تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هي پهريون موقعو آهي جو هڪ ڪتاب ۾ اڪيچار سائنسدانن- جيڪي سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ درجي جي مهارت رکن ٿا، پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي حوالي سان خاص طور تي خدا جي هستيءَ جي مسئلي تي باقاعده بحث ڪيو آهي. اها وک اميد ته انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي فائدي واري ثابت ٿيندي، جيڪي سطحي طور تي سائنس جي رعب ۾ ورتل هجڻ جي ڪري، خدا جي انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي وجود بابت شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته خدا کي مڃڻ هڪ غير سائنسي ڳالهه آهي! هن ڪتاب ۾ اهي ڏسندا ته وڏي کان وڏا سائنسدان بي وس ٿي ڪري الله پاڪ جي هستيءَ جو نه صرف اقرار ڪن ٿا، بلڪه نهايت مضبوط علمي ۽ عقلي دليلن ذريعي ان جو اهڙو ثبوت به ڏين ٿا، جهڙو ثبوت سائنس کان ڪنهن مٿانهين احساس ۽ ادراڪ واري شيءِ بابت ڏئي سگهجي ٿو.
Title Cover of book خدا ، سائنس ۽ فلسفو

ايمان ۽ سائنس ۾ هم آهنگي : وائن. يو. آلٽ (ماهر: زميني ڪيميا)

خدا تي ايمان ان جي راهه ۾ جدوجهد ڪرڻ کانسواءِ پختو ٿي نه ٿو سگهي. جڏهن ڪو ماڻهو، خدا جي هستيءَ جو اقرار ڪري وٺندو آهي ته، ان جو پنهنجن هم جنسن سان تعلق، زندگيءَ جي باري ۾ نقطئه نظر، مقصد، ارادا، آرزئون ۽ تمنائون، مطلب ته پوري جو پوري زندگي امالڪ بدلجي ويندي آهي.
جڏهن اسين ايمان جي علمي ڪارڻن تي بحث ڪندا آهيون ته ان مان اسان جو مقصد اهو هوندو آهي ته، سائنس تجربن ۽ مشاهدن مان نتيجا اخذ ڪرڻ جا جيڪي طريقا ٻڌايا آهن، انهن تي اعتماد ڪجي. جديد دور ۾، سائنس جو دائرهء ڪار وسيع کان وسيع تر ٿيندو پيو وڃي. پر خدا جي هستيءَ جو ثبوت، خالص سائنٽيفڪ بنيادن تي فراهم نه ٿو ڪري سگهجي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته: خدا، مادي ۽ توانائيءَ جو مجموعو ناهي. هو لامحدود آهي، جنهن ڪري محدود ذهن، ان جو ادراڪ نه ٿو ڪري سگهي. ساڳئي ريت، هو تجربن ۽ مشاهدن جي محدود دنيا ۾ به نه ٿو سمائجي سگهي. ايمان بالله نج هڪ داخلي ڪيفيت ٿيندي آهي جيڪا جيتوڻيڪ عقيدي جي صورت ۾ ظاهر آهي، ان جي لاءِ سائنٽيفڪ دليل فراهم ڪري سگهجن ٿا. علت اوليٰ جي شاهدي، خالق ڪائنات جي وجود کي ثابت ڪري ٿي. ايمان يا عقيدو، اهڙي ڪا اجنبي شيءِ ڪونهن جن کان انسان، قطعي نامانوس هجي. هر سائنسدان ان جو سهارو وٺندو آهي. انساني زندگي ايتري ته مختصر آهي جو اها پاڻ هر تجربو ڪري نه ٿي سگهي. گهڻو ڪري انسان ڪجهه تجربا ڪري قدرت جي انهن مظهرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيڪي بنيادي اهميت رکندا آهن ۽ باقي معاملن ۾ هو پنهنجي سائنسدانن تي اعتماد ڪندو آهي. انسان جيترو علم حاصل ڪيو آهي، اهو ماضيءَ جي تجربن جو نچوڙ آهي. ستارن ۽ سيارن جي ساخت ۽ ڪهڪشائن ۾ انهن جي جڳهن جو تعين ۽ انهن جو پاڻ ۾ فاصلن جو اندازو، اهو سڀ بالواسطه، تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي ئي ممڪن آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته هر هڪ فرد کي ان قسم جي گهڻين شين تي ايمان رکڻو ٿو پوي. پر اهو ايمان، فردن کان انڌي تقليد جو مطالبو نه ٿو ڪري، ان جي صحيح هجڻ کي آثار ۽ شاهدين سان چڱي طرح جاچي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
الله پاڪ، پنهنجي انبياءَ جي ذريعي پنهنجو پروگرام دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن جيڪي الهامي ڪتاب نازل فرمايا آهن انهن ۾ خدا ۽ انسان جي باهمي تعلق تي بحث ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسان کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته انسان جي ذهني ۽ جسماني ساخت ڪيئن آهي. کيس عالم ناسوت ۾ ڪهڙين حالتن جي ور چڙهڻو پوندو آهي. سندس ضرورتون ڪهڙيون آهن ۽ اهي ڪيئن ٿيون پوريون ڪري سگهجن؟ انجيل،• اهي سمورا معاملا نهايت عمدگيءَ سان بيان ڪيا آهن. خاص ڪري انجيل ۾ جيڪي اڳڪٿيون ٿيل آهن، انهن جي تاريخ مان به تائيد ٿي رهي آهي. مختلف وقتن ۾ انجيل (يا ڪنهن به آسماني ڪتاب) جي خلاف جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي، سو صحيح ثابت نه ٿيو آهي ۽ ان جو تجزيو ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيو آهي ته اعتراض ڪندڙ مقدس ڪتابن کي صحيح طرح سان سمجهي ئي نه سگهيا آهن.
جيئن عقيدو ۽ ايمان انساني زندگيءَ جي لاءِ ٻه لازمي شرط آهن، تيئن خدا جو صحيح تصور به انساني فلسفئه حيات جي لاءِ انتهائي ضروري ۽ اڻٽر آهي. انساني زندگيءَ جا کوڙ پاسا اهڙا آهن، جيڪي ادراڪ جي سرحد کان ماورا آهن، جو حقيقت ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکن ٿا. دنيا ۾ بي شمار ماڻهو اهڙا به گذريا آهن، جيڪي ذهين ۽ سمجهدار هجڻ کان علاوه، معاشري ۾ وڏي رتبي وارا به هيا. انهن خدا ۽ بندي جي تعلق جي پوري پوري شاهدي ڏني آهي ۽ پنهنجن ذاتي تجربن جي آڌار عبادت ۽ دعائن جا اثر بيان ڪيا اٿائون. انسان جي نفسياتي، جذباتي ۽ روحاني ضرورتن جي لاءِ ايمان وڏي اهميت رکي ٿو.
کوڙ اهڙا ماڻهو، جيڪي سائنسي نقطئه نظر رکڻ جي دعويٰ ڪندڙ آهن، اهي پنهنجو پاڻ کي مافوق الطبيعي حقيقتون تسليم ڪرڻ تي آماده نه ٿا ڏسن، پر پنهنجين وڏين دعوائن جي باوجود، قدرت جي بي شمار مظهرن جي نه ئي ڪا سائنسي توجيهه ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي وري ان جو ڪو ادراڪ رکن ٿا. جڏهن اسين قدرت جي ڪنهن مظهر کي سائنسي قرار ڏيون ٿا ته ان جو مطلب آهي ته، ان جي عمل ۾ هم آهنگي ڏسجي ٿي. ان کي محض اتفاق سان پيدا ٿيڻ جو نتيجو ٻڌائي ڇڏڻ سان مسئلو حل نه ٿو ٿئي.
اچو ته هاڻي ٿورو توجيهات جو به جائزو وٺون. ان سلسلي ۾ اهو سوال ڪري سگهجي ٿو ته ڇا اهو اتفاق آهي، يا منصوبه بندي، جيڪا ”راڊر“ جي ايجاد ۽ بناوٽ جي ذميوار آهي؟ ڇا، چمڙي جي تخليق محض اتفاقي حادثو آهي؟ اهو چمڙو، جيڪو متوازن راڊر جي حيثيت رکي ٿو؟!
قدرت جا بي شمار مظهر اهڙا آهن، جن جو مقصد انسان جي ذهن ۾ تڏهن اچي سگهي ٿو، جڏهن هو خدا جي هستيءَ جو اقرار ڪري. هن وسيع فضا ۾ ڪيڏا ستارا ۽ سيارا معلق آهن؟ مادو ڪيڏن ننڍڙن ننڍڙن ذرڙن ۾ ورهائجي ٿو؟ آڱر جو هڪ نشان ٻئي سان نه ٿو ملي. پان جو هڪ پتو ٻئي پتي کان الڳ آهي ۽ انسان کي باقي مخلوقات تي ظاهري فوقيت حاصل آهي ئي.
اسين پوين صفحن ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ته خدا جي وجود جو اقرار، گهڻو ڪري عقيدي جو معاملو آهي، پر اهو ايمان انسان جي مزاج جي عين مطابق آهي ۽ ان جي فطرت ۾ داخل آهي. ايمان، انڌي تقليد ناهي. ان جو بنياد، عقل ۽ تجربي تي رکيو ويو آهي ۽ کوڙ اهڙا شخص گذري چڪا آهن، جن خدا پاڪ سان براهه راست تعلق پيدا ڪيو آهي.
****
_______
• مضمون نگار، ڇاڪاڻ ته عيسائي آهي-تنهنڪري هن صرف انجيل مقدس جو حوالو ڏنو آهي. ڪاش! هو، ان نقطئه نظر کان قرآن حڪيم جو مطالعو به ڪري ها ته، کيس پتو پئجي ها ته قرآن پاڪ، ڪيڏي نه بهتر ۽ جامع انداز ۽ اسلوب سان دنيا ۽ آخرت جا مادي ۽ روحاني مسئلا سلجهائي بيان ڪيا آهن؛ ان ۾ انفراديت کان وٺي اجتماعيت جي قومي ۽ سياسي مسئلن بابت ڪيڏي نه شاندار رهنمائي ٿيل آهي!(سنڌيڪار)