ٽي ماهي مهراڻ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، گهڻ رخي شخصيت جا مالڪ هُئا، سندن سنڌي ٻوليءَ، ادب، تعليم، لطيفيات، موسيقي، سنڌ شناسي، تاريخ، سنڌي لغات ۽ هڪ اُستاد جي حيثيت ۾ تمام وڏيون خدمتون آهن. هي رسالو پڙهڻ سان سندن انهن سڀني تاريخي خدمتن بابت اسان کي سُٺي ڄاڻ ملي ٿي. مون ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر صاحب جا مقالا ۽ تقريرن تي مشتمل ڪتاب پڙهي مڪمل ڪيا اٿم.
مهراڻ جي هن شماري جي شروعات ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيقي ڪم تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جا مقالا شامل آهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت تي اسد الله قاضي صاحب، محمد هاشم لغاري صاحب، عنايت بلوچ صاحب، ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي صاحب ۽ ٻين جا مقالا شامل آهن. بلوچ صاحب جي تعليمي ماهر طور خدمتن تي گل محمد عمراڻي صاحب جو مقالو موجود آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي لطيفيات واري ڪم تي به مختلف ليکڪن جا مقالا شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي دوستن، يارن، رشتيدارن ۽ عزيزن جون ڊاڪٽر صاحب بابت لکيل يادون به مهراڻ جي هن شماري جو حصو آهن. سنڌي صورتخطي جي سڌاري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو ڪردار جي عنوان سان الطاف حسين جوکيي صاحب جو مقالو هن مهراڻ جو حصو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي انٽرويوز ۾ ”تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي، لغت جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تاريخي انٽرويو“ جي عنوان سان ظفر جوڻيجي صاحب پاران ورتل يادگار انٽرويو به موجود آهي. ظفر جوڻيجي صاحب هي انٽرويو سندس رسالي نيوز اينڊ اوپينين لاءِ بلوچ صاحب کان ورتو هو. اهو انٽرويو مون ان وقت ئي نيوز اينڊ اوپينين ۾ پڙهيو هو. جيڪو رسالو پنهنجي وقت جو تمام معياري سنڌي رسالو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته ان وقت ان رسالي جي هر شماري ۾ ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪندڙ شخصيت جو انٽرويو شامل هوندو هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي، ايم ايڇ پنهور، امن جو نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ بنگلاديش جو اقتصادي ماهر محمد يونس، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻين شخصيتن جا انٽرويو مون پڙهيا هئا ۽ ان رسالي جا اهي شمارا مون اڄ ڏينهن تائين سنڀالي رکيا آهن.
هن رسالي ۾ خليل کوسي جو نظم ”هو لکي پيو“جي عنوان سان آخر ۾ موجود آهي. اهو ڏاڍو شاندار ۽ طويل نظم آهي. جيڪو جڏهن خليل پنهنجي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ٻڌائيندو آهي ته ويتر وڻندو آهي.
”هو لکي پيو، هو لکي پيو
هو لکڻ وارو لکي پيو
هو پوڙهو هوندي لکي پيو
پيا هٿ ڏڪن ته به لکي پيو
ٻيا تڪ تڪن، هو لکي پيو
ٻيا ڇا به چوڻ، هو لکي پيو،
پر لکڻ وارو لکي پيو.“
”هو انتر منتر لکي پيو
هو جادو جنتر لکي پيو
هو ارچڪ مرچڪ لکي پيو
هو ڌاڻا ڌرچڪ لکي پيو
هو آگ پٽيلڻ لکي پيو
هو نانگڻ جوڳڻ لکي پيو
هو ٽويو ٽڀو لکي پيو
پر لکڻ وارو لکي پيو.“
هِن کان اڳ، مون مهراڻ جا شمشيرالحيدري خاص نمبر، تنوير عباسي خاص نمبر، شيخ اياز خاص نمبر پڙهيا آهن ۽ سائين محمد ابراهيم جويو خاص نمبر به هِن کان پوءِ پڙهڻ جي لسٽ ۾ رکيو اٿم.
هنن خاص نمبرن پڙهڻ جو هڪ وڏو فائدو، هي به آهي ته اسان مختلف علمي، ادبي شخصيتن جي زندگي ۽ ڪم سان گڏوگڏ سندن لکيل ڪتابن بابت به معلومات حاصل ڪيون ٿا. اڳتي هلي اسان کي سندن اهي ڪتاب به پڙهڻ گهرجن.
منهنجي خيال ۾ اسان جي نوجوانن کي ڪتاب پڙهڻ گهرجن ته جيئن هو پنهنجي ٻولي ۽ تاريخ کي سمجهي سگهن.
**