اندر مُلهه امُلهه
نثر جو هڪ اهڙو ئي ناياب ڪتاب ”اندر مُلهه اَمُلهه“ منهنجي مطالعي مان وري وري گذريو آهي، جنهن جو ليکڪ سائين حيدر علي لغاري صاحب آهي.
سنڌي نثر ۽ شاعري ۾ ڪيترائي ليکڪ لکندا رهيا آهن ۽ لکن پيا جيڪي پيشي جي لحاظ کان استاد آهن. سي سڀ پنهنجي مشاهدي، علم ۽ عقل مطابق لکن پيا پر مون کي هن وقت تائين انهن ۾ ٻه نالا نمايان لڳن ٿا. هڪ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٻيو سائين حيدر علي لغاري صاحب. جن جي تحرير پڙهڻ سان سُرت ۽ ساڃاهه ۾ ته اضافو ٿئي ٿو پر ان سان گڏوگڏ پڙهندڙ جي تربيت به ٿيندي رهي ٿي.
هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي سائين ابراهيم جويو صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪري ٿو.
”ڏهن به آءٌ سچ پچ ڪو سٺو ڪتاب پڙهندو آهيان، ته پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ اِئين محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ ڪو نئون ساهه مون ۾ پئجي ويو هجي! آءٌ مڃان ٿو ته اهڙا نئين ساهه ڏيڻ وارا ڪتاب نڪرندا به ڪڏهن ڪڏهن آهن، ته ملندا به ڪڏهن ڪڏهن آهن، ۽ ملڻ کان پوءِ انهن جو پڙهڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڀاڳ وارن جي ڀاڱي ۾ ايندو آهي. زندگيءَ ۾ مشاهدن ۽ تجربن جي کوٽ ڪانهي، شخصن سان ملاقاتون به روز پيون ٿين، ڪتاب به اکين ڪيئي پيا ڏسجن، پر جيئن ڪي ڪي ماڻهو سچ پچ موتيءَ داڻا هوندا آهن، ته ڪي ڪي ڪتاب به اِئين هوندا آهن، بلڪ دُرلڀ شين جو، شخصن جو ۽ ڪتابن جو هيءُ ورليپَـڻو ئي آهي، جو ماڻهوءَ کي ڀَلان ڀلي جي تلاش لاءِ اُتساهي ٿو ۽ انهن لاءِ در در ڀٽڪائي ٿو.منهنجي عزيز دوست نواب حيدر علي لغاريءَ جو هيءُ ڪتاب،”اندر مُلهه اَمُلهه“، جنهن جو نالو پنهنجيءَ پَرِ ۾ مون ”اَملهه زندگين جا اَکٽ ڪم“ به سوچيو هو، سچ پچ ته هڪ اهڙو ئي نئون ساهه ڏيندڙ ۽ هِينئين سان لائي رکڻ جهڙو ڪتاب آهي.
پاڻ پنهنجن احساسن ۽ خيالن جي اظهار جا ڪجهه عنوان گڏ ڪري. هن ڪتاب ۾ اسان جي آڏو آندا اٿن، جن جي نفاست، عظمت ۽ اڏام بابت آءٌ ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته ”عطر اهو، جو پاڻ ٻولي. اوهين ان کي رڳو کوليو!“ هيءُ ڪتاب به کولڻ ۽ پڙهڻ لاءِ آهي. اوهين پاڻ ئي ڏسندا ته هيءُ اوهان سان ڪهڙيون ٿو روحَ رُچنديون ڳالهيون ڪري ۽ اوهان جي مَن کي ڪيئن ٿو پرڀائي ۽ پنهنجو ڪري، وڌائي ۽ اُڀاري وڏو ڪري!
هيءُ ڪتاب بنهه هڪ يگاني عالم، مُفڪر، اديب، صاحب نظر ۽ حساس شخص جي مطالعي ۽ ذهني ڪاوش جو اهڙو هڪ چٽو ۽ پُرڪشش آئينو آهي، جنهن جي پڙهندي، ماڻهوءَ جي جذبي جي تربيت ۽ ڏاهپ جي اؤسر لاءِ، خبر ۽ اُتساههَ جو عڪس تي عڪس اوتجندي محسوس ٿيندو. مصنف جي ٻوليءَ جي صورت عربي، فارسيءَ جي اصطلاح آميز رنگ سبب اڄ جي نيم خوانده سنڌي پڙهندڙ کي ڪجهه اوپري ضرور لڳندي، پر جيڪي سنڌي تحرير جي اِن اسٽائيل سان مانوس آهن، سي اِن جي سحر بيانيءَ جو پورو لطف ۽ ساءُ وٺندا ۽ ان جي علمي ۽ فڪري سربلنديءَ جو فائدو به ضرور ماڻيندا.
مضمونن جي هن مجموعي کي پاڻ چئن حصن ۾ ورڇيو اٿن: پهرئين حصي ۾ سندن ٽي ’منظوم عڪس‘ آهن، جن ۾ سندن تخليقي جذبي جي پالوٽ آهي، ٻئي حصي ۾ ’شخصيات‘ جي عنوان هيٺ ڪامل شخصن جي فڪر ۽ عمل جا دل افروز بيان آهن، ٽئي حصي ۾ ’ادب ۽ تنقيد‘ جي حوالي سان شاهه لطيف، سچل سرمست، استاد بخاريءَ جي شعري فن ۽ سندن نياپي جي اپٽار آهي، ۽ چوٿين ۾ پنهنجي ’زاويه نگاهه‘ جا اٺ مضمون ڏنا اٿن. ٽي ڪتابن تي تبصرا ۽ پنج مضمون ٻيا، جن مان هڪ ۾ ”وتائي فقير جي ٻولن ۾ حقيقت نگاريءَ“ جي ڳالهه ڪيل آهي.
انساني سماج ۾ شخصن، عزت ۽ اعتبار جوڳن شخصن جو وجود ڇا آهي، انهن جو درجو ڪهڙو آهي ۽ ڪردار ۽ ڪارج ڇا آهي- هيءُ ڪتاب، ڪن خاص شخصن- والٽيئر، ٿامس پين، سارتري، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، مڌر ٽريسيا، مولانا گرامي ۽ دوست مشتاق کوکر ۽ سنڌ جي عظيم شاعرن مان ٽن- شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ استاد بخاريءَ- ۽ هڪ الستي ڏاهي، وتائي فقير جي فڪر ۽ عمل جون ڳالهيون، سندن قربانين جون، ٻين لاءِ جيئڻ جون ۽ ٻين لاءِ سوچ ۽ لوچ جون ٻڌائيندي، پڙهندڙن جي ذهن تي انساني سماج جي هيڪڙائيءَ، ان جي يَڪ وجودگيءَ کي واضح ڪري ٿو، جنهن جا اهڙا باشعور ۽ ڪامل شخص هرگز تنها فرد يا ڪو اَنبوهه نه هوندا آهن، بلڪ اُهي، پنهنجي ذات ۾ به، جاڳيل راڄ سمان هجن ٿا- جذبن، يادگيرين جي خزانن ۽ باهمي لاڳاپن جا جيئرا نظام. انهن ۾ جيتوڻيڪ هر هڪ نرالو ۽ بي مثال ضرور رهي ٿو، پر هرگز اڪيلو ڪونهي، ڪوبه هنن مان تنها، پنهنجي آسپاس کان، قوم کان، بلڪ سڄيءَ انسان ذات کان آراڌوعلحدو (Alienated) ٿي، اُسري، ميويدار وڻ نٿي ٿي سگهيو، ۽ نٿو ٿي سگهي. انهن منجهان هر هڪ ٻين سان شامل حال آهي ۽ ٻيا سڀئي به هنن سان شامل حال آهن، ۽ انهيءَ هر- پاسائين ڳانڍاپي کان سواءِ. يعني، پنهنجي سماجي وحدت کان سواءِ، ڪنهن جند جي ذاتي حقيقت يا سچ، سڄي جو سڄو، بي معنيٰ ٺلهو جسم، بيجان بوتو ئي هجي ٿو.
انساني سماج جي آدرشي صورت ۽، صفت، نظرياتي طور، ان جي قومي وحدت، وحدت انساني ۽ وحدت ڪائنات جي منزلن جي نشاندهيءَ ۾ واضح آهي، پر عملي طور سماج جي انهن منزلن تائين پهچ اِئين آهي جيئن فرهاد جو خالي هٿين ڪوهه قاف جيڏو ڪو ٽڪر ڪاٽي، پنهنجي دل جي ديوي، شيرين، کٽڻ! بهرحال، انسان جي حوصلي ۽ شعور کي آفرين هجي، جو هو آدرشي سماج جي قومي وحدت جي منزل تائين ڪاهي ڪجهه رسي چڪو آهي، ۽ ان کي سياسي ۽ سماجي طور عملي حقيقت جي صورت به ڏيئي چڪو آهي. وڌيڪ، اڄ اها به صورت آهي، جو انساني سماج وحدت انسانيءَ ڏانهن پنهنجا پهريان قدم به کنيا آهن، ۽ وحدت ڪائنات جي تمام ڏورانهينءَ منزل تي هُن جي نظر ته بهرحال آهي ئي، ورنه پنهنجي هن ننڍڪڙيءَ ڌرتيءَ تي ويٺي، سوين هزارين نُوري سالن جي فاصلي تي هلندڙ تارن ۽ نِکٽن جي چڪاس، تمام مختصر ئي سهي، ڪيئن ٿي ڪري سگهيو!
انگريزي ٻوليءَ جي قول Life is short, Art is long, مطابق، تحقيق زندگي ٿوري آهي ۽ ڪم گهڻو، بلڪ سچ پچ اَکٽ آهي. پر انساني سماج جا عزت ۽ اعتبار جوڳا باشعور شخص، جيترو ڪم ان طويل ۽ ڏکيءَ راهه سان سفر دوران کانئن پُڄي سگهي ٿو، بلڪ اڪثر پنهنجي وس کان ٻاهر به، ڪندا ئي رهن ٿا. دراصل انهن جو اِنهيءَ اَکٽ ڪم سان اِئين لڳو رهڻ ئي انساني سماج ۾ سندن باشعور، معتبر ۽ معزز هجڻ جو شرط به آهي ۽ ثبوت به آهي.لائق مصنف، هن ڪتاب ۾ انقلاب فرانس جي هڪ بانيءَ، والٽيئر تي لکيل پنهنجي بيان ۾، انهيءَ ئي انداز سان ڳالهه ڪندي، سوال اُٿاريو آهي ته، ”اهو اعليٰ سطحي انساني اخلاق ۽ شعور جي اِها آفاقي بُلندي پيدا ڪيئن ٿئي، جو فردُ (يا شخصُ) پنهنجي غرض جي انڌا ڌنڌ ترجيحي بدمستيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ مان پاڻ کي آجو ڪري سگهي؟ ۽ پنهنجي ذات جي ڪٽرپڻي ۽ اَنا جي خسيسپڻي مان نجات حاصل ڪري، پوري (يعني قومي/ انساني) معاشري جي درد، الم ۽ احتياج جي ڪرب ۾ پاڻ کي، رضاڪارانه طور تي شريڪ ڪري سگهي (ڪم ڪندي، جيئندو رهي، جيترو جي سگهي)! سوال جو جواب ڏيندي، پاڻ ئي لکن ٿا.
”آءٌ سمجهان ٿو ته جيستائين اسان جي تعليم ۽ تبليغ جي نظام ۾ بنيادي مقصدي تبديليون پيدا نه ٿينديون، تيستائين ماڻهو پنهنجي ذات ۽ ڏات جي تعصبات مان ۽ ان جي غير منصفانه ترجيحات مان پنهنجي مزاج کي ڇوٽڪارو ڏياري نه سگهندو. تعليم ۽ تبليغ سان لاڳاپيل پورو نظام ۽ اُن جا ادارا اسان جي سماج ۾، تحقيق ۽ تنقيد جي بجاءِ انڌيءَ تقليد جو شڪار آهن. تنقيدي شعور کان سواءِ ڪوبه تحقيقي ۽ تخليقي عمل سِرجي ئي ڪونه ٿو سگهي.“
بس، هن ڪتاب جو سڄو تَتُ، سڄي اُٿل يا دليل ۽ سڄو زور اهو آهي، سماج ۾ مثالي شخص يا شخصن جو باشعور ۽ اعتبار ۽ عزت جوڳو ٿي رهڻ، ۽ ان لاءِ انڌيءَ تقليد کي ڇڏي، کين تنقيدي سوچ ۽ تخليقي عمل اختيار ڪرڻ کپي. تعليم ۽ تبليغ به ان عمل جي ۽ پيروي ۽ اڳواڻي به ان عمل جي، ته جيئن سماج جو قدم لاڳيتو ۽ سدائين پنهنجي اعليٰ اخلاقي مقصد. يعني، قومي، انساني ۽ آفاقي/ ڪائناتي منزلن ماڻڻ ڏانهن وڌندو رهي.
آءٌ دعاگو آهيان ته پڙهندڙ هن ”اَندر مُلهه، اَمُلهه“ ڪتاب کي اِئين ئي پڙهي، ۽ ان مان اهو ئي سبق سکي سگهي.
انهي شاندار تعارف پڙهڻ سان ئي ماڻهو کي اندازو ٿئي ٿو ته، هي ڪيڏو نه ڪارائتو ڪتاب آهي. جڏهن هي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪجي ٿو ته، هن ۾ موجود شروع وارو منظوم عڪس ئي دل سان لڳي ٿو. جيڪو ڪجهه هن طرح آهي.
”ماڻهو چون ٿا ته اڄ عيد آهي
اسان وٽ ته نه ڪو آيو آهي ۽ نه ئي اچڻ جي ڪا اميد آهي
گل، گلدان بجاءِ آتشدان ۾ آهن
مون ۽ هن ۾ صدين جا فاصلا آهن.
هو دل جي مام نٿو سمجهي
پوءِ به چون ٿا ته اڄ عيد آهي“!
انهي کان پوءِ بلڪل ٻيو منظوم عڪس ”لڳي ماٺ مِرن کي“ به ڪمال جو آهي. جنهن ۾ سائين حيدر سڀني دقيانوسي ۽ مدي خارج روايتن کان بغاوت جو اعلان ڪندي نظر اچي ٿو ۽ ڪجهه اهڙيون نصيحتون ڪري ٿو وڃي جو جيڪڏهن انهن تي عمل ڪجي ته، هي سماج واقعي سُک ماڻي. سائين ٻهروپيت، سکڻن لفظن، خودفريبين، علم ۽ فضيلتن جي بي حرمتين، ڪوڙ، وحشتي وجودن، ٻوساٽيل ماحول سميت هر بُرائي کي الوداع ڪرڻ جي تلقين ڪندي چوي ٿو ته: ”اچو ته اڇي اجڙي من جي ميراث جو در کڙڪايون ۽ اٽڪل سٽڪل، لوڪ رياءَ ۽ پاڻ پڏاءِ جي بي پاڙي وڻ ويڙهي مان پاڻ ڇڏايون.
اچو ته خسيس کي تياڳيون،
اچو ته پاڻ سنڀاريون.
اچو ته ڳنڀير ٿيون.
اچو ته مٿانهان ٿيون.
اچو ته آڳاهان ٿيون.
اچو ته آجا ٿيون.
اچو، اچو ته آجا ٿيون.
اچو ته نرواڻ ماڻيون.
ڪيڏيون نه فڪر انگيز ڳالهيون آهن ۽ ڪيڏو نه ڪمال جو مشاهدو آهي. هاڻي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسو ته، اسان وٽ اڪثريت انهي ڪم سان لڳل آهي ته، اٽڪل سٽڪل ڪجي، جڳاڙ ڪجي، پاڻ پڏائجي ته مون جهڙو نه جيڏو، دنيا مون تي دنگ آهي. هن قسم جو فڪر ئي اندر روشن ڪري اهڙين برائين مان جان ڇڏائي سگهي ٿو.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ سائين مختلف شخصيتن تي مضمون لکيا آهن. جن ۾ والٽيئر، سارتر، ٿامس پين، گرامي صاحب، شاهه لطيف، حيدر بخش جتوئي، سچل، استاد بخاري، علامه آءِ آءِ قاضي، وتايو فقير ۽ ٻين تي مضمون شامل آهن. اِهي فڪر انگيز مضمون پڙهڻ سان اِهو احساس ٿئي ٿو ته، وڏن ماڻهن جي زندگي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، انهن جي پيغام کي عام ڪري ٻين ماڻهن تائين پُهچائجي. هي مضمون پڙهڻ سان انهن شخصيتن تي لکيل روايتي خاڪن بجاءِ اهو تاثر اچي ٿو ته سندن شخصيت جي هر پاسي جو تنقيدي ڇيد ڪيل آهي. جنهن ۾ گهڻو ذڪر سندن عظيم ڪم ۽ جاکوڙ تي آهي.
ڪتاب جي مقالات واري حصي ۾ ”لطيف جي حيات بخش جماليت“ ۽ ”لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو حوالو“ جي عنوانن سان ٻئي مضمون شاهڪار آهي. جيڪي وري وري پڙهڻ جهڙا آهن.
ڪتاب جي آخري حصي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪتاب ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾، او ڪو ٻيو فهم“ سميت ڪجهه ٻين ڪتابن تي تبصرا ۽ ليکڪن جي باري ۾ مضمون آهن. عبدالقادر جوڻيجي ڏانهن سائين جو لکيل خط به هن حصي ۾ شامل آهي.
هن ڪتاب ۾ ٻولي جو ميٺاج ۽ لکڻ جو نرالو انداز ته آهي ئي آهي. ان سان گڏ فلسفو، روشن خيالي، شعور، فڪر، ساڃاهه ۽ سچائي جي پرچار به نمايان آهي. هن قسم جا ڪتاب اڄ جي نوجوانن کي پڙهڻ گهرجن ته جيئن سندن ذهن کي وسعت ملي ۽ سندن زندگيءَ ۾ نيون راهون پيدا ٿين. جيڪي يقينن هن سماج جي بهتر ۽ صحتمند اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.
**