مختلف موضوع

سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

سرمد کوسو موجود سماج جو ماڻھو آهي، هو هلندڙ سياسي صورتِحال تي بہ گَھري نظر رکي ٿو تہ، ملڪي معاملا بہ ڄاڻ ۾ اٿس، بين الاقوامي معاملا بہ سمجهي ٿو تہ سنڌ جو ڪلچر بہ سمجهي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي اسان جي ماحول جي آهي. مختلف ڪتابن تي لکيل سندس تبصرا، تجزيا ۽ اڀياس سھيڙي انهن کي ڪتابي صورت ڏني وئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سِٽون پڙھ ساڃاھ جون

هنج نه آيا هيل

منهنجي ھٿن ۾ سرواڻ سنڌي جي شاعري جو تازو ڇپيل ڪتاب ”ھنج نه آيا ھيل“ آھي. دل چيو ته ڪتاب بابت ڪجهه لکان، مون کي نه شاعري جي قاعدن ۽ قانونن جي خبر آهي ۽ نه ئي مان ڪو شاعر آھيان. بس رڳو ھڪ پڙھندڙ جي ناتي جيڪا به لکڻي، نثر يا نظم، دل کي ڇھندو، پاڻ سان گڏ گڏ کڻي ھلندو آهي ۽ حساس دلين ۽ سماج جي پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ڪندو آهي سو وڻندو اٿم ۽ ان تي ڪجهه لکڻ لاءِ دل چوندي آهي. ڪتاب تي ڪجهه لکڻ کان پھرين ھڪ مختصر ڳالهه لکڻ ٿو گھران، اھا ھي آهي ته مان ذاتي طور تي ان خيال جو آھيان ته ڪتاب پنهنجو خريد ڪري پڙھجي ۽ ٻئي کي به چئجي ته پنهنجو وٺي پڙھ، اعزازي ڪاپي يا وري ٻين کان کڻي پڙهڻ جي اميد نه رک ته ڀلو آهي. ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، ھڪ ته ان سان ماڻهو ان تي نوٽس وٺندو ويندو آهي ۽ ٻيو ته ڪتاب سدائين لاءِ پنهنجي لائبريري جي سونهن ٿي ٿو پوي. ان سان گڏوگڏ جيڪو ماڻهو ڪتاب ڇپائي ٿو ته ان جي به ھمت افزائي ٿئي ٿي. سو سرواڻ جي ڪتاب جي حوالي سان مون کي ذاتي طور تي ھڪ ته اھا خوشي ٿي جو ھن پاران ڪنهن کي به ڪتاب جي ڪاپي تحفي طور ڏيندي نه ڏٺم. نه ته اڪثر سوشل ميڊيا تي اھو ٽرينڊ آهي ته ڪتاب ڇپائي دوستن ۾ ورهائي تصويرون ڪڍو. مجال آهي جو ساڃاهه وند پنهنجا پئسا ڀري خريد ڪري پڙھن. ٻيو ته جڏهن بدين شھر جي تقريباً سمورن بڪ اسٽالن تي ھن ڪتاب جون رکيل ڪاپيون وڪرو ٿي ويون، اھو مون پاڻ بڪ اسٽالن وارن کان پڇيو ته ھنن چيو ته ڪتاب جون ڪاپيون ختم ٿي ويون آهن، چئو ته توهان کي گهرائي ڏيون..... اھو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته سٺا ڪتاب اڄ به ماڻهو پڙھن ٿا. ائين ھي ڪتاب حيدرآباد مان موھن مدھوش کان وٺي پڙهڻ لڳس....
ھاڻي اچون ٿا ڪتاب طرف ته ڪتاب جو ٽائيٽل به اندر ۾ لھي ويندڙ آهي جيڪو نعيم خان ديسوالي ڊزائين ڪيو آهي ان خوبصورت تصوير سان جيڪا سائين حفيظ ڪنڀر جي آرٽسٽڪ اک جو ڪمال آهي، نريڙي جي ادس ڍنڍ مٿان لھندڙ سج......
پياري موھن مدھوش جي ڪويتا پبليڪيشن پاران ڇپايل، موھن جي ٻين ڇپايل ڪتابن وانگر ھي ڪتاب به انتھائي خوبصورت آهي. ھن ڪتاب ۾ دلفريب غزل، نظم، ترائيل، هائيڪا، گيت، لولي، وايون ۽ بيت شامل آهن. سرواڻ جي لکيل انهن سمورن صنفن ۾ مون کي سنڌ جي مٽي جي خوشبوء ۽ محبوبا جي مرڪ جي ڪوملتا محسوس ٿي....
ھن سھڻي ڪتاب جو مھاڳ ناليواري شاعر نقاش علواڻي لکيو آهي. سندس لکيل مھاڳ روايتي مھاڳن کان بلڪل مختلف آهي جن ۾ رڳو شاعرن ۽ ليکڪن جي واکاڻ ٿيل ھوندي آهي ته بس علم ۽ عقل ته اچي اتي ڇيھ ٿو ڪري. اھڙو غير جانبدار، ھن وقت اسان جي شاعرن ۽ شاعري جي حالت، ڪيترائي سوال اٿاريندڙ، سوچڻ ۽ ڪجهه ڪرڻ لاء اتساھيندڙ مھاڳ نقاش جھڙو گھڻ پڙھيو ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو.....
نقاش لکي ٿو ته ”اسان اڄ به اتي بيٺا آھيون جتي ڪابه ڳالهه کلي نموني نه ٿي ڪري سگهجي، جتي اظهار جي آزادي جا علمبردار پنهنجي موقف جي عملي نفي ڪندي نظر ايندا آهن. جتي عورتن جي حقن جا علمبردار اڳواڻ ٻين کي عورتن جا حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا پر پنهنجي گهر جي نه! ھتي ڪنهن به معاملي تي کلي ڳالھائي نٿو سگهجي نه سماج تي، نه قوم تي، نه مذهب تي، نه رياست تي، نه سياست تي....... نه ئي وري زندگي تي، زندگي رڳو ساھ کڻڻ جو نالو ته ناهي..........“
سرواڻ جي شاعري بابت نقاش لکي ٿو ته ”بجاءِ ان جي آءٌ روايتي انداز ۾ سرواڻ جي شاعري بابت پڙھندڙن جي راءِ ٺاهڻ يا پڙھندڙن تي پنهنجي راءِ مڙھڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ نه ئي وري ڪو سندس تعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي سو ھاڻ اھو پڙھندڙ تي ئي ڇڏيون ٿا ته ھو سندس ڏات کي ڪتابي صورت ۾ هئين سان ڪيئن ٿا هنڍائين؟؟!!!“
سو ھڪ پڙھندڙ جي ناتي مون کي ته سندس سموري شاعري قھر جي لڳي. خدا جو شڪر آهي جو سنڌ شاعرن جي حوالي سان پاڻڀري آهي، سو پاڻ وٽ ھر ماڻهو شاعر ٿيو پيو ھلي، پر اڪثر شاعرن وٽ خيالن جو ورجاءُ, مطالعي ۽ مشاھدي جي کوٽ محسوس ٿيندي اٿم. اڪثر يارن وٽ رڳو عورت جي چولي، چپن، چاڪن، چڳن، چوٽي ۽ چال کانسواء ڪجهه به ناهي ھوندو ۽ گھڻن لاءِ وري سموري دنيا محبوبا جي زلفن ۽ بوتل ۾ سمايل ھوندي آهي بس...... باقي دنيا ڌوڙ ٿي وڃي ته ڀلي وڃي سندن ڇا........!!!!!
سو سرواڻ وٽ سنڌ جي رڳو سورن جو ذڪر ناهي پر سنڌ جي سونهن جو به ذڪر آ، جيڪو اتساھيندڙ آهي. سرواڻ ٻين وانگر مٿو نٿو پٽي ته فلاڻا اسان جي تباهي جا ذميوار آهن پر سرواڻ ته پنهنجي شاعري ۾ انهن دشمنن کي وڏي بي باڪي سان للڪار به ڪري ٿو.
سنڌ ته ڪائي سرتي ناهي جيڪا ڪنهن وٽ سام ڪندا
ڪانئر ماڻهو ڪيسين تائين ڌرتي کي نيلام ڪندا؟

سنڌ سان محبت جو اظهار ھن طرح ڪري ٿو

ملڻو ته آ مٽي سان، ڪھڙي گھرون حياتي
سنڌڙي اڳيان سدائين پنهنجو آ سر نوايو.

يا وري سندس ھي سٽون جن ۾ به ظالم جي ظلم جو ذڪر آ
جنهن ديس ۾ حسين سان جھيڙو رڳو ھجي
تنهن ديس جو يزيد ئي سمجھو سفير ھو.

سندس رومانٽڪ انداز به غضب جو آهي

ھن کي ڀريون ٿا ڀاڪر، ڪڙڪا جسم ڪري ٿو
شيشي جيئان ڀڄي پئي پنهنجي ھٿن سان ميڙيون.

ور جي اوسيئڙي ۾ بيٺل وني جي درد کي لفظن ۾ ھن ريت اوتيو اٿس

نمورين کي پٽي گھوٽي، چڳن مان چيڙھ ڇاڻي ٿي
پڇي ٿي ھر مسافر کان ڪٿي آ ور ٻڌائي ڪو.

سندس رواني جو ھي انداز به نرالو آ

ھر ھر گھٽي ۾ پاڻ ٻئي اڪثر مليو وڃون
توکي ڏسان،, پاسو ڪيان ۽ گُھت ھڻي وڃان!!

ٻين جي احساسن جي قدر جي ڳالهه ڪجهه ھن طرح ڪري ٿو
تون ڀلي ڪنهن لاءِ ڪو اوڇڻ نه ٿي
پر پکين جو درد، داڻو ٿي ميان.

طبقاتي نظام جي ظلم جي عڪاسي سندس ھنن سٽن ۾
شريفن جون ڪافر نياڻيون ڏٺيون
اميرن جا قاتل نياڻا به واھ

پکين جھڙي معصوم مخلوق جو خون ڪندڙن کي ھن طرح لکي ٿو
پکين کي پليتن، بندوقون ھنيون
بکيا سي اويلا اڏاڻا به واھ

بک، بحالي ۽ غربت جي گهاڻي ۾ پيڙهنجندڙ سماج جي هڪ فرد جي پنهنجي خدا کان گهرجندڙ هڪ انوکي دعا ، جنهن ۾ هڪ لاچار پيءُ جو درد اوڙڪُون ڏيئي وسندي نظر اچي ٿو
مالڪ ٿورو ٻار وڏا ڪر وقفي سان
ھڪڙي ڪالھ اٿاري، ٻي سامائي آ

پنهنجي رمز ۾ رھڻ واري ڪيفيت تي لکي ٿو
مان ٻني بنجر نه مون کي کيڙ تون
بس فقيرن کي نه ھاڻي ڇيڙ تون.


ٿر جي سونهن لاءِ لکي ٿو جنهن مان سندس سنڌ سان پيار صاف نظر اچي ٿو
ڪيتريون کونڻيون کنون ٻڪراس تي
ڇڏ کڻي ڪاغان ڀوڏيسر ھلون

رات کان بادل صفا ناھن ستا
ھل ڀلا اڏري ٿا ھاڻي ٿر ھلون

سنڌو جي سڪل پيٽ تي لکي ٿو

ھيل اڏامي واري ڪيڏي
ٻوڏ هُئي پرسال نديءَ ۾

سھاڳڻ جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ جذبن کي ھن طرح لفظن جو روپ ڏنو اٿس
ڏينهن جو تارو چڙھيو ۽ رات جي چوري ٿئي
ڪنهن سھاڳڻ چيچ لوڏي ڪانڌ جاڳايو پئي

گندي تي ڀرت ڀرڻ جي سندرتا بابت
گهڻن جي دلين کي لڀائي ويو
گندي تي پڪو ڀرت تنھنجو ڀرڻ

چنڊ کي گرھڻ ڪيئن لڳي اھو ھن طرح،
رڇ ناھي، رڇ ناهي، وار کولي آ ستي
چنڊ کي گرھڻ لڳي وئي ڪيترو آ بيقرار

ڇوڪرين جي ڇيڳرائي تي لکي ٿو

بيل گاڏي ڇڇوريون وڏيون ڇوڪريون
دانهن ڪيڏي ڪيائون ٿي چيڪاٽ تي

بي حيائي جي انتھا تي پڳل معاشري لاءِ لکي ٿو
ارھ کي اکين سان پٽي ٿو وٺي
اچي ڇوڪريون راڄ مان ڇو مُٺيون؟؟

سنڌ لاءِ اميد جو احساس
ھر روز سنڌ ڪيئي ڏاھر اڃا ڄڻي ٿي
دودا به کوڙ آهن ٻاگھل اڃا به آهي.

بي ترتيبي جو ذڪر ڪجهه ھن طرح
پاڻ اڻڀا وار آھيون، ڪيترو ترتيب ڏيندين؟
رول ۽ بيڪار آھيون، ڪيترو ترتيب ڏيندين؟

سنڌ جي غدارن لاءِ لکي ٿو:
ھي ٻيٽ نه آ پر سنڌڙي آ
غدار سدائين پڌرو آ
پوءِ مير ھجي يا پير ھجي

ڀٽ ڌڻي جو ذڪر ڪجهه ھن طرح ڪري ٿو
پوري قوم سڏڻ ۾ پوري
ڪنهن جا ڪنهن جا سڏ ٻڌي؟
ڪنهن لاءِ ڪنهن لاءِ لٺ کڻي
ڀٽ ڌڻي ڀي ڦاٿو آهي

قبلا سائين لاءِ لکي ٿو

قبلا سائين!!
تنهنجو گھر آ شيشي جھڙو
تون ڇا بک ڀرم جي ڄاڻي ؟
ٿاڌل تنهنجي اڃ اجهائي
مون سان منھنجو پيٽ بکيو آ
ڪتي ڪاٽيم چيٽ ڏکيو آ........

لولي ۾ ماءُ جي ممتا ڏسو!!
ماڻڪ آھين، موتي آھين، منھنجو سڀ ڪِي تون
سانول آھين، سوڍو آھين، روز ڪريان باسون
تون جو کيڏي ميرو ٿين ٿو ڪپڙا کوڙ مٽيان
اولڻ گھولڻ ٿيان ٻچي تان اولڻ گھولڻ ٿيان

جند جھڙي سنڌ لاءِ
پھرين پنهنجو پاڻ کي مون هُئي ارپي سنڌ
تنھن کان پوءِ جند، سندر لڳي ڪيتري
سو دل ته چوي ٿي ته سرواڻ جي ڪتاب جي سموري شاعري توھان سان ونڊ ڪندو وڃان پر اھو به احساس اٿم ته ھر ھڪ پڙھندڙ کيس پنهنجي اندر جي اک سان پڙھي ته بھتر آ. منهنجي اھا خواهش ۽ اميد آهي ته سرواڻ جا ڪتاب اڳتي به ايندا رھندا ۽ نيڪ تمنائون ته سدائين اھڙي بي باڪي ۽ رواني سان لکندو رھي ۽ اسان جي دلين جي ترجماني ڪندو رھي.
**