تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هي پهريون موقعو آهي جو هڪ ڪتاب ۾ اڪيچار سائنسدانن- جيڪي سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ درجي جي مهارت رکن ٿا، پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي حوالي سان خاص طور تي خدا جي هستيءَ جي مسئلي تي باقاعده بحث ڪيو آهي. اها وک اميد ته انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي فائدي واري ثابت ٿيندي، جيڪي سطحي طور تي سائنس جي رعب ۾ ورتل هجڻ جي ڪري، خدا جي انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي وجود بابت شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته خدا کي مڃڻ هڪ غير سائنسي ڳالهه آهي! هن ڪتاب ۾ اهي ڏسندا ته وڏي کان وڏا سائنسدان بي وس ٿي ڪري الله پاڪ جي هستيءَ جو نه صرف اقرار ڪن ٿا، بلڪه نهايت مضبوط علمي ۽ عقلي دليلن ذريعي ان جو اهڙو ثبوت به ڏين ٿا، جهڙو ثبوت سائنس کان ڪنهن مٿانهين احساس ۽ ادراڪ واري شيءِ بابت ڏئي سگهجي ٿو.
Title Cover of book خدا ، سائنس ۽ فلسفو

خدا جي دنيا : وحيدالدين خان

جڏهن توهين پنهنجي ڪمري ۾ هجو ته اوهين ڏسو ته ان جي ڊيگهه ڪيتري آهي ۽ ويڪر ڪيتري. پر جڏهن توهين کليل ميدان ۾ آسمان جي هيٺان هوندا آهيو ته لڳندو آهي ته آسمان جي ڊيگهه ۽ ويڪر کي ماپڻ جي لاءِ توهان جا سمورا ماپا ناڪافي آهن. اها ئي صورتحال سموري ڪائنات جي آهي. هڪ ٻج، جڏهن اسري ۽ نسري وڻ جي صورت ۾ هڪ دنيا جوڙيندو آهي ان کي ڪير ٿو بيان ڪري سگهي؟! سج جي روشني، هوا جو نظام، پکين جا گيت، پاڻيءَ جا وهندڙ چشما ۽ اهڙيون بي شمار شيون، جيڪي اسين پنهنجين اکين سان ڏسندا آهيون، انهن کي لفظن ۾ بيان ڪجي ته ڪيئن؟!
سچائي ان کان به وڌيڪ لطيف آهي جو ان کي لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي. حقيقت اها آهي ته جتي زبان گونگي بڻجي ويندي آهي اتان حقيقتن جي شروعات ٿيندي آهي، جتي لفظ ساٿ ناهن ڏيندا اتان کان معنيٰ جو آغاز ٿيندو آهي. خدا، خاموش زبان سان ٻولي رهيو آهي ۽ اسين ان کي شور ۾ ٻڌڻ ٿا چاهيون. اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ممڪن ٿيندو ته اسين خدا جو آواز ٻڌي سگهون؟! هن دنيا ۾ سڀ کان قيمتي ڳالهيون اهي آهن جيڪي خاموش ٻوليءَ ۾ آلاپجي رهيون آهن، پر جيڪي ماڻهو رڳو لڙ بکيڙي جي ٻولي ٻڌڻ ڄاڻندا هجن، اهي انهن قيمتي ڳالهين کان ايئن اڻڄاڻ رهندا آهن جيئن ٻوڙو ماڻهو، خوشگوار موسيقيءَ کان!
خدا جي دنيا بي حساب حسين آهي ان جي سونهن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. ماڻهو جڏهن هن دنيا کي ڏسي ٿو ته بي اختيار سندس مَن چاهي ٿو ته خدا جي هن ابدي دنيا جو رهواسي ٿي وڃي... هو، هوا ۾ شامل ٿي وڃي... وڻن جي ساوڪ ۾ وڃي وسي... هو، آسمان جي بلندين ۾ کوهجي وڃي... پر! انسان جون محدوديتون ان جي لاحد وارين خواهشن ۾ رڪاوٽ آهن. هو پنهنجي محبوب دنيا کي ڏسي ٿو پر ان ۾ شامل ٿي نه ٿو سگهي. شايد جنت ان جو نالو آهي ته ماڻهوءَ کي ان جي محدوديتن مان آزاد ڪيو وڃي ته جيئن هو، خدا جي حسين دنيا ۾ هميشه هميشه جي لاءِ آباد ٿي وڃي...
انسان جيڪا تمدني دنيا ٺاهي آهي اها خدا جي دنيا کان ڪيتري ته مختلف آهي! انسان جون ٺاهيل سواريون، شور ۽ دونهون ڪنديون آهن. پر خدا جي دنيا ۾ روشني هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان هلندي آهي ۽ نه ڪي ڪٿي شور ٿيندو آهي ۽ نه ڪي دونهون! انسان انسانن جي درميان ايئن رهندو آهي جو هڪ مان ٻئي کي انيڪ قسم جون تڪليفون پهچنديون رهنديون آهن، پر خدا جي دنيا ۾ هوا اهڙيءَ ريت گذرندي آهي جو اها ڪنهن سان به ڪانه ٽڪرائبي آهي. انسان پنهنجي غلاظت کي ڪاربان، پگهر، پيشاب ۽ ڪاڪوس جي صورت ۾ خارج ڪندو آهي پر خدا پنهنجيءَ دنيا ۾ جيڪي وڻ اُپايا آهن اهي ان جي برعڪس پنهنجي ڪثافت کي آڪسيجن جي صورت ۾ خارج ڪندا آهن ۽ گل پنهنجي ڪثافت کي خوشبو جي صورت ۾. انسانن جي جوڙيل سمورن شهرن ۾ ڪن ڪچري جو مسئلو هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. پر خدا جي وسيع تر دنيا ۾ وڏي پيماني تي ڪچرو نڪرندو آهي پر ڪنهن کي خبر به ڪانه پوندي آهي، ڇو جو ان کي Recycle ڪري ٻيهر ڪائنات جي مفيد جزن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. جيڪو شخص حقيقت جي جهلڪ ڏسي وٺي اهو ان جي بيان ڪرڻ کان پاڻ کي عاجز محسوس ڪرڻ لڳندو آهي، مٿس ماٺ ڇانئجي ويندي آهي.

[b]معبود جي طلب
[/b] روس جي خلائي مسافر ‘اندرن نڪولائيف’، آگسٽ 1926ع ۾ جڏهن هڪ خلائي سفر تان واپس ٿيو ته 21 آگسٽ تي ماسڪو جي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو:
‘جڏهن آئون زمين تي لٿس ته منهنجي دل پئي گهريو ته مان زمين کي چمان’
انسان جهڙي هڪ مخلوق جي لاءِ زمين تي جيڪو بي حساب موافق سامان موجود آهي اهو ڪائنات جي ٻين گولن ۾ ڪٿي به ڪونهي. روسي خلاباز، جڏهن ڌرتيءَ کان تمام پري خلا ۾ ويو ته ان ڏٺو ته وسيع خلا ۾ انسان جي لاءِ صرف حيراني ئي حيراني آهي اتي انسان جي سڪون ۽ حاجتن پورين ڪرڻ جو ڪوئي سامان ڪونهي. ان تجربي کان پوءِ جڏهن هو ڌرتيءَ تي لٿو ته کيس ڌرتيءَ جي اهميت جو اندازو ٿيو. بلڪل ايئن، جيئن سخت اڃ کان پوءِ ماڻهوءَ کي پاڻيءَ جو احساس ٿيندو آهي. ڌرتي پنهنجي سمورن موافق امڪانن سميت کيس ايتري ته سٺي لڳي جو ان جي دل چاهيو ته ان کي چنبڙي وڃي ۽ پنهنجي محبت جي جذبات کي ان تان گهوري ڇڏي.
اهائي اها شيءِ آهي جنهن کي اسلام، ‘الهه’ چيو آهي. ماڻهو، خلقڻهار کي نه ٿو ڏسي تنهن ڪري هو مخلوق کي پنهنجو ‘الهه’ ٿو بڻائي. مؤمن اهو آهي، جيڪو ظاهر مان گذري باطن تائين پهچي وڃي. جيڪو اها حقيقت ڄاڻي وٺي ته هي جيڪو ڪجهه نظر اچي پيو، سو ڪنهن جو ڏنل آهي. زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو سڀ ڪنهن برتر هستيءَ جو پيدا ڪيل آهي، هو مخلوق کي ڏسي ان جي خالق کي ماڻي ۽ خلقڻهار کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي. هو پنهنجي سمورن بهترين جذبن کي خدا جي لاءِ گهوري ڇڏي.
روسي خلاباز تي جيڪا ڪيفيت زمين کي ڏسي گذري، ساڳي ڪيفيت اڃا به وڌيڪ ماڻهوءَ تي، خدا جي حاصلات کان پوءِ گذرڻ گهرجي. مؤمن اهو آهي جيڪو سج کي ڏسي ته ان جي روشنيءَ ۾ خدا جو نور پسي. هو، آسمان جي وسعتن ۾ خدا جي لامحدوديت جو مشاهدو ڪري. هو، گل جي خوشبو ۾ خدا جي مهڪار پسي ۽ پاڻيءَ جي وهڪري ۾ خدا جي عطا کي پسي. مؤمن ۽ غيرمؤمن جو فرق اهو آهي ته غيرمؤمن جي نگاه مخلوقات ۾ اٽڪي بيهي رهندي آهي ۽ مؤمن مخلوقات مان گذري خلقڻهار تائين پهچيو وڃي. غيرمؤمن، مخلوقات جي سونهن کي خودمخلوقات جي سونهن سمجهي ان ۾ ئي مگن رهندو آهي. مؤمن، مخلوقات جي سونهن ۾ خلقڻهار جو جلوو پسندو آهي ۽ پنهنجي پاڻُ کي خلقڻهار کي ارپي ڇڏيندو آهي. غيرمؤمن جو سجدو شين جي لاءِ هوندو آهي ۽ مؤمن جو سجدو شين جي خلقڻهار لاءِ!

[b]دريافت جي لذت
[/b] سج اسان جي ڌرتيءَ لاءِ ٻارنهن لک ڀيرا وڏو ۽ ان کان ساڍا نو ڪروڙ ميل پري آهي. تڏهن به سج جي روشني ۽ حرارت بي پناهه مقدار ۾ اسان تائين پهچي رهي آهي. هيءُ سج، ڪائنات جو هڪ، نسبتاً ننڍڙو ستارو آهي جيڪو ويجهو هئڻ جي ڪري اسان کي وڏو ٿو ڏسڻ ۾ اچي. گهڻا ستارا، سج کان تمام وڏا آهن ۽ ان کان وڌيڪ روشن به. روشني ۽ حرارت جون اهڙيون عظيم دنيائون جن کي ستارا چيو وڃي ٿو، بي شمار تعداد ۾ خلا ۾ ڦهليل آهن. کربين سالن کان لاڳيتو ٻرڻ جي باوجود انهن جو حرارتي پد گهٽجي نه ٿو.
ستارن ۾ اها بي پناهه قوت ڪيئن پيدا ٿيندي آهي؟ ‘هنس سيٽي’ فلڪياتي طبيعيات جي ميدان ۾ ڊگهي تحقيق کان پوءِ ٻڌايو ته ان جو راز، ڪاربان سائيڪل آهي. ان ئي تحقيق تي 1967ع ۾ موصوف کي طبيعيات جو نوبل انعام مليو. ڊاڪٽر بيٽيءَ (ڄم: 1906) جنهن ڏينهن ڪاربان سائيڪل جي اها سائنسي دريافت ڪئي اهو ان جي لاءِ جذبات ۽ خوشيءَ جو هڪ ناقابل بيان لمحو هو. ان جي زال: ‘روز بيٽي’ چوي ٿي ته: رات جو وڳڙو هيو. اسين نيوميڪسيڪو جي صحرا ۾ هئاسين، صحرا جي ماحول ۾ آسمان جا تارا جڳمڳ جرڪي رهيا هئا. ‘روز بيٽي’ آسمان ڏانهن نهاريو ۽ حيران ٿيندي چيائين: آسمان جا تارا ڪيڏو نه چمڪي رهيا آهن. ڊاڪٽر بيٽي وراڻيو: ڇا تو کي خبر آهي ته هن وقت تون ان واحد انسان جي بلڪل ويجهو بيٺي آهين جيڪو اهو ڄاڻي ٿو ته آخر اهي ستار چمڪن ڇو ٿا’؟!
‘هنس بيٽي’ جي دريافت اصل حقيقت جو بيحد جزوي پهلو هيو، هن ستارن ۾ ڪاربان سائيڪل جو عمل دريافت ڪيو. پر سوال اهو آهي ته خود ڪاربان سائيڪل جو عمل ستارن ۾ ڇو آهي؟ ان هيڏي ساري راز کي مؤمن خدا جي صورت ۾ دريافت ڪندو آهي. ايمان بالله هڪ دريافت آهي جيڪا مڙني دريافتن کان تمام وڏي آهي، پر ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته سائنسدان کي معمولي دريافت ٿئي ٿي ته هو، جذبات ۾ بي قابو ٿيو وڃي پر ايمان وارا، سڀ کان وڏي شيءِ يعني خدا کي دريافت ڪندا آهن پر منجهن ڪوئي جذباتي اڀار پيدا ناهي ٿيندو. شايد خدا تي ايمان جي دعويٰ ڪندڙن اڃا تائين خدا کي دريافت ئي ناهي ڪيو!!!

[b]خدا جي موجودگيءَ جو تجربو
[/b] اپالو 15 ۾ امريڪه جا جيڪي ٽي خلاباز چنڊ تي ويا هيا انهن منجهان هڪ ‘ڪرنل جيمزارون’ هيو. ان هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ته آگسٽ 1972 جو اهو لمحو منهنجي لاءِ نهايت عجيب هيو جڏهن مون چنڊ جي سطح تي قدم رکيو، مون اتي خدا جي موجودگيءَ کي محسوس ڪيو. ان چيو ته منهنجي روح تي ان وقت وجداني ڪيفيت طاري ٿي ۽ مون کي ايئن محسوس ٿيو جهڙوڪر، خدا تمام ويجهو هجي، خدا جي عظمت مون کي پنهنجي اکين سان نظر اچي رهي هئي. چنڊ جو سفر منهنجي لاءِ ڇڙو هڪ سائنسي سفر نه هيو بلڪ مون کي ان جي ذريعي هڪ روحاني زندگي نصيب ٿي. (ٽريبون: 27 آڪٽوبر 1972)
‘ڪرنل جيمزارون’ جو اهو تجربو ڪو انوکو تجربو ڪونهي، حقيقت اها آهي ته خدا جيڪي ڪجهه پيدا ڪيو آهي اهو ايڏو حيرتناڪ آهي جو اهو ڏسي ڪري ماڻهو خلقڻهار جي ڪاريگرين ۾ ٻڏي وڃي! تخليق جي ڪمال ۾ هر پل خلقڻهار جو چهرو جهلڪي رهيو آهي، پر اسان جي آس پاس جيڪا دنيا آهي اها اسين ننڍڙي لاڪون ڏسي ڏسي عادي ٿي ويندا آهيون. ان مان اسين ايترو مانوس ٿي ويندا آهيون جو ان جي انو کائپ جو اسان کي احساس ئي نه رهندو آهي. هوا، پاڻي، وڻ ۽ پکي. مطلب ته جيڪو ڪجهه اسان جي دنيا ۾ آهي سو سڀ جو سڀ حد درجي جو عجيب آهي، هر شيءِ پنهنجي خلقڻهار جو آئينو آهي، پر عادي هجڻ جي ڪري اسين ان جي عجيب هئڻ کي محسوس نه ڪندا آهيون. پر هڪ شخص جڏهن اوچتو چنڊ تي لٿو ۽ پهريون ڀيرو اتان جو تخليقي منظر ڏٺائين ته هو ان جي خالق کي محسوس ڪرڻ کان رهي نه سگهيو. هن تخليق جي ڪارنامي ۾، خالق کي موجود پسيو، اسان جي موجوده دنيا ۾ جتي اسين رهون ٿا هتي به ‘خدا جي موجودگيءَ’ جو تجربو ايئن ئي ٿي سگهي ٿو جهڙيءَ ريت چنڊ تي پهچي ڪري ڪرنل کي ٿيو. پر ماڻهو موجوده دنيا کي ان تعجب انگيز نگاه سان ڏسن ئي نه ٿا. جيئن چنڊ جو هڪ نئون مسافر چنڊ کي ڏسي ٿو. جيڪڏهن اسين پنهنجي دنيا کي ان نظر سان ڏسڻ لڳئون ته اسان کي هر وقت پنهنجي آس پاس ‘خدا جي موجودگيءَ’ جو تجربو ٿيندو رهي، اسين اهڙيءَ ريت رهڻ لڳئون جهڙوڪر اسين خدا جي پاڙي ۾ بلڪ ان جي ڀڪ ۾ رهيا پيا آهيون ۽ هو هر پل اسان جي سامهون آهي.
جيڪڏهن اسين هڪ اعليٰ مشين کي پهريون ڀيرو ڏسندا آهيون ته اسين فوري طور تي ان جي ماهر انجنيئر کي اتي موجود محسوس ڪرڻ لڳندا آهيون. ساڳيءَ ريت اگر اسين دنيا کي ۽ ان جي شين کي گهرائيءَ سان ڏسي سگهون ته ان وقت اسين اتي خدا کي موجود محسوس ڪرڻ لڳنداسون، خلقڻهار اسان کي ايئن نظر اچڻ لڳندو جو اسين خالق ۽ تخليق کي هڪ ٻئي کان جدا نه ڪري سگهنداسين.
موجوده دنيا جي انسان جي سڀ کان وڏي دريافت اها آهي ته هو خدا کي ڏسڻ لڳي، هو پنهنجي آس پاس خدا جي موجودگيءَ کي محسوس ڪرڻ لڳي، جيڪڏهن ماڻهوءَ جو احساس زنده هجي ته سج جي سونهري ڪرڻن ۾ کيس خدا جو نور جڳمڳ جهلڪندي نظر اچي. هوا جي نرم جهوٽن ۾ کيس رباني لمس جو تجربو ٿيندو، پنهنجون هٿ تريون ۽ پيشاني ڌرتيءَ تي رکندي کيس ايئن لڳندو ڄڻ هن پنهنجو وجود پنهنجي پالڻهار جي قدمن ۾ رکي ڇڏيو آهي. خدا هر هنڌ موجود آهي. شرط اهو آهي ته ڏسڻ واري نگاهه ماڻهوءَ کي حاصل هجي.

[b]رهنما جي ضرورت
[/b] اسان کي بک لڳندي آهي، اسين پنهنجي بک مٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ايستائين جو ثابت ٿيندو آهي ته هتي کاڌو موجود هيو جيڪو اسان جي بک مٽائي. اسان کي اُڃ لڳندي آهي اسين پنهنجي اُڃ اجهائڻ جي لاءِ عمل ڪندا آهيون، ايستائين جو پتو پوندو اٿئون ته هتي پاڻي موجود هيو. جيڪو اسان جي اُڃ اجهائي. سچائيءَ جو معاملو به ايئن ئي آهي. ماڻهو هميشه سچائيءَ جي تلاش ۾ آهي اها تلاش ئي ان ڳالهه کي ثابت ڪري رهي آهي ته هتي ڪا سچائي آهي جيڪا ماڻهوءَ کي ڄاڻڻ گهرجي. سچائي، کاڌي پيتي کان وڌيڪ اهم آهي. پوءِ جڏهن اسان جي ننڍڙيءَ طلب جو جواب هن دنيا ۾ موجود آهي ته اسان جي وڏي طلب جو جواب هتي ڇو نه موجود هوندو؟!
سچائيءَ جو سوال پنهنجي حقيقت کي ڄاڻڻ جو سوال آهي. ماڻهو هڪ ڏينهن اوچتو پيدا ٿيو پوي. حالانڪ ان پاڻ کي پيدا ناهي ڪيو هو پنهنجي پاڻ کي هڪ دنيا ۾ ڏسي ٿو جيڪا کانئس الڳ خود پنهنجو پاڻ قائم آهي. هو پنجاهه سال يا کڻي هڪ سؤ سال هن دنيا ۾ رهي مري ويندو آهي، کيس خبرناهي ته هو مري ڪري ڪيڏانهن ٿو وڃي. زندگي ۽ موت جي اها حقيقت ڄاڻڻ دراصل سچائي ڄاڻڻ آهي.
پر هڪ شخص جهڙيءَ ريت کاڌو ۽ پيتو ڄاڻي وٺندو آهي ان ريت هو سچائي نه ڄاڻي سگهندو آهي. سچائي يقيني طور تي لامحدود ۽ ابدي آهي. سچائي جيڪڏهن لامحدود ۽ ابدي نه هجي ته اها سچائي ناهي، پر ماڻهوءَ جو عقل ۽ ان جي عمر ٻئي محدود آهن. محدود عقل، لامحدود سچائيءَ تائين پهچي نه ٿو سگهي. محدود عمر جو ماڻهو، ابدي سچائيءَ کي دريافت نه ٿو ڪري سگهي.
ماڻهوءَ جي اها ئي لاچاري ثابت ٿي ڪري ته سچائيءَ کي ڄاڻڻ جي لاءِ کيس پيغمبر جي ضرورت آهي. ‘پيغمبري’ ڇا آهي؟ پيغمبريءَ جو مطلب اهو آهي ته اها سچائي جيستائين ماڻهو پنهنجو پاڻ نه ٿو پسي سگهي اها پاڻ ماڻهوءَ تائين پهچيو وڃي. جنهن سچائيءَ کي اسين پنهنجين ڪوششن سان نه ڄاڻي سگهياسون اها پاڻ ظاهر ٿي ڪري پنهنجي باري ۾ اسان کي ٻڌائي وٺي ٿي.
حقيقت کان ماڻهن کي اڳواٽ باخبر ڪرڻ جي لاءِ سچائيءَ کي خدا پيغمبر جي ذريعي کوليو موجوده امتحان جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ اها، براه راست هر ماڻهوءَ تي کولي ويندي، پيغمبر ٻڌايو ته ماڻهوءَ مان مطلوب اهو آهي ته جنهن خدا جي اطاعت سموري ڪائنات جبري طور تي ڪري رهي آهي ان خدا جي اطاعت، انسان ارادي سان ڪري. هو پنهنجي اختيار سان پنهنجو پاڻ کي بي اختيار بڻائي ڇڏي، خدا جي ڏنل آزاديءَ جي باوجود جيڪي ماڻهو خدا جا محڪوم بڻجي وڃن انهن جي لاءِ جنت آهي ۽ جيڪي ماڻهو آزادي ماڻي سرڪش بڻجي وڃن انهن جي لاءِ جهنم.

[b]آپريشن[/b]
امريڪا جي فونڪس جي اسپتال ۾ هڪ شخص داخلا ورتي. ان جي پيٽ ۾ سخت تڪليف هئي. ڊاڪٽرن ان کي آپريشن جو ڪيس قرار ڏنو. آخرڪار هن جي پيٽ جو آپريشن ڪيو ويو. ڊاڪٽر اهو ڏسي دنگ رهجي ويا ته سندس پيٽ ۾ هڪ هيرو اٽڪيل هيو. اهو ئي هيرو ان جي ناقابل برداشت تڪليف جو سبب بڻيل هيو. هيرو ان جي پيٽ مان ڪڍي ٻاهر ڪڍيو ويو، ان هيري سان اڃا تائين قيمت جي چٽڪي چنبڙيل هئي. ان چٽڪيءَ تي لکيو هيو: 6500 ڊالر. فوري طور پوليس کي گهرايو ويو، پڇاڳاڇا جي دوران مريض ٻڌايو ته کيس اهو هيرو انعام ۾ مليو هو ۽ غلطيءَ سان اهو سندس پيٽ ۾ هليو ويو. پوءِ ستت ئي پتو پئجي ويو ته اصل حقيقت ڪا ٻي آهي. اهو ماڻهو هڪ ڀيري ڪنهن هيري جي دڪان تي ويو هو ۽ اتان اهو هيرو چورايو هئائين، پر هو جڏهن نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته دڪاندار کي شڪ ٿيو ته ان جو پيڇو ڪيائين، جڏهن چور ڏٺو ته هو پڪڙجڻ وارو آهي ته هن امالڪ کڻي اهو هيرو وات ۾ وڌو ۽ ڳهي ڇڏيائين. پوليس ان جي ڳولها ۾ هئي پر هو پوليس کي هٿ نه ٿي آيو، اسپتال مان کيس فوري طور تي گرفتار ڪيو ويو. (هندستان ٽائمز، 5 نومبر 1981ع) ناجائز طريقي سان هٿ ڪيل هيرو ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ هضم نه ٿي سگهيو، هو مجبور ٿي ويو ته لڪايل هيرو ٻاهر آڻي ۽ پاڻ ئي پنهنجي ڏوهه جو زنده ثبوت بڻجي وڃي. ساڳي ڪار مجرمن سان نهايت سخت صورت ۾ آخرت ۾ ٿيندي.
دنيا ۾ ماڻهو هڪ شخص جو حق دٻائي ٿو، هو ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ٿو باسي جيڪا کيس باسڻ گهرجي. اهو سڀ ڪجهه ڪندي به ماڻهو موجوده دنيا ۾ ڪامياب رهي ٿو. ڏاڍ ۽ هوشياريءَ سان هو پنهنجو ڏوهه دنيا ۾ لڪائي ڇڏي ٿو، پر اهو صرف ان وقت تائين ٿيندو جيستائين ماڻهو موت جي ور نه چڙهي. موت، هر ماڻهوءَ جي لاءِ سمجهو ته قدرت جو آپريشن آهي جيڪو سندس اندر کي ٻاهر ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي رازن کي وائکو ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن هيرو ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ هضم نه ٿو ٿئي، اهڙيءَ ريت ظلم ۽ ناانصافيءَ کي به خدا جي هيءَ ڪائنات ڪڏهن به قبول نه ٿي ڪري.
ماڻهوءَ تي اهو وقت اوس اچڻو آهي جڏهن خدائي آپريشن سندس حقيقت کي پڌري پٽ آڻيندو ۽ هن جي لاءِ پنهنجي ڏوهن جي اقرار کان سواءِ ڪوئي چارو نه رهندو.

[b]خدا جي ياد
[/b] اخبار: ‘هندستان ٽائمس’ جي ايڊيٽر هڪ فيلڊ اسٽڊي (15 مئي 1982) جي ذريعي هندستاني ماڻهن جو مزاج جاچيو. هو پنهنجي مطالعي جي ذريعي ان نتيجي تي پهتو ته هندستانين جي حالت اها آهي جو جڏهن ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته خدا انهن وٽ سڀ کان مٿي هوندو آهي، جڏهن هر شيءِ ٺيڪ هوندي آهي ته پئسو سڀ کان مٿي هوندو آهي ۽ خدا کي ٻئي درجي ۾ آڻي ڇڏيندا آهن.
اها تجزيو نه رڳو هندستانين جي لاءِ درست آهي بلڪ اهو عام ماڻهن جي لاءِ به وڏي حدتائين درست آهي. ماڻهوءَ جو حال اهو آهي ته تڪليف ۽ بيوسيءَ جي لمحن ۾ هو سڀ کان وڌيڪ خدا کي ياد ڪندو آهي، ان وقت هن جو سمورو ڌيان خدا ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي، پر جڏهن حالتون درست هجن ۽ ڪا پريشاني سامهون نه هجي ته هو پنهنجي مادي مفادن کي پنهنجي سموري توجهه جو مرڪز بڻائي وٺندو آهي.
تنهن ڪري اهڙي قسم جي خدا پرستي، خدا پرستي ناهي، اها صرف ماڻهوءَ جي ان جرم جو ڏس ڏيندي آهي ته هو پنهنجي رب کي وساري ويٺو آهي. اهو وقت جڏهن کيس خدا کي ياد ڪرڻ کپي ها ان وقت هن خدا کي ياد نه ڪيو. تانجو خدا ان جي حقيقت مٿس وائکي ڪري ڇڏي. سندس اک تان غفلت جو پردو هٽي ويو، جڏهن ايئن ٿيو ته هو گهٻرائجي خدا کي پڪارڻ لڳو. انسان هڪ بااختيار ۽ آزاد مخلوق آهي. کانئس آزادانه خدا پرستي گهربل آهي نه ڪي مجبوريءَ واري. ماڻهوءَ جو ياد ڪرڻ اهو ياد ڪرڻ آهي جڏهن هن راحت جي لمحن ۾ خدا کي ياد ڪيو هجي. راحت واري وقت ۾ خدا کي وساري ويهڻ ۽ جڏهن مصيبت اچي ته خدا جي طرف ڊوڙڻ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن جي خدا جي حضور ۾ ڪائي اهميت ڪانهي. وري اهو واقعو ٻڌائي ٿو ته جيڪو ماڻهو، دولت کي سڀ کان وڏو درجو ڏنيون ويٺو هيو اهو دراصل ڪوڙي معبود کي پنهنجو معبود بڻايون ويٺو آهي، جيڪا شيءِ مصيبت جي وقت ماڻهوءَ جو سهارو نه بڻجي سگهي، جنهن کي ماڻهو خود نازڪ حالت ۾ وساري ويهي اها ڪنهن جو معبود ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟!

[b]جڏهن پردو کڄندو
[/b] امريڪي صدر: ‘رونالڊريگن’ 30 مارچ 1981ع تي پراعتماد چهري سان پنهنجي صدارتي محل: ‘وائيٽ هائوس’ مان نڪتو. ڪارن جي قافلي سان هو واشنگٽن کان هلٽن هوٽل ڏانهن روانو ٿيو. پروگرام جي مطابق شاندار هال ۾ هڪ تقرير ڪئي. شابسن ۽ واکاڻ جي فضا ۾ سندس تقرير پوري ٿي، هو مسڪراهيندڙ چهري سان ماڻهن جي هجوم مان ٻاهر آيو، هو پنهنجي، گولي پروف ڪار مان ڳچ وکن جي فاصلي تي هيو ته اوچتو ٻاهر بيٺل هجوم مان گولين جا آواز اچڻ لڳا، هڪ نوجوان ‘جان هنڪلي’ ٻن سيڪنڊن جي اندر ڇهه فائر ڪيا، هڪ گولي مسٽر ريگن جي سيني ۾ لڳي، هو رت ۾ لت پت ٿي ويو ۽ فوري طور تي اسپتال ۾ آندو ويو. اوچتو گولي لڳڻ کان پوءِ امريڪا جي صدر جو جيڪو حال ٿيو اهو ‘اي پي ڪارپوٽر’ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.
Mr Reagan apread stunned the simile faded from his lips
”مسٽر ريگن جهڙوڪر سُن ٿي ويو. مسڪراهٽ، سندس چپن تان غائب ٿي وئي.“ (ٽائمس آف انڊيا: 31 مارچ 1981)
هي واقعو ان صورتحال جي هڪ تصوير آهي جيڪو موت جي ‘حملي’ جي وقت اوچتو ماڻهوءَ تي طاري ٿي ويندي آهي.
ماڻهو، موجوده دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي آزاد سمجهي رهيو آهي هو بي ڊپو ٿي جيڪو چاهي سو ڳالهائيندو آهي ۽ جيڪو چاهيندو آهي سو ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو مال هٿ لڳو آهي ته اهو سمجهي ٿو ته سندس مستقبل محفوظ آهي، ڪنهن کي ڪو اقتدار حاصل آهي ته اهو اقتدار کانئس ڄڻ کسجڻو ئي ناهي، هر ماڻهو پراعتماد چهرو ٺاهيو ٿو وتي، هر ماڻهو کلندي پنهنجي ‘ليمونيشن’ ڏانهن وڌي رهيو آهي، ان کان پوءِ اوچتو پردو کڄيو وڃي، موت جو فرشتو کيس هن موجوده دنيا مان کڻي اڳئين دنيا ۾ پهچايو ڇڏي.
اهو هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو هڪ ڀوائتو لمحو آهي، جڏهن اهو لمحو ايندو آهي ته ماڻهو پنهنجي اندازي جي بنهه ابتڙ صورتحال ڏسي ڪري دهشت ۾ وٺجي ويندو آهي. اوچتو کيس محسوس ٿيندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه محض دوکو هيو جنهن کي هن سڀ کان وڏي حقيقت سمجهي ورتو هيو، مون پنهنجو پاڻ کي آزاد سمجهيو هيو، پر مان ته بنهه بي وس نڪري پيس، مون پنهنجو پاڻ کي وڏي ملڪيت وارو پئي سمجهيو پر مان ته بنهه هٿين خالي هئس، مون ڀانيو ٿي ته مون وٽ وڏي طاقت آهي. پر مان ته خدا جي هن دنيا ۾ مڇر ۽ مک کان به ڪمزور ثابت ٿيس. مان سمجهندو هيس ته مون سان گڏ کوڙ ماڻهو آهن پر منهنجو ته هتي ڪوئي به ڪونهي.
آه! اهو انسان جيڪو اها ڳالهه نه ٿو ڄاڻي جيڪا کيس سڀ کان وڌيڪ ڄاڻڻ گهرجي ها!

[b]هي انسان!
[/b] حضرت مسيح عليه السلام جي وعظن منجهان هڪ وعظ ۾ داعي ۽ مدعو جي تمثيل آهي، هتي اسين اها تمثيل پيش ڪيون ٿا.
‘... ته هاڻي آئون هن زماني جي ماڻهن کي ڪنهن سان تشبيهه ڏيان؟ اهي انهن ڇوڪرن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويٺي پنهنجن ساٿين کي سڏي چوندا آهن اسين توهان جي لاءِ بئنسري وڄائي ۽ توهين نچيئو ئي ڪونه! اسين ماتم ڪيو پر توهين رنؤ ئي ڪونه!’
خدا جو داعي خدا جي سمنڊ ۾ وهجندو آهي، تنهن ڪري ان جي لاءِ ممڪن هوندو آهي ته خدا جي دنيا ۾ خدا جا گيت ڳائي، هو فطرت جي ساز تي خدا جا ابدي گيت ڇيڙي، انهن گيتن ۾ هڪ طرف خدا جي حسن ۽ ڪمال جون تجليون هونديون آهن جن جي تقاضا هوندي آهي ته اهي ٻڌي ڪري ماڻهو محوِ رقص ٿي وڃي. ٻئي طرف انهن گيتن ۾ خدا جي پڪڙ جون تنبيهون هونديون آهن جيڪي هڪ حساس انسان کي تڙپائي کيس روئاري ڇڏين. داعي، خدا جي جمال ۽ جلال جو مظهر هوندو آهي، پر انسان ايترو غافل آهي جو هن تي انهن شين جو ڪوئي اثر نه ٿيندو آهي. داعيءَ جي ڪلام جي صورت ۾ خدا کيس بلڪل قريب اچي ويندو آهي پر ان مهل به هو خدا کي نه ماڻي سگهندو آهي. هن ۾ نه ڪي خدا جي حمد جون ڪيفيتون جاڳنديون آهن نه ڪي خدا جي خوف ۾ سندس اکيون آليون ٿينديون آهن. هو نازڪ ترين پيغامن کي به پٿر وانگر ٻڌندو آهي نه ڪي ان انسان وانگر جنهن کي خدا اهو عقل ڏنو آهي جيڪو ڳالهين جي گهرائي ڄاڻي وٺي ۽ کيس اها دل ڏني آهي جيڪا درد وچان تڙپي پوي.
خدا جي پاران ڪنهن پڪاريندڙ جو وجود ۾ اچڻ ڪنهن مشين تي وڄندڙ ريڪارڊ جو وجود ۾ اچڻ ناهي، اهو انساني روح ۾ هڪ اهڙي انقلاب جو برپا ٿيڻ آهي جنهن جي شدت آتش فشان پهاڙن کان به وڌيڪ سخت هوندي آهي، داعيءَ جو ڳالهائڻ، پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي ڪڍي اچڻ هوندو آهي. سندس لکڻيون پنهنجي رت کي مس بنائڻ کان پوءِ سرجبيون آهن، هن جا گيت ڇڙو گيت ناهن هوندا، بلڪ انساني روح ۾ هڪ خدا ئي آواز جو واڪو هوندا آهن، پر هن دنيا جو شايد اهو سڀ کان عجيب واقعو آهي ته اهڙا رباني ڪلمات به ماڻهوءَ کي متاثر نه ٿا ڪن. داعي پنهنجي پوري وجود سميت هن جي آڏو هڪ ننگو ڊيڄاريندڙ بڻجي ويندو آهي، ان جي باوجود هو انڌو ٻوڙو رهندو آهي، ماڻهوءَ جي آڏو جنت جون دريون کوليون وينديون آهن تڏهن به هو وجد ۾ ناهي ايندو. کيس ڀڙڪندڙ جهنم جو نقشو ڏيکاريو ويندو آهي تڏهن به مٿس گريو طاري ناهي ٿيندو. هن جي آڏو خود خدا اچي بيهندو آهي تڏهن به هو سجدو ناهي ڪندو، انسان کان وڌيڪ نازڪ مخلوق خدا ڪابه ناهي ٺاهي پر انسان کان وڌيڪ بي حسيءَ جو ثبوت به ڪوئي ناهي ڏيندو.

[b]حقيقت جي تلاش
[/b] مشهور سائنسدان گليليو (1564ع _ 1642ع) پنهنجي ايجاد ڪيل دوربين سان چنڊ جو صرف سامهون وارو رخ ڏسي سگهيو ٿي، پر اڄوڪو انسان خلائي جهاز ۾ لڳل دوربين ۽ ڪيميرائن جي مدد سان چنڊ جو پويون پاسو به پوري طرح ڏسي رهيو آهي. هيءُ هڪ سادو مثال آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪالهه ۽ اڄ ۾ علمي لحاظ کان ڪيترو فرق اچي چڪو آهي.
پر انهيءَ جديد معلومات تائين رسائي لاءِ تمام وڏو پئسو خرچ ٿئي ٿو. 10 آڪٽوبر 1980ع تي نيو ميڪسيڪو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دوربين نصب ڪئي وئي. ان جي قيمت 78 ملين ڊالر هئي. 1980ع ۾ زحل تائين پهچندڙ آمريڪي خلائي جهاز وائيجر جي لاڳت 340 ملين ڊالر هئي. يورپ ۾ ذراتي (Particle) فزڪس جي بين الاقوامي ليبارٽري (Cern) 1981ع ۾ مڪمل ٿي. ان جو مقصد اينٽي ميٽر کي ٽوڙي ميٽر ۾ تبديل ڪرڻ آهي. انهيءَ ليبارٽري تي 120 ملين ڊالر خرچ ٿيا آهن. انهيءَ اداري طرفان ان کان وڌيڪ وڏي تحقيقاتي مشين جي تياريءَ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي 550 ملين ڊالر خرچ ايندو. پروٽان جي تحقيق لاءِ آمريڪا ۾ هڪ مشين تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي لاڳت 275 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، وغيره.
پارٽيڪل فزڪس جي تحقيق ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو اندازو هِن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1927ع ۾ منعقد ٿيل فزڪس ڪانفرنس ۾ 32 سائنسدان شريڪ ٿيا هئا، جڏهن ته 1980 ۾ شريڪ ٿيندڙ سائنسدانن جو تعداد 800 هو. امريڪن فزيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 1920ع ۾ 1300 ۽ 1980ع ۾ 3000 تائين پهچي چڪو هو. اهڙين جديد تحقيقاتي ڪوششن جو تعلق فلڪيات ۽ پارٽيڪل فزڪس سان آهي. انهن علمن ۾ ٿيندڙ کوجنائن جا نتيجا تمام دير سان ظاهر ٿين ٿا. تقريباً 50 سالن کان پوءِ يا ان کان به دير سان. جيڪڏهن انهيءَ لحاظ کان سوچجي ته اهڙين تحقيقن تي خرچ ٿيندڙ رقم (جنهن تي ڪو وياج به ڪونه ٿو ملي) جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي رهي ٿي. ان طرح پنجاهه سالن کان پوءِ هڪ سؤ ڊالرن جي قيمت هڪ ڊالر جي برابر ٿي ويندي، ته پوءِ ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ ظاهري طرح بي فائدي نظر اچي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ڪيترائي معاشيات جا ماهر اهڙن منصوبن تي اعتراض ڪن ٿا. ان جي جواب ۾ آمريڪي پروفيسر راجر پنروز (Roger Penrose) چوي ٿو:
”ڇا معاشيات جا ماهر هن بي انداز خوشيءَ ۾ اسان سان گڏ نه آهن، جيڪا علم جي هر نئين واڌاري سان حاصل ٿئي ٿي؟ الائي ڇو کين اها ڳالهه ڄاڻڻ جو شوق نه ٿو پيدا ٿئي، ته اسان ڪٿان آيا آهيون؟ اسان جي پيدائش ڪيئن ٿي يا هن زمين تي اسان ڇو آهيون؟ ڇا منجهن معاشي فائدي کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه کي ڄاڻڻ جو جذبو پيدا نه ٿو ٿئي؟ ڇا کين نظرين جي خوبصورتيءَ جو ملهه سمجهه ۾ نٿو اچي؟ جڏهن ڪا تهذيب ڪائنات جي باري ۾ تحقيق کان رڪجي وڃي ٿي، ته اها ٻين شين جي باري ۾ کوجنا کي به روڪي ڇڏي ٿي. اهڙي طرح پارٽيڪل فزڪس کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي شيون پڻ موت جو کاڄ بڻجي وينديون.“
انهيءَ مٿئين بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ جو مسئلو ڪيترو نه اهم آهي. اهو انسان، جيڪو خدا جي حوالي سان ڪائنات جي تشريح نه ٿو ڪرڻ چاهي، سو به ڪنهن اهڙي شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي تاب آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي ۽ ڪائنات جي تشريح ڪري سگهي. دراصل نظر ايندڙ ڪائنات ۽ ان جي اندر انسان جهڙي هڪ مخلوق جو موجود هجڻ، ايتريقدر حيران ڪندڙ آهي، جو انسان ان جي اصليت جي باري ۾ سوچڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڪا به شيءِ کيس انهيءَ سوچ کان نه روڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا وڏي مادي ترقي کيس ان سوال کان بي نياز بڻائي سگهي ٿي.