تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هي پهريون موقعو آهي جو هڪ ڪتاب ۾ اڪيچار سائنسدانن- جيڪي سائنس جي مختلف شعبن ۾ اعليٰ درجي جي مهارت رکن ٿا، پنهنجي پنهنجي علم ۽ فن جي حوالي سان خاص طور تي خدا جي هستيءَ جي مسئلي تي باقاعده بحث ڪيو آهي. اها وک اميد ته انهن ماڻهن جي لاءِ وڏي فائدي واري ثابت ٿيندي، جيڪي سطحي طور تي سائنس جي رعب ۾ ورتل هجڻ جي ڪري، خدا جي انڪار يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي وجود بابت شڪ ۾ مبتلا آهن ۽ ان غلط فهميءَ ۾ پئجي ويا آهن ته خدا کي مڃڻ هڪ غير سائنسي ڳالهه آهي! هن ڪتاب ۾ اهي ڏسندا ته وڏي کان وڏا سائنسدان بي وس ٿي ڪري الله پاڪ جي هستيءَ جو نه صرف اقرار ڪن ٿا، بلڪه نهايت مضبوط علمي ۽ عقلي دليلن ذريعي ان جو اهڙو ثبوت به ڏين ٿا، جهڙو ثبوت سائنس کان ڪنهن مٿانهين احساس ۽ ادراڪ واري شيءِ بابت ڏئي سگهجي ٿو.
Title Cover of book خدا ، سائنس ۽ فلسفو

هڪ اڻٽر فيصلو : جان ليوي لينڊ (پي. ايڇ. ڊي، ماهرِ رياضيدان)

دنيا جي مشهور ماهرينِ طبيعيات منجهان هڪ ممتاز شخصيت ”لارڊ ڪايون“ جو هڪ وڏو معرڪته الآراء قول آهي ته: ”توهين جيترو وڌيڪ غور فڪر کان ڪم وٺندؤ، اوتروئي سائنس توهان کي خدا کي مڃڻ تي مجبور ڪندي.“ مون کي ان قول سان سئو سيڪڙو اتفاق آهي.
هن ڪائنات جي باري ۾ بحيثيت مجموعي، اسان جي جيڪا به معلومات آهي، ان تي جيڪڏهن علم و عقل جي روشنيءَ ۾ غور ڪيو وڃي ته، اها ڳالهه سامهون ٿي اچي ته اها ٽن وڏين حقيقتن تي مشتمل آهي. اهي آهن؛ ”مادو، عقل-ادراڪ ۽ روح.“
علم ڪيميا جو انهيءَ معلومات ۾ محدود حصو آهي. ڇو جو سائنس جي ٻين علمن کي به ان مباحثي ۾ نمائندگي حاصل هوندي آهي. علم ڪيميا، بلڪل غير روحاني ۽ خالص مادي علم آهي. ڇو جو اهو بنيادي طور تي مادي جي ترڪيب ۽ ان ترڪيب ۾ واضح ٿيندڙ مختلف تبديلين سان گڏ توانائيءَ ۾ ڪمي بيشي ۽ مادي توانائيءَ جو هڪ ٻئي ۾ تبديل ٿي سگهڻ تي بحث ڪندو آهي. ظاهر آهي ته پوءِ ان سان ڪائنات جي سڀ کان وڏي غيرمادي ۽ روحاني وجود خدا جي لاءِ، جنهن جي حيثيت هن ڪائنات جي خالق ۽ ناظم جي هجي، ڪهڙي ڪارڻ ڪي دليل ۽ شاهديون فراهم ٿي سگهن ٿيون؟ ۽ ان علم جي ذريعي ڪهڙيءَ طرح ممڪن آهي ته ان تصور کي ٺڪرائي سگهجي ته، هن ڪائنات جو وجود ڪنهن اتفاقي حادثي جي طفيل آهي ۽ هتي ظاهر ٿيندڙ سمورا تغيرات بنا ارادي ۽ بنا ڪنهن نظم ۽ ترتيب جي محض اتفاق جو ئي ڪرشمو هونداآهن.
گذريل صديءَ ۾ علم ڪيميا سميت مڙني طبيعي علمن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي، ان جو بنياد ئي مادي ۽ توانائيءَ جي ان مطالعي ۽ تحقيق تي آهي. جتي سائنٽيفڪ طريقن جو تعلق آهي، ان ۾ هر ممڪن طريقي سان اها ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته، انهن تجربن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن ۾ اتفاقن جو ڪوئي امڪان باقي رهڻ نه ڏنو وڃي. ان مطالعي مان لاڳيتو حقيقت سامهون آئي آهي ۽ اچي رهي آهي ته، جامد ۽ بي شعور مادي جو عمل به ڪنهن نظم ۽ ترتيب کانسواءِ ممڪن ڪونهي ۽ چند متعين قوانينِ فطرت جو پابند آهي. ايئن ٿيندو آهي ته هڪ فطرت جي ضابطي جو علم ۽ يقين، مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي گهڻو اڳ حاصل ٿي ويندو آهي ۽ ان جي جواز ۾ سببن ۽ علتن ۽ ان جي عمل جي تفصيلن جو بعد ۾ پتو پوندو آهي. پر فطرت جي ڪنهن ضابطي جي باري ۾ هڪ ڀيرو ڪيميا جي ماهرن کي اهو پتو پئجي وڃي ته هو ڪهڙين حالتن ۽ ان تحت ڪم ڪندي آهي ته، انهن کي بنا جهجهڪ جي يقين ٿي ويندو آهي ته هاڻي جتي به اهي حالتون ۽ ڪارڻ ڏٺا ويندا، انهن تي لازماً فطري ضابطو لاڳو ٿيندو. ان جو اهوئي عملي طريقو ٿيندو. ان مان اهي نتيجا ظاهر ٿيندا جن جا هو پهريان ئي تجربا ۽ مشاهدا ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن مادي ۽ توانائيءَ جي عمل ۾ ڪو نظم ۽ رابطو نه هجي ها ۽ مادي ۽ توانائيءَ جي هن جهان ۾ محض اتفاقن جي حڪمراني هجي ها ته، ڪيميا جا ماهر ڪنهن به ايتري يقين سان اهو نه چئي سگهن ها ته فلاڻين حالتن ۾، فلاڻي عمل جي طريقي سان، فلاڻو نتيجو پڌرو ٿيندو ۽ جڏهن ڪنهن فطرت جي ضابطي جي باري ۾ اهي تفصيل به معلوم ٿي وڃن ٿا ته، ان جي علتِ وجود ۽ ان جو طريقئه عمل ڇا آهي، ان کان پوءِ ته جهڙوڪر ان ڳالهه جو ڪو پري جو امڪان به باقي نه رهندو ته: هيءَ ڪائنات، اتفاقن جو ڪرشمو آهي.
هاڻي کان سئو سال پهريان هڪ جيد روسي ماهرِ ڪيميا ”منڊ ليجن“ مختلف ڪيميائي عضون کي جوهري قدر ۽ قيمت جي لحاط کان ترتيب ڏنو هيو. ان ترتيب ۾ پوءِ ڪجهه ترميمون ۽ اضافا به ڪيا ويا. پر ڇا عقل باور ڪري سگهي ٿو ته، اهڙن عنصرن کي، جيڪي هڪجهڙين خاصيتن وارا آهن، پر مقرر وقتن ۾ ظاهر ٿي پوڻ هڪ اتفاقي حادثو هوندو آهي؟ جيڪڏهن ڪوئي ايئن سمجهي ٿو ته اهڙا سمورا عنصر جن جي وجود جي اڳڪٿي هو ڪري چڪو هيو، انهن جو ان اڳڪٿيءَ کانپوءِ دريافت ٿيڻ ۽ منجهن جيئن جو تيئن اهي ئي خاصيتون لهڻ ان طرح جي مڙني شبهن جو ازالو ڪري ڇڏي ٿو، پر ان جي ان عموميت ۽ جنس کي دوري اتفاق (Peplooehanee) ڪڏهن به قرار نه ڏنو ويو. بلڪه ان کي دوري ضابطو (Pepiodic law) چيو ويندو آهي. وري ان حقيقت کي وٺو ته عنصر ”الف“ جا ذرڙا، جيڪڏهن عنصر ”ب“ جي ذرڙن سان ملندا آهن ته امالڪ هڪ خاص رد عمل ٿيندو آهي. پر اهي ئي ذرڙا جيڪڏهن عنصر ”ج“ جي ذرڙن سان ملندا آهن ته انهن جو ڪوئي ردعمل ظاهر نه ٿيندو آهي. ڇا هن دور جي سائنسدانن، انهن کي محض اتفاقي ڪرشمو قرار ڏنو آهي؟ نه، بلڪه انهن ان جي اها توجيهه پيش ڪئي ته عنصر ”الف“ ۽ عنصر ”ب“ جي سمورن ذرڙن ۾ ڪو اهڙو تعلق ۽ مناسبت ۽ اهڙي قوت آهي، جيڪا انهن جي ملڻ سان ئي هڪ خاص ردعمل پيدا ڪندي آهي، پر اها مناسبت ۽ اهو قوت جو عنصر ”ج“ جي ذرڙن ۾ يا ته موجود ڪونهي يا آهي ته بنهه معمولي آهي.
کين اهو به معلوم نه هيو ته ڪلراٺي مزاج رکندڙ ڌاتن جي ذرڙن جو ڪيميائي ردعمل، پاڻيءَ ۾ جوهري قدر ۽ قيمت جي مناسبت سان وڌندو آهي. پر فلورين، ڪلورين، برومائن ۽ آيوڊين سان تعلق رکندڙ مختلف ڌاتن جي ذرڙن جي ردعمل جو معاملو ان جي برعڪس هوندو آهي. ڪنهن کي به پتو نه هيو ته ايئن ڇو ٿيندو آهي، پر ڪنهن به، نه ته عمل جي ان اختلاف کي اتفاقي ڳالهه قرار ڏنو نه ئي ڪنهن اهو چيو ته ڳچ ڏينهن کانپوءِ سمورن قسمن جي ذرڙن جو هڪجهڙو ردعمل به ٿي سگهي ٿو؛ يا اهو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ منڍؤن ڪو ردعمل ٿيندو ئي ڪو نه، يا اهو ته جيڪڏهن ردعمل ٿيندو ته بي تڪي ۽ اڻ گهڙيي طريقي سان، ڪڏهن ڪجهه ته ڪڏهن ڪجهه ٿيڻ لڳندو.
ذرڙن جي ترڪيب جي دريافت سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪيميائي عمل جا مختلف مثال، فطرت جي مقرر قانونن جا مظهر آهن. انهن ۾ محض اتفاق ۽ بدنظمي ۽ بي تُڪائپ کي دخل ڪونهي. غور ڪجي ته 102 ڪيميائي عنصرن ۾ ڪيڏا عجيب اختلاف ۽ ڪيڏيون انوکيون هڪجهڙايون ۽ مناسبتون لڀن ٿيون. ڪي رنگين آهن ته ڪي بنهه بي رنگ! ڪجهه اهڙيون گيسون آهن، جيڪي نه ڪي پٽڙيون ٿي محلول ٿي سگهن ٿيون ۽ نه انهن کي ڪنهن مادي جي شڪل ۾ بدلائي سگهجي ٿو. ڪجهه عنصر، پهرين ئي پٽڙي مادي جي صورت ۾ هوندا آهن ۽ ڪجهه اهڙا سخت ۽ ٺوس مادي جي شڪل ۾ هوندا آهن جو انهن کي بخارات يا محلول جي شڪل ۾ تبديل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. وري ٺوس هجڻ جي صورت ۾ به ڪجهه بنهه نرم هوندا آهن ۽ ڪجهه نهايت سخت. ڪجهه بنهه هلڪا ڦلڪا هوندا آهن ۽ ڪجهه نهايت وزني. ڪجهه برقي اثرن کي نهايت عمدگيءَ سان جذب ڪري سگهندا آهن، ڪجهه مورؤن برقي اثرن کان متاثر ئي نه ٿيندا آهن. ڪن ۾ مقناطيسي ڪشش هوندي آهي، ڪن ۾ نه هوندي آهي. ڪن ۾، اثر قبول ڪرڻ جي غير معمولي صلاحيت هوندي آهي. مگر ڪجهه مورؤن ڪو اثر قبول ئي نه ڪندا آهن. ڪجهه عنصر تيزابيت پيدا ڪندا آهن ۽ ڪجهه ڪلر ۽ لوڻ. ڪي عنصر برابر قائم رهندا آهن، پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي اک ڇنڀ ۾ فنا ٿي ويندا آهن. ان سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اهي سڀ جو سڀ مٿي ذڪر ڪيل دوري ضابطي جا پابند آهن.
وري ان سموري مانڊاڻ ۽ اختلاف جي باوجود انهن سمورن 102 ڪيميائي عنصرن جو هر ذرو برابري طور تي ٽن قسمن جي برقي جزن تي مشتمل هوندو آهي. پروٽان (مثبت) اليڪٽران (منفي) ۽ نيوٽران، بظاهر هڪ مثبت ۽ منفي جز جي اشتراڪ سان وجود ۾ ايندوآهي. هر ذري ۾ پروٽان ۽ نيوٽران، مرڪزي حيثيت رکندا آهن ۽ سمورا اليڪٽران جيڪي تعداد ۾ پروٽان جي برابر هوندا آهن، پنهنجن پنهنجن محورن تي گردش ڪندي، ان مرڪز جي چوڌاري الڳ الڳ، نسبتاً ڪافي فاصلو ڏئي ڪري مختلف مدارن تي چڪر ڪاٽيندا آهن. انهن جو اهو نظام ننڍي پئماني تي نظام شمسيءَ جو سڻڀ لڳندو آهي ۽ جهڙيءَ ريت، شمسي نظام ۾ مختلف سيارن ۽ سج جي درميان عظيم خلا آهي، اهڙيءَ طرح هر ذري ۾ به هڪ وڏو حصو خلا تي مشتمل هوندو آهي. ڀلي ظاهر ۾ اهو باور نه ڪري سگهجي ته هڪ اڪيلي ذري ۾ اهي عجائبات لڪل ٿي سگهن ٿا، پر نه صرف اهو ته اها حقيقت آهي، بلڪه ان کان اڳتي وڌي ڪري هر ڪيميائي عنصر جي ذرڙن ۾ فرق جو ڪارڻ، مرڪز ۾ پروٽانز ۽ نيوٽرانز جي تعداد ۽ ان مرڪز جي چڪر لڳائڻ وارن اليڪٽرانز جي تعداد ۽ ان ترتيب جو اختلاف هوندو آهي. يعني لکين قسمن جا ماپا، چاهي اهي جزن جي شڪل ۾ هجن يا مرڪب هجن، سڀ بنيادي طور تي ٽن قسمن جي برقي ذرڙن جي طفيل آهن. پنهنجيءَ جاءِ تي برقي قوت جا مختلف مظهر آهن ۽ ان برقي قوت جو بڻ بنياد ۽ ان جو سرچشمو توانائي آهي.
هاڻي مادي کي ان حيثيت سان وٺو ته اهو ماليڪيولن ۽ ذرڙن جو مجموعو آهي. خود ماليڪيول ۽ ذرڙا ان جي ترڪيبي پروٽان، اليڪٽران ۽ نيوٽران، بجليءَ جي قوت به پنهنجي پنهنجي دائري ۾ مقرر ضابطن جا پابند نظر ايندا آهن ۽ انهن جي عمل ۾ ڪٿي اتفاق ۽ حادثا ڪارفرما نه لڳندا آهن. نظم ۽ ترتيب جو ان کان بهتر ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته ڪيميائي عنصر نمبر 101 جي سڃاڻ ۽ فرق ان جي محض ذرڙن جي مطالعي سان ڪيو ويو. اهو ان حقيقت جو هڪ ناقابل ترديد ثبوت آهي ته رنگ و بو جو هي جهان هڪ سوچيل سمجهيل نظام ۽ هڪ مقرر نقشي جي مطابق هلي رهيو آهي. ان ۾ انتشار ۽ لامرڪزيت ناهي. هتي هر شيءِ جي لاءِ قانون ۽ ضابطا مقرر آهن ۽ قدرت جي هن ڪارخاني کي حادثا ۽ اتفاق نه ٿا هلائن.
هاڻي ان ڳالهه کي وٺو ته، جيڪڏهن هي مادي جهان ازخود وجود ۾ نه ٿو اچي سگهي ۽ جيڪڏهن ان وجود کي برقرار رکڻ لاءِ اهڙا همه گير ۽ دائمي ضابطا ۽ قانون به ازخود جڙي نه ٿا سگهن ته پوءِ، اهو ڪارنامو يقيناً ڪنهن غير مادي وجود ۽ هستيءَ انجام ڏنو آهي.
ڪائنات جي قسمين قسمين رنگا رنگي ۽ ان جو حيرت انگيز جامع نظام اهو ٿو ٻڌائي ته، اها هستي فهم ۽ ادراڪ جي اعليٰ ترين قوت جي مالڪ آهي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ عقل قرار ڏئي سگهجي ٿو. پر هن مادي جهان ۾ عقل کي ڪتب آڻڻ جي لاءِ ارادي جي ضرورت پوندي. ارادي ۽ عقل جو اهو اشتراڪ ڪنهن ذات ۽ ڪنهن هستيءَ کانسواءِ قطعاً قابل فهم ناهي. مطلب ته ان سموري بحث مان هڪ منطقي ۽ ناقابل انڪار حقيقت جي حيثيت سان، هي ڳالهيون ٿيون سامهون اچن ته، نه صرف اهو ته هن ڪائنات کي ڪنهن تخليق ڪيو آهي. بلڪه ان جي تخليق هڪ منصوبي ۽ هڪ نظام جي مطابق ٿي آهي ۽ هڪ اهڙي ذات جي ارادي ۽ اختيار هن منصوبي کي جوڙيو آهي ۽ ان کي عملي جامو اوڍايو آهي، جيڪو عقلِ ڪل جو مالڪ آهي، عليم ۽ ڪليم آهي، قادر مطلق آهي. هن ڪائنات جي نطم ۽ ضبط کي قائم ۽ دائم رکي سگهي ٿو. حاضر ۽ ناظم آهي ۽ هر جاءِ تي هر وقت موجود آهي ۽ هر شيءِ تي نگران آهي. يعني اسان اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آهيون ته خدا آهي.
لارڊ ڪيلون جي دور کان پوءِ اڄ تائين جيڪي سائنسدان پيدا ٿيا آهن، انهن جي نظرين جي بنياد تي، اڄ سندس قول تهائين وڌيڪ وزني ۽ حقيقت تي منبي پيو نطر اچي ته: ”جيڪڏهن توهين غور فڪر کان ڪم وٺو ته سائنس توهان کي اهو مڃڻ تي مجبور ڪندي ته: ”خدا آهي.“
****