ابوبڪر شيخ جو نئون ڪتاب ”تاريخ ڪي مسافر“
اڄ ايڪيهين صدي ۾ به ڪافي پڙهندڙ انٽرنيٽ استعمال نٿا ڪن پر انهن لاءِ اڄ به پڙهڻ جو ذريعو هارڊ ڪاپي ۾ ڪتاب آهي. سو ابوبڪر شيخ صاحب جا اهي دلفريب بلاگز سنگ ميل پبليڪشن لاهور پاران ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيا پيا وڃن. انهي سلسلي ۾ سندس نئون ڪتاب ”تاريخ کے مسافر“ شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ 25 بلاگز شامل آهن. ابوبڪر شيخ جي بقول ته کيس آرٽ فلمون وڻن ٿيون. جڏهن سندس بلاگز پڙهجن ٿا ته انهن مان به آرٽ فلمن وارو چس اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ درياءَ جي بيوفائي، سنڌ جي خوشحال ماضي، تاريخي ماڳ مڪانن، ميلن، ڪلانڪر ڍنڍ، مڪلي، چوڪنڊي جو قبرستان، ڪراچي سميت ٻين موضوعن تي به بلاگز موجود آهن.
ابوبڪر شيخ جڏهن سنڌ جي خوشحال ماضي کي اتي رهندڙ ماڻهن جي واتان ٻُڌي، جڏهن انهن کي لفظن جو روپ ٿو ڏئي ته حساس دل ماڻهو روئي ٿو پوي. سندس لکڻين جي ٻي خوبي اها آهي جو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي ٿو هلي.
هن ڪتاب ۾ مون کي هڪ کوٽ محسوس ٿي سا اِها ته هن ڪتاب ۾ تصويرون شامل ناهن. ڇو ته هي بلاگز آهن، تصويرون انهن جو حصو آهن. خاص طور تي اُتي ته تصوير جو هجڻ ضروري آهي، جتي ليکڪ لکي ٿو ته، فلاڻي جڳهه يا ماڳ مڪان جي حالت توهان هن تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا. سو، جيڪڏهن تصويرن کي به شامل ڪيو وڃي ها ته ڪتاب جي سونهن ۾ اڃا به اضافو ٿئي ها.
ابوبڪر شيخ صاحب کي جس هجي، هن انهي وقت ۾ تاريخ جي موضوع کي کنيو آهي. جڏهن اڪثر ماڻهو اِهو چوندي ٻُڌجن ته، جيڪو وقت گذري ويو، سو گذري ويو. هاڻي ماضي تي روئڻ بجاءِ اڳتي جو سوچجي. پر اِها به حقيقت آهي ته، خوشحال مستقبل لاءِ ماضي جا پيرا ضرور کڻڻا پوندا، تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. سو، ابوبڪر شيخ صاحب اسان جي انهي اهم ڪم ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي.
**