مهاڳ؛ سرمد کوسي جي ساڃاهه ونديءَ کي جَسُ
ائين سنڌ جي ادب جي تاريخ جو قديم زمانن کان موجوده وقت جي ڪيل سفر جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺنداسين ته، هر دور جون سماجي حالتون اسان اڳيان عيان ٿي بيهنديون. جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ ۽ ڊگھي رستي کان ڪَٽُ هڻي ۽ موڙ مَٽي اسان موجوده دور ۽ ان جي ويجھي ماضيءَ تي پنهنجي توجه مرڪوز ڪري سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي اڄ جي سڄاڻ اديب ۽ تجزيي نگار سرمد کوسي جي اکين واري سمجھ ۽ علمي اڪير سان ترتيب ڏنل هن ڪتاب کي اڻ ڌريو ٿي ڏسنداسين ۽ ان مان پروڙ جا پنڌ تلاش ڪنداسين، ته خبر پوندي ته اسانجي اديبن، شاعرن ۽ عالمن تاريخ جي ڦيٿي کي پنهنجي علم ۽ عقل جي طاقت سان اڳتي وڌائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي.
هي ڪتاب، جيڪو سرمد کوسي جي تازو ئي ڇپيل سنڌي ڪتابن تي مختلف وقتن تي محبت پائي مَنَ ۾ ڪيل تبصرن تي مشمل آهي، ان جي هڪ هڪ سِٽَ ۽ ورق ورق ۾ هن جي ذهين هجڻ جو عڪس نمايان آهي. هن هي تبصرا آڱر ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نه ڪيا آهن، پر ان ذميواريءَ کي پنهنجي ذهن تي انتهائي سنجيدگيءَ سان سوار ڪري ڪيا آهن، ته جيئن هلندڙ وقت جي ماڻهن /پڙهندڙن آڏو اها ڳالهه روز روشن ٿي بيهي ته اسانجا قلمڪار ڪنهن به ريت دنيا جي قلمڪارن جي سٿ کان هر حساب ۽ ڪٿ ۾ پوئتي بيٺل نه آهن.
اسانجي ادبي دنيا جي نئين متعارف ڪرايل رواج موجب تنقيد جا ڪجھ ڪتاب پڙهي، پاڻ کي ”عقل ڪل“ يا ڪوئي وانگر هريڙ لهي ”پساري“ سمجھي جيئن ڪجھ فرد تعصب جي عينڪ پائي نئين سِرجيل ۽ سِرجندڙ ادب جي جهان کي خواريءَ جو کارو بڻائڻ جي مهم ۾ سندرا تاڻي ميدان ۾ لٿل آهن، سرمد کوسي انهن جيان مَکِ (جيڪا سٺن کاڌن ۽ شين کي به گند سمجھي انهن تي ويهڻ واري پنهنجي فطرت کان مجبور هوندي آهي ۽ گندو ڪرڻ هر صورت ۾ ضروري سمجھندي آهي) بڻجڻ بجاءَ پاڻ کي مَکو بڻائڻ جو فرض نڀائڻ ضروري سمجھيو آهي، جيڪو فطري طور ماکيءَ جي ماناري کي ئي پنهنجو گھر ڪري ويهي حياتيءَ جي سفر کي پاڻ ته سڦلائتو بڻائيندو آهي، پر ٻين کي به مٺاڻ جو فيض آڇڻ کان پري ٿي بيهڻ واري غفلت جو دڳ ڪڏهن به ناهي وٺندو.
ڪتاب جي ترتيب موجب پهريون تبصرو ”ٻارن لاءِ نئين دور جي شاعري“ جي سِري سان پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. جيڪو ياسر قاضيءَ جي ٻارن جي لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ٽئين ڪتاب ”لولو ڏنو ڪانوَ کي“ تي آهي. جنهن جي شروعات سرمد کوسو هنن لفظن سان ڪري ٿو ته،”ٻار، جيڪي هر قوم جو سرمايو ۽ معصوم مستقبل هوندا آهن، انهن جي تربيت ايتري اهم ۽ حساس آهي، جيتري گلن جي آبياري ڪرڻ.“
اڳتي هو لکي ٿو ته،”اسان وٽ جيڪو لکيو وڃي ٿو، ان ۾ وري ٻارن لاءِ يا ٻارن تي تمام گھٽ لکيو ٿو وڃي. جيڪا افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي.“
ان ڏک ۽ افسوس جي اظهار مان ليکڪ پنهنجي روشن خياليءَ جو پهريون نقطو بيان ڪري ٿو ۽ ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ کي احساس ڏياري ٿو، ته اهي پنهنجي قوم جي ان قيمتي سرمايي لاءِ وقت ڪڍن ۽ کين پنهنجي لکڻين جي صورت ۾ سندن معصوم ذهنن جي آبياري لازمي طور ڪن. جنهن سان نه صرف ادب جي تاريخي تسلسل کي دوام حاصل ٿيندو، پر انهن ٻارن مان مستقبل جا وڏا اديب ۽ شاعر پيدا ٿيڻ جا امڪان پڻ روشن ٿيڻ اڻٽر بڻبا. ڇاڪاڻ جو اسانجا ٻارَ نڌڻڪائيءَ جو شڪار بڻيل آهن، جن ۾ نِجُ پِجُ ادبي اوسر لاءِ ماضيءَ جيان نه ته غير سياسي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ يا ”ٻارن جي ٻاري“ جهڙيون تنظيمون آهن، نه سياسي پارٽين جون ”سجاڳ ٻارڙا سنگت“ ۽ ”ساٿي ٻارڙا سنگت“
اها ذميواري ”سنڌي ادبي سنگت“ به پاڻ تي ڪونه پئي کڻي، نه ڪا ٻي سماجي تنظيم. انڪري مستقبل جا اياز گل، ادل سومرا، مختيار ملڪ وغيره ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح پيدا ٿيندا، اهو موجوده وقت جو هڪ وڏو سوال آهي. جنهن جي جواب لاءِ اسان جي ساڃاهه وندن کي ضرور سنجيده ٿي سرگرمي اختيار ڪرڻ گھرجي.
موٽي اچون ٿا وري به ياسر قاضيءَ جي ڪتاب تي ڪيل تبصري تي، ته ان ۾ سرمد کوسي ياسر قاضيءَ جي ٻي شاعريءَ سان گڏ انهن ٻن دعايه شعرن جي خاص طور نيڪي ڪئي آهي، جن مان هڪڙي ”علم“ لاءِ آهي ته، ”علم جو رستو وٺائج اي خدا!“
۽ ٻي ماءُ لاءِ ته،” تنهنجو پاڇو سِرَ تي قائم رهي،
مامتا جو مرتبو دائم رهي...“
ٻيو تبصرو ”هڪ منفرد ناول“ جي عنوان سان اڪبر سومري جي لکيل ناول ”کماچ“ تي ڪيل آهي. جنهن ۾ سرمد کوسي بيحد ئي خوبصورت انداز ۾ ناول مان ڪهاڻيءَ جي تسلسل واريون خاص سِٽون کڻي ۽ ڪڍي ڪمال ڪاريگري ۽ ترتيب سان تبصري اندر سمائي ۽ پيش ڪري جن ماڻهن ناول نه پڙهيو آهي، انهن کي ڏهن ئي آڱرين جو زور ڏئي ”ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ کي بند ڪري“ هرکايو آهي ۽ منجھن اها اڃ ڀرپور طريقي سان پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي ته اهي ناول پڙهي پنهنجي تاس ضرور مِٽائن. ڇو ته سنڌي ناولن جي جهانَ ۾ هي واقعي به هڪ اهم ۽ منفرد ناول آهي. جنهن کي پڙهڻ کانسواءِ اسانجي ناولن جي تاريخ جو مطالعو اڻپورو هوندو.
ٽيون تبصرو شميم مريءَ جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ميران جوڳڻ“ بابت آهي.
هن تبصري ۾ ليکڪ ڄاڻايو آهي ته، شميم مريءَ جي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۾ عورت جي ڪردار جا مختلف روپ پيش ڪيا ويا آهن. جن ۾ نه صرف ان تي ٿيندڙ ظلمن کي وائکو ڪيو ويو آهي، پر احتجاج کي به رقم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جاگيرداري سماج جي اوڻاين تي نظر کي مرڪوز ڪندي ان کان نفرت جو اظهار به ڪيل آهي. ٻئي طرف عورت جو عورت مٿان ڪيل بي رحماڻو سلوڪ به منظر ۾ آڻي ۽ ان جي نندا ڪري ليکڪا پنهنجي روشن خياليءَ جي سوچ کي عيان ڪيو آهي.
انتهائي مختصر لفظن ۾ هن ڪتاب جو سرمد کوسي شميم مريءَ جي سمورين ڪهاڻين جو اهڙي منفرد انداز ۾ جائزو ورتو آهي، جو پڙهندڙ ليکڪه جي قلمي سفر کان با آساني واقفيت حاصل ڪري وٺي ٿو ۽ منجھس ان ڪتاب کي پڙهڻ جو چاههُ وڏي پيماني تي پيدا ٿئي ٿو.
”ننڍڙو چنڊ“ نالي سان انور ابڙي جي ٻارن لاءِ لکيل ناول جو مفصل جائزو وٺندي سرمد کوسي ڄاڻايو آهي، ته هن ناول ۾ ڄمڻ کان ويندي اسڪول ۾ پڙهڻ تائين ”عنيق“ نالي ٻارڙي جي سوانح عمري لکي وئي آهي. جنهن ۾ ٻار جي تربيت تي خاص توجه مرڪوز ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ڪيل معصوم حرڪتن کان ويندي ڪيل سوالن ۽ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ تائين جي سموري ڪارگذاريءَ کي فوڪس ڪندي کيس سماجي، سائنسي، فطرت جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي حسناڪين، ماڳن مڪانن، درياهه، درگاهن ۽ مهذب رَوَئِين جي اپنائڻ جو درس ڏئي، ڄڻ ته هر اولادي ماڻهوءَ کي هڪ اهڙو گس ڏيکاريو ويو آهي، ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ٻارڙن جي ذهني اوسر لاءِ ان تي پنهنجي شعور جي پيرن جي پنڌ کي لازمي بڻائيندا ته يقينن انهن جو اولاد موجوده صديءَ جي تقاضائن موجب هڪ بهتر انسان ٿي دنيا ۾ پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪندو، پر ٻين لاءِ به مثال بڻجي نئين سماج جي اڏاوت جو خاص محرڪ بڻبو.
ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ سرمد کوسي ”سائنس فڪشن واريون ڪهاڻيون“، ”وقت بيهي نٿو“، ”چوڌاري چمڪاٽ“، ”سئو لفظ سئو ڪهاڻيون“، ”مند بنا موتيا“، ”سامين سمر سور“، ”چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون“، ”منهنجي من اندر جون ڳالهيون“، ”دنيا کان اڳتي“، ”گلن ۾ گلابي شهنشاهه ”گل“، ”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“، ”ايڪيهين صديءَ جو ادب“، ”سنڌ شناسي“، ”ڊسٽ بن“، ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو“، ”قيد ڪشالا زندگي“، ”دارون ۽ ڪارون“،”تاريخي ۽ ادبي حوالي سان اهم ڪتاب“، ”سنڌي سماج جا مختلف پاسا سمجھائيندڙ ڪتاب“، ”همسري جي چوٿين سالگرهه“، ”قلم جي وارثن کي پيار مان ڀيٽا“، ”مهراڻ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر)“، ”جان جيئان تان پاڙيان“، ”سپيريان جي ڳالهڙي“، ”عني ۽ مائو“، ”انور پيرزادي جون ڪهاڻيون“، ”محمد علي پٺاڻ جون ڪهاڻيون“، ”هڪ بهترين نقاد“ ۽ ”هنج نه آيا هيل“ ۽ ڪجهه ٻين عنوانن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل اهم ڪتابن تي هڪ انتهائي سڄاڻ پڙهندڙ جي حيثيت سان جيڪي تبصرا ڪيا آهن، سي اسانجي موجوده دور جي ادبي تاريخ جي نئين دري کولي وقت جي محققن ۽ نقادن کي پنهنجا ڪنڌ ۽ اکيون ڦيرائي، ان ۾ جھاتي پائي تمام ڳوڙهي ۽ چيڙهيالي نظر وجھي غور فڪر جي ڀرپور دعوت ڏين ٿا. جنهن لاءِ سندس جستجو ۽ ساڃاهه ونديءَ کي جَسُ ڏيڻ واري فرض ادائگيءَ کان غفلت اختيار ڪرڻ سج کي تِريءَ هيٺان لڪائڻ برابر ڀاسي ٿو.
محمد علي پٺاڻ
28 ڊسمبر 2020ع