تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هي پهريون موقعو آهي جو هڪ ڪتاب ۾ اڪيچار سائنسدانن- جيڪي سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ درجي جي مهارت رکن ٿا، پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي حوالي سان خاص طور تي خدا جي هستيءَ جي مسئلي تي باقاعده بحث ڪيو آهي. اها وک اميد ته انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي فائدي واري ثابت ٿيندي، جيڪي سطحي طور تي سائنس جي رعب ۾ ورتل هجڻ جي ڪري، خدا جي انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي وجود بابت شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته خدا کي مڃڻ هڪ غير سائنسي ڳالهه آهي! هن ڪتاب ۾ اهي ڏسندا ته وڏي کان وڏا سائنسدان بي وس ٿي ڪري الله پاڪ جي هستيءَ جو نه صرف اقرار ڪن ٿا، بلڪه نهايت مضبوط علمي ۽ عقلي دليلن ذريعي ان جو اهڙو ثبوت به ڏين ٿا، جهڙو ثبوت سائنس کان ڪنهن مٿانهين احساس ۽ ادراڪ واري شيءِ بابت ڏئي سگهجي ٿو.
Title Cover of book خدا ، سائنس ۽ فلسفو

الله پاڪ جي وجود جو ٺوس دليل : انڊر يوڪان دي (ماهرِ عضويات)

ڇا، خدا آهي؟ يقيناً آهي! مون کي ان جي وجود تي ايترو پڪو يقين آهي، جيترو هن ڪائنات جي ٻين حقيقتن تي يقين آهي. مان جيتريقدر يقين سان اهو چئي سگهان ٿو ته ”مان آهيان ۽ دنيا ۾ موجود آهيان“. ان کان به وڌيڪ يقين سان خدا جي وجود جي دعويٰ ڪري سگهان ٿو.
ايمان بالله سان هن ڪائنات جي وجود جي صحيح تعبير ۽ توجيهه ڪري سگهجي ٿي. ان جي ذريعي انساني ذهن ۾ اهو خيال پختو ٿئي ٿو ته انسان پنهنجي هڪ مستقل شخصيت رکي ٿو، ڇڙو مادي ۽ قوت جو پيڪر ناهي. اهوئي اهو عقيدو آهي، جيڪو انسان ۾ اهو عقيدو پيدا ڪري ٿو ته: بشر جا سمورا ارڪان، فطرت جي اعتبار سان برابر ۽ هڪ ٻئي سان ڀائيچاري جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن ۽ وري ان بلند ۽ بالاهستيءَ تي ايمان ئي اسان کي پنهنجن حقن کان سونهون ۽ فرضن کان آگاهه ڪري ٿو. انهن حقن ۽ فرضن جي تهه ۾ اهو بنيادي تصور ڪارفرما آهي ته اسين سڀ، ڪنهن هڪ ذات جي نگاه ۾، جنهن جي محبت پاڪ ۽ انصاف اڻ ميو آهي- برابر آهيون. اهو نظريئه حيات رکڻ سان اسان ۾ ان ڳالهه جو شعور ٿو پيدا ٿئي ته، هدايت ۽ حياتي، مراد ۽ ڪاميابيءَ جو واحد سرچشمو الله پاڪ آهي ۽ ان جي مرضيءَ کانسواءِ ڪک پن به چري نٿو سگهي. تنهن ڪري قدرتي طور تي اهو عقيدو، انسان کي قوت ۽ طاقت جا اهڙا لازوال خزانا عطا ڪندو آهي، جن جو ڪوئي مثال پيش نه ٿو ڪري سگهجي. اهو عقيدو ئي اهو محڪم ۽ ٺوس بنياد آهي، جنهن تي مستقل ۽ پائيدار اقدار جو هڪ عظيم الشان محل اڏبو آهي، ڇو جو ابد ۽ ازل جو تصور ان سان وابسته آهي.

[b]خدا جي وجود جو منطقي ثبوت:
[/b] اهي اصول، جيڪي روزاني جي تجربن مان جڙندا آهن، اهي ان قابل آهن ته انهن منجهان به خدا جي وجود کي منطقي طور تي ثابت ڪري سگهجي ٿو. اهڙي قسم جو هڪ اصول ”نامس اڪونس“ پيش ڪيو هيو. استدلال جي ان طرز جا اصول انهن تجربن مان ورتل آهن، جن سان کوڙ والدين جو هڪ ٻار جي ذهني واڌ ويجهه جي دوران واسطو پوندو آهي. خدا جي وجود کي منطقي طور تي، جنهن ٺوس طريقي سان ثابت ڪيو ويو آهي، ان مان انهن لاتعداد مفڪرن کي، ايماني دولت ۽ قلبي اطمينان حاصل ٿيو آهي، جن سائنس جي ترقي ۽ فلاح ۾ وڏو حصو ورتو آهي.

[b]خدا جي وجود جي انڪار جو ڪوئي جواز ڪونهي:
[/b] هي قول ته: ”خدا موجود آهي.“ ٺڪرائي نه ٿو سگهجي ۽ اها دعويٰ ته ”خدا ڪونهي“، ثابت نه ٿي ڪري سگهجي. ملحدن، خدا پاڪ جي وجود جي نفي ڪئي آهي، پر ان جي انڪار جي جواز ۾ اڄ تائين ڪو به عقلي ثبوت فراهم ڪري نه سگهيا آهن. هڪ ماڻهوءَ کي ان ڳالهه جو پورو اختيار آهي ته هو، ڪنهن شيءِ بابت شڪ ظاهر ڪري، پر گڏوگڏ ان جو اهو به فرض آهي ته هو، ان شڪ جي جواز ۾ ڪو ٺوس ۽ عقلي دليل به پيش ڪري. منهنجي نظر مان اڄ تائين نه اهڙي ڪا تحرير گذري آهي نه ئي وري مون ڪڏهن اهڙي ڪا تقرير ٻڌي آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه دليلن سان ثابت ڪئي وئي هجي ته: ”خدا جو وجود محض افسانو آهي.“ ان جي برعڪس، کوڙ اهڙا ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ آيا آهن، جن مان هيءَ حقيقت واضح ٿئي ٿي ته: ”خدا موجود آهي.“ وري مون ان جي خوشگوار اثر جو به جائزو ورتو آهي، جيڪو الله تي ايمان سان ماڻهن جي ذهنن تي ٿيندو آهي ۽ انهن هاڃيڪار نتيجن کان به واقفيت ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي خدا جي انڪار سان پيدا ٿيندا آهن.
ملحد، خدا پاڪ جي وجود بابت، عام طور تي جيڪي ثبوت طلب ڪندا آهن، ان جي نوعيت مان ان ڳالهه جو اندازو آسانيءَ سان ٿي وڃي ٿو ته اهي حضرات، خدا کي انساني مجسمو، بت يا مورتي سمجهيون ويٺا آهن. جيڪڏهن خدا انهن مختلف صورتن ۾ جلوه پذير هجي يا، اهو حسي صفتن سان واسيل هجي ها ته پوءِ ان جي وجود جي باري ۾ ٻه رايا ممڪن نه هيا. خدا پاڪ هن ڪائنات ۾ انسان کي جيڪو مقام عطا ڪيو آهي، ان ۾ ڇاڪاڻ جو کيس اختيار جي نعمت سان به مالامال ڪيو آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي به آزادي بخشي آهي ته چاهي خلقڻهار جي وجود جو اقرار ڪري چاهي انڪار ڪري، ان ڪري هو جيڪا به روش اختيار ڪري ٿو اها خدائي منصوبه بنديءَ جي زمري ۾ اچي وڃي ٿي. هو ان معاملي ۾ خودمختيار آهي ته ڪمزور دليلن جو سهارو وٺي ڪري رب پاڪ جي ذات جي باري ۾ شڪ شبهن ۾ ڦاسي وڃي ۽ پوءِ بڇڙا نتيجا ڀوڳي، جيڪي ان ملحداڻي انداز فڪر جون قدرتي ۽ منطقي تقاضائون آهن.
گهڻا دهريا ۽ ڪجهه عيسائي به، خدا کي اهڙي شخصيت سمجهندا آهن، جنهن سان انسان سودي بازي ڪري سگهي ٿو. اهي گهڻو ڪري اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته:
”آئون خدا تي ايمان آڻيندس، جيڪڏهن هو اسان کي بارش سان نوازي يا سيلابن کي روڪي يا منهنجي ڪرب، بي چيني ۽ تڪليف کي سڪون ۽ اطمينان ۾ بدلائي ڇڏي يا دنيا مان ڏاڍ، برائي ۽ ناانصافيءَ کي ختم ڪري ڇڏي. جيڪڏهن رحيم ۽ ڪريم خدا، واقعي موجود هجي ها ته مان بيمارين ۾ ڇو مبتلا ٿيان ها؟“...اهڙي قسم جي اجائي استدلال جي طرز جو مطلب اهو ٿيو ته: ”مان خدا تي صرف ان صورت ۾ ايمان آڻي سگهان ٿو جڏهن هو ڪائنات کي منهنجي پيش ڪيل منصوبي جي مطابق ٻيهر تعمير ڪرڻ تي راضي ٿئي ۽ هن نظام جي تخليق ۾ منهنجي عقل کي هڪ فيصلائتي قوت جي حيثيت سان شريڪ ڪري.“
خدا جي معرفت جو سڌو ۽ معقول رستو اهو آهي ته اسين پنهنجي دل ۽ دماغ کي، هر قسم جي نفسانيت ۽ ٽيڙائپ کان پاڪ ڪريون ۽ پنهنجي رستي تان اهي سموريون رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون، جيڪي صحيح اندازِ فڪر جي راهه ۾ عام طور تي آئڙيون آهن. هڪ شخص کي خيرات جي اثرن تي جيترو اعتماد هوندو آهي ان کان وڌيڪ ٺوس ايمان، خدا جا پرستار پنهنجي خلقڻهار تي رکندا آهن. خدا اسان تي اهو فرض ٿو عائد ڪري ته اسين هر وقت براين جو تذڪرو ڪرڻ جي بجاءِ انهن بڇڙاين کي پاڙئون پٽڻ جو فڪر ڪريون، جيڪي هن دنيا ۾ هر طرف ڦهليون پيون آهن ۽ پنهنجون عقلي ۽ فڪري صلاحيتون ان جدوجهد جي نذر ڪري ڇڏيون جنهن سان خدا جي بادشاهيءَ جو خواب، مٽي ۽ پاڻيءَ جي هن دنيا ۾ شرمندهء تعبير ٿي پوي.

[b]يقين، اميد ۽ محبت عقل تي مبني هئڻ گهرجي:
[/b] اهو خالق، جنهن ڪائنات جي هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي، جنهن جي قدرت هر شيءَ تي حاوي آهي ۽ جيڪو مون ۾ ۽ مون جهڙن ٻين انسانن ۾ هڪجهڙي دلچسپي رکي ٿو. ان تي منهنجي ايمان جو بنيادي عقيدو، اميد ۽ محبت آهي، ايمان جو بنياد جيڪڏهن اميد ۽ محبت نه هجي ۽ جيڪڏهن ان جي تائيد عقل سان نه ٿيندي هجي ته، اهڙو ايمان منهنجي لاءِ ڪنهن به طرح قابل غور نه ٿو ٿي سگهي.
انسان کي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي ڪڏهن به معطل ڪرڻ نه گهرجي. بلڪه ان جو فرض آهي ته هو انهن مان صحيح صحيح ڪم وٺي. اهو ايمان، جنهن کي عقل سهارو نه ڏئي سگهي، ڏاڍو ڪمزور ٿيندو آهي ۽ ڪهڙي وقت به خارجي حملن سان برباد ٿي سگهي ٿو. اهڙن انڌن ۽ ٻوڙن عقيدن سان سيرت ۽ ڪردار ۾ کوڙ اوڻايون رهجي وينديون آهن. تنهن ڪري انسان جي لاءِ اها شيِءِ نهايت ئي ضروري آهي ته هو عقل جو ڪڏهن به هٿ نه ڇڏي ۽ فڪر و نظر جي انهن بنيادي اصولن کان ڪن لاٽار نه ڪري، جن مان هو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم وٺندو آهي. يا جن جي ذريعي وڏا وڏا سائنسدان تحقيق ۾ مدد وٺندا آهن. جيڪي اصول، مادي ترقيءَ ۾ اسان جي رهنمائي ڪندا آهن، اهي ئي اصول، خدا جي معاملي ۾ به اسان کي هڪ صحيح نتيجي تي پهچائي سگهن ٿا. مثال طور: اهڙا اصول جن جي ذريعي اسين ڄاڻندا آهيون ته سڀاڻي صبح جو سج اڀرندو، يا سڀاڻي، آئون ضروريات زندگيءَ جي لاءِ جدوجهد ڪندس. يا پنهنجي ڪاروبار ۾ گونان گون مسرت محسوس ڪندس. جيڪڏهن فڪري صلاحيتون مادي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ، ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري سگهجن ٿيون ته پوءِ آئون اها ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهيان ته آخر انهن کي روحاني ۽ اخلاقي ترقيءَ جي لاءِ ڇو، مشعل راهه نه ٿو بڻائي سگهجي؟! هر فرد کي پوري جرئت ۽ بي باڪيءَ سان ان طرز استدلال جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي جنهن تي ان جي دين ايمان جي صداقت جي ثبوت جو دارومدار هجي.
جيڪڏهن توهين خدا جي وجود کي دليلن سان ثابت ڪري نه ٿا سگهو ته پوءِ توهان کي ان ذات کي ڇڙو هڪ عقيدي جي حيثيت سان مڃڻو پوندو پر اها شيءِ به عقل ۽ فڪر جي برعڪس ڪانهي، بلڪه ان جي عين مطابق آهي. اسين زندگيءَ جي بي شمار شين کي ٺوس حقيقتون سمجهي بنا دليل جي قبول ڪري وٺندا آهيون. ٿامس جيمز سن، آزاديءَ جي اعلان ۾ ڪجهه اهڙين حقيقتن ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
اسان وٽ اهي شيون مڃيل حيثيت رکن ٿيون ته؛ ”سمورا انسان، انسانيت ۾ برابر آهن“ ۽ ”کين سندن خلقڻهار ۽ مالڪ ڪجهه مستقل حق عطا ڪيا آهن.“ انسانن ۾ زندگيءَ جي حرارت، آزاديءَ جي تڙپ ۽ خوشيءَ جي خواهش هر وقت موجود رهندي آهي. سندس حقن جي حفاظت ۽ نگهبانيءَ جي لاءِ حڪومتون وجود ۾ اينديون آهن.•

________
•پر افسوس جو، اسان جهڙن، ٽئين دنيا جي ماڻهن وٽ حڪمراني، نهايت ڌڪاريل ۽ انسان دشمن- قوم دشمن منصوبن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي.(سنڌيڪار)
________

جڏهن ڪو ماڻهو اهو چوندو آهي ته هو، خدا کي محض عقيدي جي طور تي مڃي ٿو ته، ان جو اهو مطلب هرگز نه ورتو وڃي ته هو ڪا عقل جي خلاف ڳالهه ڪري رهيو آهي. بلڪه ان جو مطلب صرف اهو آهي ته هو، خدا کي هڪ اهڙي ٺوس حقيقت سمجهي ٿو، پنهنجي لاءِ هو ڪنهن منطقي استدلال جي ضرورت محسوس نه ٿو ڪري، اهو چوڻ ته خدا جو وجود هڪ حقيقت آهي، ان جي عدم وجود جو دليل نه ٿو ٿي سگهي. بلڪه وڌ کان وڌ ڇڪي تاڻي به جيڪڏهن ان جو ڪو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته اهو اهو آهي ته مان ان ڳالهه کي سائنسي طور تي ثابت ڪرڻ کان قاصر آهيان. يا مان پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ ڪو منطقي دليل پيش نه ٿو ڪري سگهان. خدا ته موجود آهي، هاڻي ان وجود کي علمي طور تي مڃرائڻ جي لاءِ مون وٽ دليل ڪونهن ته اها منهنجي پنهنجي ڪوتاهي آهي ۽ منهنجي ان ڪم نظريءَ کي ڪنهن به لحاظ کان ان حقيقي ڳالهه بابت غلط مڃڻ جو دليل نه ٿو بڻائي سگهجي. ممڪن آهي ان معاملي ۾ منهنجو علم اڌورو هجي يا مان ان لاءِ خاطرخواهه تياري نه ڪري سگهيو آهيان، يا مان سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي طرز استدلال جي لاءِ هي موقعو موزون نه ٿو ٿي سگهي. مون کي اڄ تائين اهڙو شخص ناهي مليو، جنهن کان جڏهن اصرار ڪري اهو پڇيو ويو ته ان جو خدا تي ايمان ڇو آهي ته ان ڪو به دليل نه پيش ڪيو هجي. جيڪڏهن انهن مختلف ماڻهن جي مختلف دليلن جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته لفظن جي اختلاف جي باوجود انهن جو مقصد ۽ معنيٰ هڪ ئي آهي. اهي اهو سمجهندا آهن ته هن ڪائنات جو هڪ خلقڻهار ضرور هجڻ گهرجي ۽ ان جي نظام کي هلائڻ جي واسطي هڪ ناظم ۽ نگران جي به اشد ضرورت آهي. جيڪڏهن هڪ مشين، مشين جوڙيندڙ کانسواءِ وجود ۾ نه ٿي اچي سگهي ته هيءَ ڪائنات، هڪ خالق کانسواءِ ڪيئن ٿي پيدا ٿي سگهي؟ اها هڪ بنيادي حقيقت آهي، جنهن کان هر ٻار، پوڙهو ۽ جوان نه صرف چڱيءَ ريت واقف آهي، بلڪه هو ان کي پوريءَ ريت مڃي به ٿو.

[b]ٻار کي بنيادي اصول جو شعور:
[/b] جڏهن منهنجي عمر مشڪل سان ويهه سال هئي ته مون ان عمر جي ٻين ٻارن وانگر پنهنجي والدين کان ان قسم جا سوال پڇڻ شروع ڪيا ته: ”هنن پکين کي ۽ اسان جي مينهن کي ۽ هن دنيا کي ڪنهن پيدا ڪيو“؟... زندگيءَ جي سڌين ۽ سادين حقيقتن ۽ منهنجن ذاتي تجربن منهنجي ذهن ۾ اهو خيال راسخ ڪري ڇڏيو ته ڪا مشين، مشين ساز کانسواءِ وجود ۾ نه ٿي اچي سگهي. ان مقام تي منهنجي فڪر، منهنجي دستگيري ڪئي ۽ مان ان ابتدائي معلومات مان گذريس ته: ”مان آهيان، پکي آهن ۽ مينهن آهي“، ان نتيجي تي پهتس ته انهن مڙني شين جي وجود جي ڪا نه ڪا علت ضرور هئڻ گهرجي ۽ اها علتِ اوليٰ خالق ۽ مالڪ جي بلند ۽ برتر ذات کان علاوه ٻي ڪا به ٿي نه ٿي سگهي. اهڙيءَ طرح منهنجي فهمَ- جيڪو هر قسم جي پريشانين ۽ الجهنن کان پاڪ ۽ ذهني مغالطن کان اڻ سونهون هيو، زندگيءَ جي انهن رازن ۽ رمزن جو ادراڪ ڪيو، جيڪي بنيادي اهميت رکن ٿيون.
فڪر ۽ عمل جي ذريعي منهنجي اندر ذات جو شعور پيدا ٿيو ۽ مون، وجود ۽ عدم وجود ۾ فرق ڪرڻ سکيو. ٻين لفظن ۾، مون ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته مان، مان آهيان. پکي، ڳئون يا رڍ ناهيان! ان ريت شروعاتي عمر ۾، منهنجي ذهن مون کي، وجود ۽ عدم وجود جي اصولن کان واقف ڪيو.
ان کان علاوه ان دور ۾ مون کي جزء ۽ ڪل جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي بابت به ڄاڻ ملي ۽ اها حقيقت معلوم ٿي وئي ته ڪل، جزء کان هميشه ۽ هر حالت ۾ وڏو آهي.
وجود ۽ عدم وجود جي احساس سان ٻار ۾ استدلال جي ايتري صلاحيت پيدا ٿي ويندي آهي جو هو اثبات ۽ نفيءَ ۾ فرق ڪرڻ لڳندو آهي. ننڍا ٻار به پنهنجي ۽ پنهنجي ڀيڻ جي وچ ۾ پوريءَ ريت تميز ڪري سگهندا آهن، ۽ اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته: ”آئون، ”وريام“ آهيان ۽ منهنجي ڀيڻ، ”سڀاڳي“ آهي!“ منجهن ايترو شعور ضرور هوندو آهي ته اهو ڪڏهن به نه چوندا آهن ته مان سڀاڳي آهيان ۽ منهنجي ڀيڻ وريام آهي! وري هڪ ٻار اهو به ڄاڻندو آهي ته چورس شيءِ کي گول چوڻ غلط آهي. چورس، پنهنجي ان شڪل جا کوڙ ڪارڻ رکي ٿو ۽ اهي ئي ڪارڻ ان جي چورس هجڻ تي دلالت ڪن ٿا. اها حقيقت ته: انسان پنهنجي ۽ پوري ڪائنات جي خالق جي معرفت حاصل ڪرڻ جو آرزومند هوندو آهي، ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته هن علت ۽ معلول جو بنيادي اصول دريافت ڪري ورتو آهي. هو ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت واقف ٿي ويو آهي ته هر نتيجي جوهڪ سبب ضرور ٿيندو آهي ۽ ڪا مشين به ڪنهن مشين ساز جي حڪمت ۽ دانائيءَ کانسواءِ تيار ٿي نه ٿي سگهي. اهو اندازِ فڪر، زنجير جي حلقن وانگر لاڳيتو هلندو آهي ۽ انساني ذهن پنهنجي وجود ۽ ڪائنات جي وجود مان، قدرتي طور تي ان ذات ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي جيڪا هن سموري تخليق جي علت اوليٰ آهي. جڏهن به انسان حرڪت جي باري ۾ سوچيندو آهي، ان جي دماغ ۾ فوراً محرڪ جو تصور اچي ويندو آهي. ان ئي حقيقت کي ٻئي طريقي سان هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو:
”ڪائنات تي نظر ڊوڙايو ته توهان کي ان ۾ هڪ زبردست نظم ۽ ترتيب نظر ايندي. اهو نظم ۽ ترتيب هڪ ناظم ۽ مرتب جي وجود جي زندهه شاهدي آهي وري ايڏي وسيع ڪائنات جو نظم ۽ ترتيب ڪا معمولي شخصيت به نه ٿي سنڀالي سگهي. تنهن ڪري ان جو ناظم اهوئي قادر مطلق آهي جنهن جي قوتن جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي. هي اهو انداز فڪر آهي، جنهن سان ٽن چئن ورهين جو ٻار به علت معلول جي ذريعي، خدا پاڪ کي سڃاڻي سگهي ٿو.“
مون هڪ سائنسدان جي حيثيت سان پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو حدِ ادراڪ کان ماوراء حقيقتن جي سببن کي معلوم ڪرڻ تي خرچ ڪيو آهي. منهنجو ذهن، ڪائنات کي سمجهڻ سان گڏوگڏ، نظامِ تڪوينيءَ کان ماورا ان حقيقت ڪبريٰ جي ڳولها تي اصرار ڪندو رهندو آهي، جيڪا سمورن روحاني قدرن جو واحد سرچشمو آهي. پنهنجي تحقيق جي دوران مون طبيعي اخلاقي علمن جو چڱو خاصو مطالعو ڪيو. آئون ان شيءِ کان غافل ناهيان ته کوڙ مشهور مصنفن- جن ۾ مشهور ۽ معروف فيلسوف ۽ مفڪر شامل آهن، ان ميدان ۾ جابجا ٺوڪرون کاڌيون آهن. ان سلسلي ۾ انهن يا ته مشهور حقيقتن کان مجرماڻي غفلت جي واٽ ورتي آهي، يا محسوسات کان بلند ٿي ڪري سوچڻ ۽ غور ڪرڻ گوارا نه ڪيو اٿائون. اهي سائنسدان، جيڪي هميشه محسوسات جي ورن وڪڙن ۾ ئي الجهندا رهندا آهن. دراصل پنهنجي ترقيءَ جي راهه ۾ پاڻ ئي رڪاوٽون پيدا ڪندا وتندا آهن. هڪ صاحب فڪر انسان حقيقي ڪاميابي ان حالت ۾ آڻي سگهندو آهي، جڏهن هو، مادي جي سوڙهي ۽ اونداهي دنيا مان نڪري ڪري ڪائنات ۾ هم آهنگيءَ جي ادراڪ کي پنهنجو رهنما تسليم ڪرڻ تي آماده ٿئي ۽ پوءِ ايمان، محبت ۽ صداقت جو سامان کڻي اڳتي وڌڻ جو فڪر ڪري.

[b]قانونِ علت:
[/b] ڪئين ورهيه اڳ جو ذڪر آهي ته کوڙ ساترا واپاري، ڊائننگ ٽيبل تي ڪچهريءَ ۾ مصروف هيا. ان دؤران هڪ سائنسدان جو ذڪر آيو. هڪڙي همراهه چيو:”اهو ته پڪو ملحد آهي.“ هڪ ٻئي واپاريءَ ان تي ڳنڍ ڏني ۽ وڏي اعتماد سان اها دعويٰ ڪئي ته: ”سائنسدانن جي اڪثريت خدا جي منڪر هوندي آهي“ ۽ مون سان اکيون اکين ۾ ملائي مطالبو ڪيائين ته آئون ان ڏس ۾ پنهنجا احساس پيش ڪريان. (ان وقت، مون کان علاوه هڪ ٻيو سائنسدان به موجود هيو) مون ان راءِ کي پرزور نموني رد ڪيو ۽ چيو ته: ”سائنسدانن تي اهو سمورو الزام آهي. ڇو جو آئون، اها ڳالهه پوري يقين سان چوان ٿو ته سائنس جي دنيا ۾ جيترا به هاڪارا شخص گذريا آهن ۽ جن انسانيت کي پنهنجي تحقيقات ذريعي فائدا بخشيا آهن، انهن جي اڪثريت خدا پاڪ جي وجود جي قائل رهي آهي. انهن منجهان ڪن جي خيالن کي يا ته غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، يا وري ماڻهن کان انهن کي سمجهڻ ۾ غلطي ٿي آهي. خدا جو انڪار ته ان اندازِ فڪر جي ئي منافي آهي، جنهن مطابق هڪ سائنسدان سوچيندو ۽ حقيقت جي ميدان ۾ اڳتي وڌندو آهي. هو پنهنجي ڪم جو آغاز ئي ان بنيادي تصور سان ڪندو آهي ته ڪا مشين، مشين ساز جي فڪري ۽ عملي قوت کانسواءِ وجود ۾ نه ٿي اچي سگهي. ڇو ته هو معلوم ۽ معروف حقيقتن مان استدلال ڪندو آهي ۽ عزم و يقين جي دولت کڻي تجربي گاهه ۾ داخل ٿيندو آهي. سائنسدانن جو وڏو انگ نت نين حقيقتن جا پردا چاڪ ڪرڻ دوران، جن مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان ٽڪرائبو آهي، انهن کي برداشت ڪرڻ ۾ عام طور تي علم جي محبت، انسان ذات جي محبت ۽ پنهنجي خالق جي محبت جو جذبو ئي ڪارفرما هوندو آهي. ان ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي ته سائنسدان پنهنجو گهڻو توجهه اوزارن ۽ جسمن يعني اهڙين شين تي صرف ڪندو آهي جيڪي مشاهدي ۽ تجربي ۾ اچي سگهن. پر ان جي تحقيق جو بنياد انهن شين تي ناهي، بلڪه علت ۽ معلول جي ان اصول تي آهي، جيڪو هن ڪائنات جي نظام ۾ جاري آهي. هو پنهنجي تحقيق جي پوري عمارت ان بنيادي تصور تي اڏيندو آهي ته هن ڪائنات ۾ نظم ۽ ترتيب آهي ۽ ان جي خارجي مظهرن ۾ حيرت انگيز اختلاف جي باوجود معنوي ربط ڏسبو آهي. علت ۽ معلول جو اصول ئي دراصل سائنسدان جي ڪم جو بڻ بنياد آهي...“
علم الابدان ۾ جڏهن اسين جسم جي بقا، ان جي واڌ ويجهه ۽ ان جي تخريب ۽ تعمير جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي پتو پوي ٿو ته هر خليو، پنهنجو پنهنجو فرض وڏي خوبيءَ سان انجام ڏئي ٿو، جيڪو ان کي جسم جي مجموعي فلاح جي سلسلي ۾ سونپيو ويو آهي. اعصابي نظام ۾، اعمال محض مجبوريءَ ۾ واقع ٿيندا آهن. انهن جي تهه ۾ به هڪ گهري حڪمت ۽ مقصديت هوندي آهي ۽ اها مقصديت انهن جي هڪ بنيادي وصف آهي. انسان، ان دڳ تي وڌيڪ غور و فڪر ڪندو هلي ته هو، بلڪل قدرتي طور تي، ان نتيجي تي پهچي وڃي ٿو ته ذهني واڌ ويجهه جي لاءِ فطرت جيڪو نظام قائم ڪيو آهي، اهو حسي، تجربن جي عمل سان علت ۽ معلول جي رشتي کي قبول ڪرڻ تي مجبور آهي. ٻين لفظن ۾ اها مشين جيڪا سموري جسم جي مقصدي عملن جي ذميوار آهي، ترقي ڪندي ان حد تائين پهچي وڃي ٿي ته حسي تجربن جي عمل سان ان ۾ شعور ۽ سڃاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. اهو شعور ان ۾ احساسِ قدر يا احساسِ علت پيدا ڪري وٺندو آهي. اهو آهي اهو طريقو، جنهن سان هڪ خليي جو ردعمل، ارتقائي مرحلن مان گذري پنهنجي چوڌاري ڦهليل دنيا جو شعور ۽ احساس پيدا ڪري ٿو. ان کان پوءِ ان ۾ احساسِ امتياز پيدا ٿيندو آهي، جنهن جي مدد سان هو پنهنجي عملن کي علت ۽ معلول جي ڪڙين ۾ جوڙي ٿو ۽ پوءِ هو پنهنجي ماحول تي قدرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
علم الابدان جي مطالعي مان اسان کي پتو پوي ٿو ته، مڇيءَ جون ناسون ان ڳالهه جي زندهه گواهي آهن ته ان جانور جي لاءِ پاڻي سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. پکين ۽ انسانن جا ڦڦڙ، هوا جي وجود تي دلالت ڪندا آهن. انسان جون اکيون روشنيءَ جي اهميت ظاهرڪنديون آهن. جيڪو به انسانيت جي ڀلي لاءِ اٿي پوندو آهي، ان جي نظرن ۾ حقيقتن جو وجود سڀ کان اول هوندو آهي. ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ جو موجود هجڻ ئي ان ڳالهه جي علامت آهي ته هتي هڪ طبيعي قانون جاري آهي، جيڪو زندگيءَ جي بقا ۽ واڌ ويجهه جو ضامن آهي. جيڪڏهن اهي ڳالهيون صحيح آهن ۽ هن ڪائنات ۾ علت ۽ معلول جو هڪ رشتو قائم آهي ته پوءِ آئون پڇان ٿو ته: ڇا فهم ۽ فراست، صحيح استدلال، همت ۽ بهادري، فرض جو احساس، ايمان ۽ يقين مان ڪنهن بلند ۽ برتر ذات جي وجود تي شاهدي نه ٿي ملي؟ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻي ڪائي بيوقوفي ڪانهي ته اهو فرض ڪيو وڃي ته عميق ۽ گهرا خيال، مقدس احساس ۽ جذبا ۽ نيڪ ۽ صالح ڪم، ڪنهن برتر ذات جي وجود جو ثبوت ڪونهن. هي سڀ ڪيفيتون، هي سمورا انڪار ۽ عمل ان سڀ کان بالاتر ذات، ان خالق ۽ مالڪ جي وجود جي گواهي ڏيندا آهن، جنهن کي زندگيءَ جي هن ميدانِ جنگ ۾ هر اهو شخص محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو خدا جي معرفت حاصل ڪرڻ جو آرزو مند آهي ۽ جيڪو ان راهه ۾ غيرفطري رڪاوٽون پيدا نه ٿو ڪري. انساني ذهن به ان جي سهاري پنهنجا فرض نڀائي ٿو. اهو قانون، هن ڪائنات جي ٺوس حقيقت آهي.
مون ڪجهه سائنسدانن کي اهو چوندي ٻڌو آهي ته علت ۽ معلول جو سلسلو اتي ختم ٿي وڃي ٿو، جتي ادراڪ کان ماورا دنيا شرو ع ٿيندي آهي. يا جتي غور و فڪر جي مڃيل اصولن کي عملي زندگيءَ سان ٺهڪائڻ مقصود هوندو آهي. قانون کان تيستائين سهارو وٺبو رهجي، جيستائين پنهنجي نظرئي جي تائيد مقصود هجي ۽ جڏهن اهو بنيادي تصور جو ساٿ ڇڏي ڏئي ته ان کي اتي ئي خدا حافظ ڪري ڇڏجي. علت ۽ معلول جي ڊگهي زنجير ۾ هڪ مابعد الطبيعي ڪڙيءَ جو اضافو، ڪا غيرفطري ڳالهه ڪانهي. اسين سائنس ۽ روزاني جي ٻين انيڪ مسئلن ۾ ان طريقي سان ڪم وٺندا آهيون. اهو هڪ الڳ بحث آهي ته هيءَ ڪڙي هڪ صحيح قسم جي ڪڙي ثابت ٿيندي يا غلط قسم جي، پر جيڪو ماڻهو ان جي صحيح هجڻ جي باري ۾ غور و فڪر ڪرڻ جي لاءِ تيار هجي، ان جي لاءِ پهريان ان جي وجودکي تسليم ڪرڻ ضروري آهي.
خدا جي منڪرن جي سرسري جائزي مان ايئن محسوس ٿيندو آهي، جهڙوڪر انهن جي دماغن ۾ گند آهي ۽ اهي هڪ سادي حقيقت کي سمجهڻ کان به قاصر آهن ته، هن ڪائنات جي علت جي معرفت سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ جيڪڏهن ان جي وجود کان انڪار ڪري ڇڏبو ته، هي سمورو نظامِ عالم هڪ ڳوڙهي ڳجهارت بڻجي پوندو.
آئن اسٽائن چيو آهي:
”جيڪو شخص پنهنجي ۽ پنهنجن هم جنسن جي زندگيءَ کي بنهه بي مقصد سمجهي ٿو، اهو نه صرف بدنصيب ۽ نامراد آهي، بلڪه ان کي زندگي گذارڻ جو قطعاً ڪوئي حق حاصل ڪونهي.“
آئن اسٽائن جي ان بيان ۾ آئون فقط ايترو اضافو ڪريان ٿو ته: ”اهڙِي شخص کي زندگي گذارڻ جو صرف ان لاءِ موقعو ڏجي ته، ممڪن آهي ته هو الحاد کانپوءِ ايمان ڏانهن موٽي اچي.“
هاڻي آئون پنهنجي سائنسدان ڀاءُ ڏانهن متوجهه ٿيس، جنهن جي ذهانت ۽ هوشياريءَ جو مان ۽ مون وانگر ٻيا به کوڙ ماڻهو معترف هيا. مون ان کان سوال ڪيو ته: ”خدا جي باري ۾ مون جيڪو عرض ڪيو آهي، سو صحيح آهي؟“ هن هائوڪار ۾ ورندي ڏني، پر ان کان پوءِ هو مون کان خدا جي صفتن بابت مختلف قسم جا سوال پڇڻ لڳو.
مون وٽ، ان جي اها فڪري روش بلڪل درست هئي. هر اهو شخص، جيڪو انهن مسئلن بابت سوچڻ لڳندو آهي، ان جي ذهن ۾ سڀ کان اول اهوئي سوال اڀرندو آهي ته: ”ڇا خدا واقعي به آهي“؟ ان کانپوءِ هو ان جي صفتن جي باري ۾ صحيح معلومات حاصل ڪرڻ جو آرزومند ٿي پوندو آهي. پوءِ هو انساني زندگيءَ جي مقصد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ آخر ۾ هو، خير ۽ شر جي عقيدي کي حل ڪرڻ جي لاءِ بي چين نظر ايندو آهي.

[b]خدا جون صفتون:
[/b] قديم فيلسفين ۽ ڏاهن الله پاڪ جي صفتن تي منطقي طرزِ استدلال سان ڏاڍو تفصيلي بحث ڪيو آهي:
”خدا، هڪ زنده ۽ هميشه رهندڙ هستي آهي، جنهن کي ڪڏهن به فنا ڪانهي. جيڪو نه ڪي مادو آهي، نه ڪي جسم رکي ٿو. ان کي حادثي ۽ اتفاق سان به تعبير نه ٿو ڪري سگهجي. هو مڪمل ۽ اڪمل ذات آهي. سمورين نيڪين جو واحد سرچشمو ۽ غلطين کان پاڪ آهي. کائنس ڪنهن به برائيءَ جو ٿيڻ ممڪن ئي ناهي. هو ڪنهن کان به نفرت ناهي ڪندو. هو پنهنجي ذات ۾ لامحدود آهي. هو خاص سچائي آهي. ان جو علم هر شيءِ تي حاوي آهي. هو محبت ۽ مرضيءَ جو مظهر آهي، کيس نه ڪي بک لڳي ٿي نه ڪي اڃ محسوس ٿيندي آهي. هو سمورن اخلاقي ضابطن ۽ نيڪ عملن جو سرچشمو ۽ شروعات آهي.

[b]اخلاقي علت، اختيار ۽ ارادو:
[/b] خدا تي ايمان آڻڻ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. انهن منجهان هڪ علت، ارادو ۽ اختيار آهي، جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان مان منهنجو مقصد اهو آهي ته انسان، فڪر ۽ عمل جي معاملي ۾ خودمختيار آهي.
انساني زندگيءَ جو روحاني ۽ اخلاقي پهلو، يعني اهو ته ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، انساني فلاح و بهبود جي نقطئه نظر کان، تسخيرِ ڪائنات کان به نهايت اهم ۽ ضروري آهي. طبيعي علوم جي مطالعي سان اسان هن ڪائنات جا کوڙ اسرار ۽ رمزون پروڙي وٺندا آهيون ۽ اسان کي اهي ذريعا حاصل ٿيندا آهن جن مان ڪم وٺي ڪري نيون نيون تدبيرون ۽ راهون ڪڍي سگهون ٿا. پوءِ انهن ئي قانونن جي مدد سان اسين اهڙا وسيلا به تيار ڪندا آهيون، جن سان انساني مصيبتن ۽ سختين ۾ گهٽتائي ايندي آهي ۽ ماڻهن جون عمريون وڌنديون آهن. جديد دور جو سڀ کان اهم مسئلو اخلاقي ۽ روحاني آهي. اسان کي هن وقت، سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي ڳڻتي آهي، سا اها آهي ته ڪنهن به طرح ماليڪيول (Molecule) جي طاقت کي انسانيت جي تباهي ۽ برباديءَ جي بجاءِ، فلاح ۽ ترقيءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. تاريخ جا ورق شاهد آهن ته ماضيءَ ۾ جن اهم انساني مسئلن سان واسطو پيو، انهن جي نوعيت نج اخلاقي هئي. طبيعيات جو جهان، نه بدلجندڙ اصولن جو پابند آهي.اهوئي حال حيوانن جو آهي. اهي به فطرت جي لاڳو ڪيل ضابطن تحت زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. خلقڻهار، بشر کي ان کان تمام بالاتر ڪري پيدا ڪيو آهي ته بشر، بي حس قيدن جو غلام هجي ۽ کيس فڪر ۽ عمل جي ڪائي آزادي نه ڏني وڃي. انساني معاشرو انهن فردن تي مشتمل آهي، جيڪي اهي اختيار رکن ٿا ته چاهي علم جي ندين مان سُرڪ ڀرين يا نه ڀرين، جيڪڏهن اسين قادر مطلق جي اخلاقي قانونن جي پابندي نه ٿا ڪريون ته اسان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيڪڏهن طبيعيات جي علم کي به ارادي ۽ اختيار جي نعمت سان نوازيو وڃي ها ته پوءِ انساني آزادي بي معنيٰ هجي ها ۽ هتي سموري ڪائنات، منٽن ۾ برباد ٿي وڃي ها!
جانورن جي حرڪات و سڪنات جو غور سان مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انساني سطح کان هيٺ، جيتريون به جاندار مخلوقون آهن، اهي قدرت جي هيٺين اصولن جون پابند آهن:
• بقاءِ نفس
• بقاءِ روح
جيڪڏهن اهي ٻه اصول ڪارفرما نه هجن ها ته، ڪو به ساهه وارو زندهه رهي نه سگهي ها. جانورن جون سموريون حرڪاتون، جبلتن جي محور تي گهمنديون آهن. پر جيئن جيئن اسين حيواني سطح کان بلند ٿيندا ويندا آهيون، اسان جي عملن تي شعور جو تسلط شروع ٿي ويندو آهي. اڃا تائين ان ڳالهه جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته، ڇا حيوانن کي به ارادي ۽ اختيار جي دولت منجهان ڪجهه حصو مليو آهي؟ اندازو اهو آهي ته جيڪڏهن مليو به آهي ته تمام گهٽ مليو آهي. ان ڏس ۾ جيڪڏهن جانور پنهنجي جسم جي حفاظت ۽ نگهباني ڪري ٿو ته ان جو مطلب ان کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي ته، هو پاڻ کي ۽ پنهنجي نوع کي زنده رکي سگهي. جانور، جهنگل جي قانون تحت زندگي بسر ڪندا آهن ۽ اهڙن اهڙن بي لچڪ اصولن جا پابند هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن تبديليءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي.
تاريخ جو مطالعو اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان شروع کان وٺي فطرت جي انهن ضابطن کان علاوه، ڪجهه ٻين اصولن جو به پابند رهندو آيو آهي. هو جڏهن ڪنهن عجيب غريب شيءِ کي ڏسندو آهي ته، حيران ٿي ويندو آهي. کائنس جڏهن ڪو گناهه ٿي پوندو آهي ته، ان جي ذهن ۾ ندامت پاسو ورائيندي آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهچندو آهي ته، جيڪا قوت کيس حيران ۽ پريشان ڪري رهي آهي، اها انهن ڪمن کي، جيڪي گناهن جي دائري ۾ اچن ٿا، پسند جي نگاهه سان نه ٿي ڏسي.
درندن ۽ چوپاين کان وٺي انسان جهڙي اشرف المخلوقات تائين، هر نوع جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته، ارتقاء جي انهن مختلف منزلن جي درميان خطِ امتياز صرف ارادو ۽ اختيار آهي ۽ ان جي ذريعي انسان پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي پاڻ کي تسخير ڪندو آهي. انسان کي فيصلي جي جيڪا آزادي حاصل آهي، ان جي آغوش ۾ خير ۽ شرجا احساس پلبا آهن.
علت جي ان زنجير جو حلقهء آغاز ڇا آهي؟ ڇا اها زنجير حادثي يا اتفاق سان شروع ٿي وئي؟ جهڙيءَ ريت انساني ذهن، اها ڳالهه قبول ڪرڻ تي آماده ناهي ٿيندو ته، اوچتو فرش تي پاڻي ڪرڻ سان دنيا جو نقشو ٺهي پيو. اهڙيءَ ريت عقل اهو به باور ڪرڻ تي آماده ناهي ٿيندو ته، علت جي اها زنجير ايئن ئي جُڙي پئي. مون کي اهو تسليم ڪرڻ ۾ قطعاً ڪائي هٻڪ ناهي ته، قانونِ علت، جيڪو عالم طبيعيات ۾ ڪارفرما آهي، جنهن تحت ٻوٽا ۽ حيوان زندگي بسر ڪندا آهن، جنهن جي ذريعي انساني ذهن پليو آهي، اهو اخلاقي ۽ روحاني قدرن جي معاملي ۾ به اسان جي رهنمائي ڪندو آهي.
مثال طور: محبت، عدل، انصاف، رحم، خالق جي مخلوق، اهڙا اعليٰ اقدار آهن، جن کي نه ڳڻي سگهجي ٿو ۽ نه ڪي ماپي توري سگهجي ٿو. مان اها ڳالهه پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته انسانيت جي مستقبل جو سمورو دارومدار ان تي آهي ته، اها انهن ابدي حياتي قدرن کي اپنائڻ لاءِ تيار ٿيندي يا نه؟ بنيادي ضرورتون پوريون ٿي وڃڻ کانپوءِ، انسان جيڪڏهن صحيح معنائن ۾ سڪون ۽ اطمينان جو خواهشمند آهي ته، ان کي لازمي طور تي انهن ئي روحاني ۽ اخلاقي قدرن (Velluse) ڏانهن متوجهه هجڻ گهرجي.
تاريخي شاهدين جي جائزي ۽ لاڳيتي غور فڪر کانپوءِ مون کي يقين ٿي ويو ته هڪ انسان، اخلاقي قدرن کي اپنائڻ جي لاءِ صرف ان صورت ۾ تيار ٿيندو آهي، جڏهن ان کي ان ڳالهه جو يقين ڪامل هجي ته، هڪ قادرِ مطلق هستي، جيڪا هر لحاظ کان ڪامل ۽ اڪمل آهي، انسان جي فڪر ۽ عمل جي رهنمائي ڪندي آهي. محض ڪائنات ۾ نظم ۽ ترتيب جي موجودگي ۽ قانونِ علت جي فرمانروائيءَ جي اعتراف سان مذهب جو مقصد پورو نه ٿو ٿئي.
مذهب جي حد ان احساس کان شروع ٿيندي آهي ته، انسان کي پنهنجي روزاني جي زندگيءَ ۾ خدا جي جوڙيل ضابطهءِ حيات جو پورو پورو احترام ڪرڻ گهرجي. حال جي روح رهڙيندڙ واقعن ثابت ڪيو آهي ته: اخلاق، حق، انصاف ۽ آزاديءَ جو بنياد جيڪڏهن خدا ترسيءَ تي قائم نه هجي ته ان مان نهايت خطرناڪ نتيجا سامهون ايندا آهن. بشر جي لاءِ سڪون ۽ اطمينان جي زندگي صرف خدا پرستانه ماحول ۾ ممڪن آهي. انسانيت ۾ مساوات جو روح، اخلاقي قانونن جي ذريعي ئي پيدا ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن خدا جي وجود کان انڪار ڪيو وڃي، يا اخلاق جا لازمي ضابطا ختم ڪري ڇڏجن ته پوءِ غلاميءَ جي خلاف ڪو به دليل درست نه ٿو مڃي سگهجي. جيڪڏهن اهو تسليم ڪجي ته انسان ڪو به پائيدار اخلاق نه ٿو رکي، کيس فڪر ۽ عمل جي ڪائي آزادي ڪانهي ۽ کيس ڪي به مستقل حق حاصل ڪونهن ته، ان سان انسان خودبخود ان نتيجي تي پهچي ويندو آهي ته انسانيت خارجي حالات جي هٿ ۾ هڪ بي وس رانديڪو آهي ۽ انسانيت جا اهي فرد، جن کي قدرت جي پاران ذهانت ۽ سمجهه جو جهجهو حصو مليو آهي- جيڪڏهن ڪمزور ۽ بي وس ماڻهن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بڻائين ٿا ته، اهي بلڪل حق بجانب آهن. انسان جيڪڏهن ڪنهن مستقل حيثيت جو دعويدار آهي، کيس جيڪڏهن ڪو دائمي شرف ۽ وقار حاصل آهي ته، اهو محض ان جي ڪري آهي ته هو، خدا جي مخلوق آهي. خدا تي ايمان آڻڻ کانسواءِ انساني شرف جو تصور بلڪل بي معنيٰ آهي.
اڄ اسين جن حالتن منجهان گذرئون ٿا، اهي انتهائي افسوسناڪ آهن. اسان کي هر وقت ان ڳالهه جو شديد احساس ٿي رهيو آهي ته اسان مان جمهوري روح ڏينهون ڏينهن گم ٿيندو پيو وڃي. ان جو ڪارڻ، منهنجي حساب سان اهو آهي ته: ”نئين دنيا جو هي سرسبز ۽ سهڻو خطو غير محسوس طور تي الحاد جي ڄار ۾ جڪڙبو پيو وڃي ۽ ان جي ڪري ئي ان جا مذهبي ۽ روحاني بنياد لڏي چڪا آهن. مغربي دنيا ان ڳالهه جي لاءِ وڏين ڪوششن ۾ آهي ته ڪهڙيءَ ريت، انساني حقن کي انهن روحاني سرچشمن کان الڳ ڪري ڇڏجي، جيڪي الهامي مذهب جي سرچشمي مان نڪرن ٿا ۽ مغربي دنيا اهو به چاهي ٿي ته انهن حقن کي مستقل صورت ڏني وڃي، پر اها ڳالهه ناممڪن آهي. روحانيت جي پاڙن کي اکيڙڻ کان پوءِ اخلاق جي آسمان کي ڇهندڙ عمارت کي قائم رکڻ، هڪ اهڙو خواب آهي، جيڪو ڪڏهن به شرمندهء تعبير نه ٿو ٿي سگهي. انسانيت، بار بار اها حماقت ڪئي آهي ۽ هر بار ٺوڪر کائي رهي آهي.

[b]خدا پرستن ۽ منڪرن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
[/b] مان في الحال مذهب، فطرت يا وحدة الوجود جي عقيدي جو ذڪر ڇيڙڻ نه ٿو چاهيان، ڇو جو مونکي يقين آهي ۽ آئون ان معاملي ۾ لينن سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته، انسانيت جو مستقبل، يا ته:
* مادي جي هٿ ۾ هوندو، جڏهن انسان ان کي هڪ اعليٰ تر قوت سليم ڪندو يا
* هڪ مافوق الطبيعي ذات جي هٿ ۾ هوندو.
اڄ اسين ان کي تسليم ڪيون يا نه ڪيون، پر اها حقيقت آهي ته دنيا جي سموري قوت انهن ٻن ٽولن ۾ ورهايل آهي. خدا جو اقرار ڪرڻ واري طاقت مادي ساز سامان کان علاوه روحاني ۽ اخلاقي اقدار تي ايمان رکندڙ آهي. ٻئي قوت معاشي طور تي سرمائيداريءَ کي ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ روحاني نقطي جي لحاظ کان خدا جي انڪار کي ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي مسلط ڪرڻ چاهي ٿي، ان جي اخلاقي ضابطي جو بنيادي اصول صرف مصلحت آهي ۽ ان وٽ هر قسم جو جبر ۽ ڏاڍ جائز آهي.
سرمائيداريءَ جي دفنائجڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو انهن سمورن اخلاقي نظرين کي وساري ڇڏيندا، جن جو بڻ بنياد الله تي ايمان رکڻ آهي ته، ان وقت هڪ نئون اخلاق وجود ۾ ايندو. اهو اخلاق، طبقاتي يا رياستي هوندو.
اهو فلسفو ڪنهن به اصول کي ابدي ۽ ازلي قرار نه ٿو ڏئي. ڇو جو اصول کي ته صرف مصلحت متعين ڪندي آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته حاڪم ۽ حاڪميت جي خواهشمندن جي درميان وٺ پڪڙ اڻٽر آهي ۽ جڏهن اخلاقي پابنديون به نه هونديون ته دنيا ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ يقيني آهي. ان طرز جو ٻيو نظام جيڪو ممڪن ٿي سگهي ٿو جنهن کي حقيقت ۾، مارڪسيت جو متبادل چئي سگهجي ٿو، آمريت آهي، جنهن کان انساني فطرت انڪار ڪري ٿي. انسان، مادي جا رنگ برنگي پيڪر ئي آهن. اهي جيت جڻا به ناهن ۽ اهي رڍ ٻڪريون به ناهن جن کي هڪ آمر، بي زبان ڌڻ وانگر، جيڏانهن چاهي هڪليندو وتي.
اشتراڪيت جي نهايت ڪامياب نموني کي صرف خانقاهون پيش ڪري سگهن ٿيون. خانقاهون ظلم ۽ ڏاڍ، مڪر ۽ فريب سان وجود ۾ ناهن اينديون. اهي انهن انقلاب جو مظهر هونديون آهن، جيڪي دل جي دنيا ۾ پيدا ٿيندا آهن. انهن جو بنياد اخلاق جي خدائي ضابطن تي هوندو آهي.•
_________
(• خانقاهن مان مراد، اهي انقلابي خانقاهون آهن، جتي رنگ، نسل، مذهب ۽ مسلڪن کان بالاتر، محض صوفياڻي بنياد تي، انسانيت جي خدمت ٿيندي هجي. اڄوڪيون خانقاهون ته اڪثر پيشه ور آهن جيڪي خود آمريت، سرمائيداريت ۽ جاگيرداريت جون ڀرجهليون آهن.(سنڌيڪار))
________

هن وقت اهي ٻئي گروهه يعني مذهب جا پرستار ۽ مذهب جا منڪر هڪٻئي سان جنگ جي حالت ۾ آهن. عيسائيت جي آغاز کان پهريان ئي سئو سالن تائين هڪ ڪروڙ ڏهه لک ماڻهو هلاڪ ٿيا. ڇو جو انهن ماده پرستيءَ کان انڪار ڪيو ۽ عيسائيت اپنائڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيا. 1939ع کان 1947ع تائين لڳ ڀڳ پنجاهه لک انسانن جرمنيءَ جي اجتماعي ڪئمپن ۾، صرف ان ڪري پنهنجين جانين جو نذرانو ڏنو جو هو نازي فلسفئه حيات قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هيا. انسان کي اڄ به انساني بنيادي حقن جي حفاظت ۽ نگهبانيءَ ۽ آزاديءَ جي تحفظ ۽ بقاءَ جي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ ۾ قطعاً ڪو حرج نه ڪرڻ گهرجي.
اسين کوڙ حڪمرانن جي سيرت ۽ ڪردار ۾ مادي فلسفئه حيات جا اثرات، پوريءَ طرح ڏسي چڪا آهيون. يورپ جي غيرمذهبي ادارن، بلڪه کوڙ مذهبي ادارن ۾ به اخلاقي مذهبي تعليم کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي مارڪس ۽ نيٽشي جو فلسفو، ٻارڙن جي دماغ ۾ ٽنبيو پيو وڃي. ان نئين فلسفي جي مطابق غريب ۽ نادار ماڻهو هڪ انقلاب لاءِ ڪوششون وٺندي پيا نظر اچن. اهي غريب، جيڪي پنهنجي جسم ۽ جند جي رشتي کي برقرار رکڻ ۾ ايترو مصروف رهيا آهن جو انهن کي ان کان علاوه ٻي ڪا شيءِ ڪڏهن سمجهه ۾ ئي ڪا نه آئي آهي. ان تحريڪ جي رهنمائن هڪ نئون الحاد ڦهلايو آهي. ذهني طور تي اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي ڪري، سائنسي ايجادات جي آڏو گوڏا کوڙي چڪا آهن ۽ عملي طور تي انهن- قوت، شهرت ۽ دولت کي پنهنجو معبود بڻائي ورتو آهي. انهن ماڻهن جي طرزِ عمل کان پوري دنيا واقف آهي ۽ اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي، جو ماڻهن کان لڪل هجي.
اچو ته هاڻي هڪ منڪرِ خدا جي انفرادي ڪردار تي نظر وجهئون. اهڙي ماڻهوءَ کي جڏهن ڳنڀير حالات سامهون ايندا آهن ته اهو عام طور تي خودڪشيءَ جي ذريعي انهن مان نجات ماڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن قوت ۽ دولت جي حاصلات ئي زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ ڪنهن شخص کي ان کان محروم ڪيو وڃي ته پوءِ زنده رهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن هٽلر ۽ ان جي ساٿين، يهودين کان مال ۽ وسيلا ڦري ورتا ته انهن منجهان کوڙ روشن خيال يهودي ان محروميءَ کي برداشت نه ڪري سگهيا ۽ انهن پنهنجون زندگيون پنهنجي هٿن سان ختم ڪري ڇڏيون. پر پراڻن يهودين، جن کي خدا تي يقين هيو، تن انهن مصيبتن جو نهايت صبر ۽ ثابت قدميءَ سان مقابلو ڪيو ۽ زندهه رهڻ جي آرزوءَ ۾ همت آزمائيندا رهيا. اهو شخص، جنهن جو خدا تي سچو ايمان هجي، ان ۾ ڪڏهن به اهڙن محرڪات جي ڪمي نه ٿيندي آهي، جيڪي انسان کي زندهه رهڻ جي لاءِ اتساهيندا رهندا آهن.
گڏوگڏ اهو به ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي ته ڪو انساني ادارو، جنهن داٻي ۽ دٻدٻي يا معاشي دٻاءَ کان ڪم وٺي اقتدار ماڻيو هجي، ڪڏهن به فساد کان محفوظ نه ٿو رهي سگهي. اهو مطلق العنان اقتدار، جيڪو طاقت جي ذريعي حاصل ڪيو وڃي ۽ ان کي مڪاري ۽ عياريءَ جي ذريعي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان ۾ لازمي طور تي کوڙ فساد پيدا ٿي پوندا آهن. جيڪي ماڻهو خدا جي وجود جا منڪر آهن، انهن ۾ بڇڙايون وڏي تيزيءَ سان پکيڙبيون آهن.
خدا تي ايمان آڻڻ انسان جي فطرت ۾ داخل آهي ۽ ان کي ڪڏهن به انساني فطرت کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. ان لاءِ هيٺيان ٽي دليل ڏئي سگهجن ٿا:
• جيڪڏهن ڪو نظامِ تعليم اهڙو ٿي سگهي ٿو، جيڪو مڙني انسانن جي لاءِ هر قسم جي حالتن ۾ مفيد هجي ته، اهو صرف اهوئي آهي، جنهن جو اظهار حضرت عيسيٰ عليهه السلام پنهنجي زندگيءَ ذريعي ڪيو. فطري تعليم- جنهن جو مقصد ڇڙو عيش ڪرڻ هجي، انهن ماڻهن جي لاءِ ڪارائتي ٿي نه ٿي سگهي، جيڪي مستقل طور تي بيمار ۽ اپاهج آهن. اهڙي ريت، فلسفي مان اهي ماڻهو ڪوئي فائدو نه ٿا ماڻي سگهن، جن جو ذهن روشن نه هجي. مسلڪِ انسانيت جي پرچار انهن ماڻهن جي لاءِ موزون ناهي هوندي، جن جي فطرت، سانچن ۾ گهڙجي چڪي هجي. ان جي برعڪس، اها مذهبي تعليم، جنهن جو سرچشمو ايمان بالله آهي، سڀ جي لاءِ هڪجهڙي فائديمند ۽ ڪارائتي آهي. ان مان ڪاليج، منڊي، گهر، شفاخانا، قيد خانا، جهوپڙي ۽ ميدانِ جنگ مطلب ته هر جاءِ تي پوري پوري رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. خدا تي ايمان، انسان کي اهڙي طاقت بخشي ٿو، جنهن مان هو هر قسم جي برباديءَ کان محفوظ رهي ٿو. حياتياتي طور تي مذهب جي تعريف هيئن ڪري سگهجي ٿي: ”هي هڪ بلند ۽ برتر هستي جي پرورش آهي، جيڪا انسان جي فطرت جي بنيادي تقاضا آهي ۽ ان تقاضا کي انسانن جي تمام وڏي اڪثريت نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي.“
• خدا کي مڃڻ سان ئي انساني زندگي ۽ ڪائنات ۾ معنويت ۽ مقصديت پيدا ٿيندي آهي. غور و فڪر ڪرڻ وارا ماڻهو هميشه اهوئي مقصد معلوم ڪرڻ جا آرزومند رهيا آهن.
• انساني نسل جو سلسلو ته بهرحال هڪ وڏي عرصي تائين قائم رهندو ۽ ٻارڙا پيدا ٿيندا ئي رهندا. خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ رهندڙ روڳي ذهنيت رکندڙ مفڪر، انساني ذهن بابت جيڪو وڻي سو چوندا وتن، پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي مڃيل آهي ته هڪ ٻار جي فڪري ارتقاء ان وقت تائين يقيني آهي جيستائين ذهني قوتون حسي تجربن مان اهي ئي اثر قبول ڪرڻ تي آماده رهن، جيڪي هو ماضيءَ ۾ وڃائي چڪيون آهن. هڪ پڪي پختي انسان جو دماغ- جيڪڏهن غير عقلي رڪاوٽون ان جي ذهني ترقيءَ ۾ حائل نه هجن ته لازمي طور تي قانونِ فطرت جي مطابق عمل ڪندو رهندو آهي. انسانيت جا اڄ تائين جيترا به وڏا وڏا محسن گذريا آهن، انهن جا دماغ هميشه انهن ئي بنيادي اصولن جي تابع رهيا آهن، جن جي پيروڪاري، فطرت ۽ ان جي بلند ترين ڪمن جو امتيازي خاصو رهي آهي. انهن حواس جي محدود دنيا کان پراهين حقيقتن جي تلاش ۾ علت ۽ معلول جون نيون نيون ڪڙيون دريافت ڪيون ۽ ان ريت ايمان بالله تائين رسائي ماڻيائون. بقا ۽ دوام انهن ئي قدرن سان واڳيل آهن جيڪي زمان ۽ مڪان جي حدبندين کان ماورا هجن ۽ جن مان هر انسان هر قسم جي حالتن ۾ فائدو ماڻي سگهندو هجي. اهوئي سبب آهي ته تهذيبن جي عروج ۽ زوال جي باوجود مذهبي اندازِ فڪر ۽ معاشري تي ان جي اثرن ۾ هميشه ترقي ٿيندي رهي آهي. هر اهو ٻالڪ، جنهن دنيا ۾ جنم ورتو، تنهن غور و فڪر جي فطري اصولن کي ئي طاقت بخشي! ننڍڙو ٻالڪ ايمان، اميد ۽ محبت جو مظهر هوندو آهي. ان جي ڪري ئي حضرت عيسيٰ عليهه السلام ان پهلوءَ تي زور ڏنو:
”ماڻهو، ٻارڙا ان جي آڏو آڻڻ لڳندا هيا ته جيئن هو انهن کي ڇهي، پر شاگردن انهن کي ڇڙٻيو. يسوع، اهو ڏسي خفا ٿيو ۽ انهن کي چيائين ته ٻارڙن کي منهنجي ڀرسان اچڻ ڏيو انهن کي نه روڪيو. ڇو جو خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي. مان توهان کي سچ ٿو چوان ته جيڪو به خدا جي بادشاهي ٻار وانگر قبول نه ڪري، اهو ان ۾ هرگز داخل نه ٿيندو. پوءِ هن انهن کي پنهنجي هنج ۾ ورتو ۽ انهن تي هٿ رکي انهن کي برڪت ڏنائين“.
(مرقس: باب ڏهون، چوڏهون، پندرهون)
”مان توهان کي سچ ٿو چوان، جيڪو به خدا جي بادشاهي ٻار وانگر قبول نه ڪندو، سو ان ۾ هرگز داخل نه ٿيندو“ (لوقا 18-16)
”جيڪڏهن توهين توبهه نه ڪندئو ۽ ٻارڙن وانگر نه ٿيندؤ ته آسمان جي بادشاهيءَ ۾ هرگز داخل نه ٿيندؤ.“ (متي: 18-12)
“جيستائين ڪوئي نئين سري سان پيدا نه ٿيو، اهو خدا جي بادشاهيءَ کي ڏسي نه سگهندو.“ (يوحنا: 3-3)
ماڪس پلينڪ، جنهن ماليڪيول جا اسرار پروڙي ورتا، تنهن هڪ موقعي تي چيو: ”مذهب ۽ علم طبيعي ٻئي هڪ لاڳيتي جدوجهد ۾ مصروف آهن. انهن جو مقصد، شڪ ۽ تنگ نظريءَ ۽ وهم پرستيءَ کي شڪست ڏيڻ آهي. ان مقدس ڇڪتاڻ ۾ شريڪ ٿيندڙ باآواز بلند چئي رهيا آهن: ارجعوا الي الله: الله ڏانهن موٽو.
آئون پنهنجي ڳالهه لوئرس باسچر جي هڪ قول تي ختم ٿو ڪريان، جنهن جو شمار انسانيت جي عظيم ترين محسنن ۾ ٿئي ٿو. ان چيو آهي ته:
”جڏهن مون بابت ڪو شخص چوندو آهي ته مون اهي نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ حقيقتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ته مان ان اعتراض جي جواب ۾ عرض ٿو ڪريان ته، اهو صحيح آهي ته مون پنهنجي ذهن کي اهڙي انڪار جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي جن کي ثابت نه ٿو ڪري سگهجي. منهنجي سوچڻ جو انداز اهوئي آهي.“
جيڪڏهن مون حقيقتن کان منهن موڙيو آهي ۽ مون کان ڀلڪاريون ٿيون آهن ته مهرباني ڪري مون کي اطلاع ڪريو، آئون اصلاح جي لاءِ هر وقت تيار آهيان.
****