مختلف موضوع

سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

سرمد کوسو موجود سماج جو ماڻھو آهي، هو هلندڙ سياسي صورتِحال تي بہ گَھري نظر رکي ٿو تہ، ملڪي معاملا بہ ڄاڻ ۾ اٿس، بين الاقوامي معاملا بہ سمجهي ٿو تہ سنڌ جو ڪلچر بہ سمجهي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي اسان جي ماحول جي آهي. مختلف ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس سھيڙي انهن کي ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

ڪتاب: ”دنيا کان اڳتي“ تي ھڪ نظر

جيئن ھر شخص ڪھاڻي آ، تيئن ھر ھڪ لمحو، ھر ھڪ درد، ھر ھڪ ٽھڪ، ھر ھڪ خوشي، ھر ھڪ غمي، ھر ھڪ معصوميت، ھر ھڪ ادا، ھر ھڪ اميد، ھر ھڪ آھ، ھر ھڪ دانهن سميت دنيا جي ھر ونھوار ۾ ڪا نه ڪا ڪھاڻي سمايل آھي. عام ماڻھو شايد انھن لڪل ڪھاڻين کي محسوس نه ڪري سگھي پر ھڪ حساس ليکڪ دنيا جي ھر ھڪ لمحي کي حساسيت سان نه رڳو محسوس ڪري ٿو پر ان کي لفظن جو روپ ڏئي پڙھندڙن تائين پھچائي ٿو. منهنجي سامھون ھڪ اھڙو ڪتاب آھي، جنھن جو ليکڪ به اھو ھنر خوب ڄاڻي ٿو ته اسان جي آسپاس موجود ڪھاڻين کي ڪيئن محفوظ ڪجي ته جيئن اھي عام پڙھندڙن سان گڏوگڏ وس وارين ڌرين تائين به پھچن ته جيئن من ڪو دردن جو درمان ٿئي.
سو اھو ڪتاب آھي ” دنيا کان اڳتي“، جيڪو ڪھاڻين جو مجموعو آھي ۽ ان جو ليکڪ ناليوارو ڪھاڻيڪار محمد علي پٺاڻ صاحب آھي. محمد علي پٺاڻ جون ڪھاڻيون ھر ھفتي ڪاوش اخبار ۾ ڇپبيون رھن ٿيون، جيڪي اسان جي سماج جي ڪرنٽ افيئرز جي ترجماني ڪن ٿيون. اھي ڪھاڻيون پڙھڻ سان اسان پنهنجي سماجي جوڙجڪ کي ڏاڍي سٺي نموني سمجھي سگھون ٿا. ھن ڪھاڻين ۾ تڪليفون ڀوڳيندڙ عورتن جو به ذڪر آھي ته بيروزگاري ۽ بک جو به ذڪر آھي. نوجوانن جو به ذڪر آھي ته اسان جي تعليمي نظام جو به ذڪر آھي، وڏڙن جو به ذڪر آھي ته ننڍڙن جو به ذڪر آھي. مريضن جو به ذڪر آھي ته ڊاڪٽرن جو به ذڪر آھي. محمد علي صاحب رڳو اھا سورن جي پچار نٿو ڪري پر ھو ته انھن دردن جي درمان جا حل به ٻڌائي ٿو جيڪو سندس فن کي چار چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي.
ھن ڪتاب ۾ ٽوٽل 66 مختصر ڪھاڻيون شامل آھن، جيڪي فليش فڪشن واري ڪئٽيگري ۾ اچن ٿيون. ھن ڪتاب ۾ ”بابي جو نالو“ جي عنوان سان ھڪ ڪھاڻي ۾ ليکڪ وڏي ڪمال سان اسان جي ھن سماجي سوچ جي عڪاسي ڪئي آھي ته ڪيئن اسان جو عام ماڻھو پٽ کي ئي اولاد سمجھي ٿو ۽ نياڻي جي ھن وٽ ڪا اھميت ناھي. پٽ پيدا ڪرڻ جي خواھش ۾ ھو ٻار تي ٻار پيدا ڪري ھڪ ته آدمشماري وڌائي ۽ وسيلن تي بوجھ ٿي، سڄي سماجي سرشتي کي لوڏي ٿو ڇڏي ۽ ٻئي پاسي پاڻ به ان قابل ناھي جو ايترن ٻارن جو رڳو پيٽ پالي سگھي. ڪھاڻي ۾ ھڪ عورت ٻي عورت کي طعنو ڏيندي چوي ٿي ته ” جي گھٽ ٻار ڄڻيو ھا، ته ھيئن ھيڏي تڪليف ۾ نه ھجو ھا ڀيڻ، ٻئي زال مڙس ڪيڏي ھلاکي ٿا ڪيو، مڙسھن کي برياني ته توکي سيبي جو ڪم، ٻه رپيا اچن به ٿا، پوءِ به قصو پوئتي آ. اسان وانگر ٻه ٻار ڄڻيو ھا، ته ڏکي ۾ به ايڏا ڏک نه ملنوَ ھا....“
”بس ادي، جيڪو مقدر ۾. رات ته اڃا مڙسالوءِ چوي پيو ته بس رڳو باقي ھڪڙو پٽڙو ڄڻي ڏي ته بابي جو نالو رکانس!....
حڪومتي نااھلي ان حد کي اچي پھتي آھي جو ھاڻي قبرستانن تي به قبضا شروع ٿي ويا آھن. ”سي سي ڪيمرائون“ ڪھاڻي ۾ محمد علي صاحب لکي ٿو ته ”حڪومت سجاڳ آ سائين، ننڊ ۾ اسان آھيون. خبر تڏھن ٿي پئي، جڏھن ڪو مري ٿو، ته مقامن ۾ وڃي ڏسجي ٿو ته قبضا ئي قبضا. قبر ڪونه. پوءِ ڏوڪر ڏئي جڳاڙ سڳاڙ ڪري قبر حاصل ٿي ڪجي نه ته رڳو ان مان ميت ڪڍي ليبارٽين ۽ عاملن وٽ ائين ڀڳڙن مٺ تي کپايا وڃن ٿا، پوءِ قبر به تين وال ڪئي وڃي ٿي.“
تبديلي سرڪار جي ڀڀڪين کي به ” آڏو آڏو ٽر....“ ڪھاڻي ۾ ھن طرح وائکو ڪيو اٿس. ”اڙي ادا، مون کي ان جي خبر آ. اخبار ڀلي نه پڙھندو ھجان پر ٽي وي ڏسندو آھيان. انھي جنھن خان جي تون ڳالهه پيو ڪرين نه، اھو نعرو ته تبديلي جو ھڻي ٿو پر منڍ کان وٺي ڏسين نٿو ته ڪم ۽ پرڪار سئو فيصد ساڳيا ئي ٿس. ماڻھو به پاڻ سان اھد کنيا ٿئين، جن جا پير سدائين ڊسڙ ۾. يعني پيٽ ۾ ھنود ڪاسائي جي کڏ ۽ ارادا عوام جي نڙي تي ننھن ڏيڻ جا!“

”وات ۾ ڌپ“ ڪھاڻي محنت ۾ عظمت وارو درس ڏي ٿي. جنهن ۾ ھڪ شخص ھڪ فقير کي پنڻ بجاءِ محنت مزدوري جو چوي ٿو ۽ ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي سندن ۽ قوم جو مستقبل سنوارڻ جي تلقين ڪري ٿو.
”پنھنجو گھر“ ڪھاڻي ۾ به وڏو پيغام سمايل آھي خاص طور تي انھن عورتن لاء جيڪي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙجي پنھنجو گھر ڇڏي پنهنجي مائٽن، خاص طور تي ڀائرن جي گھر ھليون وينديون آھن.
”وٺ وھندي کي.....!“ ڪھاڻي ۾ انهن ڊاڪٽرن جو قصو آھي جيڪي خسيس ذاتي مفادن ڪري مختلف ڪمپنين کان مراعتون وٺي ۽ پوءِ غير معياري دوائون لکي ماڻھن جون حياتيون برباد ڪن ٿا.
”ون ويلنگ“ ڪھاڻي ته ڏاڍي شاندار آ جنهن ۾ ھڪ بزرگ ڪجهه نوجوانن کي ون ويلنگ ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ کين سمجھائي ٿو ته بابا ڏاھا ٿيو، بائيڪ تي ون ويلنگ ڪرڻ سان توھان جي جان کي خطرو آھي. پر نوجوان نٿا مڃن ۽ نيٺ مستي ۾ پنهنجي حياتي وڃائي ويھن ٿا.
”پيٽ ۾ سور“ ڪھاڻي ان ٻڌڙي عورت جي آ، جيڪا غربت ڪري پنھنجي ٻارڙي کي ڇولا نٿي وٺي ڏئي سگھي ته ”ڇولا پيٽ ۾ سور وجھندا ھن بابا، نه کائبا ھِن....“
”وارث“ نالي ڪھاڻي ۾ ان ٻار جي درد کي بيان ڪيو ويو آھي جنھن جا ماءُ پي الڳ ٿي ٿا وڃن ۽ اھو ٻار ان ڪشمش ۾ ڦاسي ٿو پوي ته ھو ڪنھن سان گڏ رھي. ماءُ سان يا پيءُ سان.....
ھن ڪھاڻين ۾ ليکڪ ”ڪارو ڪاري“ واري ڪڌي عمل کي به ننديندي نظر اچي ٿو، جيڪا جھلڪ اسان کي، ”سک سان نه سمھنداسون“..... ڪھاڻي ۾ نظر اچي ٿي.
پوليس ڪھڙي طرح رشوت جي بازار گرم ڪري ماڻھن جي زندگي زھر ڪري ٿي، اھو سور ليکڪ، ڪھاڻي ”جڏھن پوليس ٺھي نه “ ۾ سلي ٿو.
عزت نالي ڪھاڻي ۾ ان عورت جي درد جي عڪاسي ٿيل آھي جنهن ماني پچائڻ ۾ ٿوري دير ڪئي ته ان تان سندس ڏير کيس مارڪٽ ڪري ٿو.
”ڏسجان بيٺو“ ڪھاڻي ۾ ٽچ اسڪرين موبائيل ۽ ووٽ وٺڻ وارن يارن جو قصو ڪجهه ھن طرح بيان ٿو ڪري” مون کي به لڳي ٿو ته باھ وڌندي. ھي سڀ جا سڀ اڳوڻا وزير ڪبير ڪنھن به صورت ۾ سازگاري سان ھيلوڪي اليڪشن مھم ڪو نه ھلائي سگھندا. ڇو ته نوجوان اکيون ڦوٽاريون ٽچ اسڪرين موبائيلن کي بندوقون بڻايون بيٺا آھن.....“
ھتي اسڪولن تي به قبضا ٿيو وڃن. ان بابت ليکڪ ”ڏاڍو کاتو“ ڪھاڻي ۾ لکي ٿو ته تعليمي ايمرجنسي ھوندي به ھڪ صوبيدار اسڪول مان ھيڊ ماستر ۽ ٻارن کي ڪڍي اسڪول خالي ڪرائي ٿو ڇڏي.
ھنن ڪھاڻين ۾ ڀوتار جي ظلمن جي به مذمت ڪئي وئي آھي جيڪو ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ سمورا پئسا کائي ٿو وڃي ۽ اوڳرائي به نٿو ڏي.
خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙھائجي، ان ڏوھ کي به محمد علي صاحب پنهنجي قلم ذريعي قلم بند ڪري ٿو. انھن ويگنن جو به ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ گئس جا سلينڊر لڳل آھن. جيڪي ڪنهن بم کان گھٽ ناھن ۽ پوءِ اھي بم ڪيڏي نه بيدردي سان ڦاٽن ٿا ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي تباھ ڪن ٿا.
سو، اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ موجود سموريون ڪھاڻيون پڙھڻ جھڙيون آھن. جيڪي يقينن حساس ماڻھن کي پنھنجي دل جي ڳالهه لڳنديون. ھن ڪتاب جي فليپ تي ليکڪ بابت غلام نبي مغل صاحب لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ پنھنجي تخليقي صلاحيتن سان پاڻ کي ادب جي دنيا ۾ بلندين ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي ۽ سنڌي ادب ۽ پڙھندڙن ۾ ھڪ خاص جڳهه جوڙي رھيو آھي.“
ليک بابت رضوان گل صاحب لکي ٿو ته ”پروفيسر محمد علي پٺاڻ کي مون ھميشه ھڪ متحرڪ انسان طور ڏٺو آھي. ھڪ ئي وقت شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار طور مڙني ذميوارين سان نڀائڻ ڪا گھٽ ڳالهه نه آهي. ان سان گڏ ڀٽائي سان عشق پڻ سندس سرشت ۾ شامل آھي.“ ھن ڪتاب بابت ڄام جمالي صاحب جو انگريزي ۾ لکيل شاندار تبصرو به ھن ڪتاب جو حصو آھي. جڏهن ته ھن خوبصورت ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ليکڪ زيب سنڌي صاحب جو لکيل آھي. پاڻ لکي ٿو ته ”محمد علي پٺاڻ جي ڪھاڻين ۾ ڪٿي به ھروڀرو جي لفاظي موجود ناھي. ھن عام ماڻھن جي مسئلن کي عام فھم ۽ بيحد اثرائتي سادي انداز سان پيش ڪيو آھي، جيڪا سندس تحرير جي خاص خوبي آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل سندس مختصر ڪھاڻيون فليش فڪشن جي زمري ۾ اچن ٿيون ۽ اھي اھڙا عڪس ڏيکارين ٿيون، جو ڪٿي ڪٿي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.“
پنهنجي پاران ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”ھفتيوار ڪھاڻين لکڻ جو ھي سلسلو ھن ڪتاب تائين ڀل ڪنهن کي چپٽين جو کيل لڳندو ھجي پر مون لاءِ اھو ڀوڳنائن جا تيزابي ڊرم کڻي آيو آھي. جنهن ۾ پاڻ کي اڇلي ھڪ ڪھاڻي کي انھن مان ڪڍي پئي آيس، تہ ٻي لاء تن ۾ وري پاڻ کي ساڳي طرح اڇلڻو پي پيو.“
ڪتاب ۾ ابراھيم کرل ۽ انور ابڙي صاحب جا رايا به شامل آھن. انور ابڙو صاحب لکي ٿو ته ”ھي ڪتاب اڄوڪي سنڌ جي تخليقي انداز ۾ لکيل سوشل اسٽڊي به آھي، جيڪا انهن ماڻھن کي بلڪل به ڇرڪائيندڙ لڳندي، جيڪي خاص طور وڏن شھرن ۾ رھن ٿا.“
منهنجي خيال ۾ ھي ڪتاب سنڌي ڪھاڻين خاص طور تي مختصر ڪھاڻين جي ڪتابن ۾ ھڪ بھترين اضافو ثابت ٿيندو.