ خلائي تحقيق جي سلسلي ۾ ڏسندو آهي يا وڌ ۾ وڌ ان تي جزوي طور تي پنهنجو ڪوئي عمل اهڙو ڪري سگهي ٿو، جهڙو، ليباريٽريءَ جي تجربن ۾ تجزيي ۽ تحليل جي خاطر ڪيو ويندو آهي. ان کانپوءِ هو، اهڙيءَ ريت ڪيل مشاهدن جو مقابلو ٻين سائنسدانن جي مشاهدن سان ڪري، انهن ۾ قدرِ مشترڪ ۽ باهمي ربط معلوم ڪري ۽ انهن مان نتيجا اخذ ڪري ڪجهه اصول جوڙي وٺي ٿو.
ٻين لفظن ۾، خدا کي ڄاڻڻ جو سائنسي طريقو اهو آهي ته مظاهر فطرت ۾ نظم ۽ ترتيب ۽ سببن ۽ علتن جي تلاش ڪجي. ڇو جو اهو ئي نظم ۽ ترتيب، سبب ۽ علتون، هڪ ناظم ۽ خلاق ۽ هڪ علت العلل خدا ڏانهن رهنمائي ڪندا آهن. ڇو جو ڪائنات ۾ نظم ۽ ترتيب ۽ سببن ۽ علتن جي موجودگيءَ ۾ هڪ اهڙي ذات جي وجود کان انڪار، جيڪو هن سموري ڪارخاني کي هلائڻ جو ذميوار آهي، بلڪل بي معنيٰ ۽ فضول ڳالهه ٿي وڃي ٿي.
جڏهن انسان، خدا کي سمجهڻ جو اهو ابتو رستو ڇڏي ڏي ته: ”خدا به هڪ بشري صفتن جي مظهر جي ذات آهي ۽ ان جي بجاءِ، انسان کي الله پاڪ جي وجود جي ذات ۽ صفات جو هڪ ادنيٰ مظهر سمجهي ڪري ڪائنات تي غور ڪري ته هو الله پاڪ جي عظمت ۽ قدرت جو ادراڪ ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو.“
سائنس جي سمورين ترقين جي باوجود اڃا تائين انسان جي رسائي، اسرار ڪائنات جي عباديات تائين ئي ٿي سگهي آهي. اڃا کيس فقط اهو اندازو ٿيو آهي ته ستارا بي انداز آهن. خلا جون وسعتون اڻ ڪٿ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جا بنيادي جُزا ناقابل بيان حد تائين ڏکيا آهن ۽ انسان جي پنهنجي ڪائنات جي رفتار، وقت جي مقابلي ۾ هڪ سيڪنڊ جو ڪروڙون حصو، بلڪه ان کان به گهٽ آهي. توانائيءَ وسعت ۽ وقت جا نه ڄاڻ ڪيترا نوان پيمانا ۽ مظهر اهڙا آهن، جن منجهان ڪجهه جو ته هو هڪ ڌنڌلو تصور ڪرڻ جي قابل ٿيو آهي، پر گهڻن جو ته هو اڃا تصور به نه ٿو ڪري سگهي. هو زندگيءَ کي هڪ حقيقت جي حيثيت سان ته ڏسي ۽ سمجهي ٿو، پر اڃا ان جي سائنسي حقيقت کي ماڻي نه سگهيو آهي. سندس محدود علم کيس وڌ ۾ وڌ اهو ٻڌائي سگهيو آهي ته هو، حقيقتن جي اڻ ڪٿ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺو آهي.
انسان، ڇاڪاڻ جو اڃا عقلي طور تي الله پاڪ جي وجود ۽ مظاهرِ فطرت جو بنهه محدود ادراڪ ڪري سگهيو آهي، تنهن ڪري هو مجبور آهي ته روحاني ۽ وجداني طور تي ئي خدا تي ايمان آڻي. انساني زندگيءَ ۾ خدا تي ايمان، انسان جي لاءِ راحت ۽ سڪون جو سرمايو هوندو آهي. پر هڪ اهڙي سائنسدان جي لاءِ، جيڪو خدا جي وجود تي ايمان رکندو هجي، هر نئون مشاهدو ۽ تجربو ان جي ايمان کي تازگي ۽ ان جي روح کي فرحت بخشيندو آهي. ڇو جو، ان جو هر مشاهدو ۽ ان جي هر تحقيق ان جي آڏو، الله پاڪ جي وجود جي اهميت ۽ حقيقت کي واضح کان واضح تر ڪندي آهي.
****