وقت بيھي نٿو
وقت بيھي نٿو ”جي عنوان سان محمد علي پٺاڻ جي انھي طويل نظم کي ڪتابي شڪل ۾ ڪونج اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جي خصوصيت اھا آھي ته ھن ۾ وقت بيھي نٿو جي ٽائٽل سان ھڪ ئي طويل نظم آھي، جيڪو شاعر جي مختلف مشاھدن، احساسن ۽ امنگن کي ظاھر ڪري ٿو. جيڪو يقينن ڪيترين ئي حساس دلين جي ترجماني ڪري ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ليکڪ بابت انور ابڙي ۽ مختيار سمي جا رايا به شامل آھن. انور ابڙو لکي ٿو ته ”اھو شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامي نگار، جيڪو پنھنجي زندگي جو وڏو وقت سفر ۾ رھيو ھجي ۽ جنھن جي وڏي تخليقي صلاحيت اھا بـه ھجي ته ھو جڏھن چاھي ته مختصر ترين به لکي سگھي (ھن اھڙا تجربا ھڪ طويل نظم جي گھاڙيٽي ۾ ناول مسافتون ياد جون لکڻ ۽ مختصر ڪھاڻي لکڻ ۾ به ڪيا آھن) ته اھو جڏھن طويل نظم وقت بيھي نٿو لکي ٿو ته، ڀلي ته ھو وقت کي بيھاري نه سگھي، پر ھو پڙھندڙ کي ضرور بيھاري، اھو نظم پڙھڻ تي ضرور مجبور ڪندو ۽ پڙھندڙ پوءِ وقت جي سفر ۾ ھليو ويندو.“
ڪتاب جي مھاڳ ۾ ناليوارو ليکڪ اخلاق انصاري لکي ٿو ته ”ڪائنات ته ھميشه وڌندي ٿي رھي ۽ ڌرتي تي جيئن پوءِ تيئن ترقي تيز کان تيز ٿيندي پئي وڃي. روڊ رستا، سواريون ھوندي سوندي به ملاقاتون مھل سان نه ٿين. اھا سڪ نه ھجي. ڪائنات ۾ پکي به پريشان ھجن. ڪو وڻ نه ٽڻ. بٽڻ دٻائڻ سان دنيا سان دنيا ۾ ٿيندڙ لقاءَ ان مھل ساڳئي ”ٽائيم تي ئي ڏسجن. پر ماڻھو سڀ ھوندي به ھر ھنڌ اڪيلو. سڀ ڪجھ ھوندي به ڪجھ نه آھي.ڪجھ نه آھي.
ھن ڪتاب جي ھر ھڪ سٽ ۾ زندگي جي ڪھاڻي سمايل آھي. وقت واقعي ڪنھن جي به نٿو مڃي، ان جو اظھار ھنن سٽن ۾ ڏسو.
انتظاريون ڏئي،
بيقراريون ڏئي،
لڙڪ موتي ڪري،
ٽھڪ ٽانڊا ڪري،
رڻ رت سان رڱي،
ڪين ڪنھنجي مڃي،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
پياري پرين سان ملي ھڪ ٿي وڃجي، ٻن وارو تصور ئي ختم ٿي وڃي.
غم گھڻو آ پرين،
ڪم گھڻو آ پرين،
ھٿ ھٿ ۾ ته ڏي،
ڇا خبر موت ٿئي،
ھڪ دفعو پاڻ ۾،
ھڪ ٿي ٿا وڃون،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو...
جدا ٿيڻ جو فيصلو ڪو آسان ته ناھي ھوندو، ھي ته زندگي جو تمام ڏکيو مرحلو ھوندو آھي، محمد علي صاحب ان کي ڪجھ ھن طرح بيان ٿو ڪري.
فيصلو آ وڏو،
ٿورو سوچڻ ته ڏي،
ٺيڪ آ ڌار ٿا،
پاڻ ٻيئي ٿيون،
پنڌ ھيکل پرين،
پير ڪيئن پوءِ ڪندا؟،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
ماکي جي مک مان محنت، محبت ۽ ميٺاج جو جذبو سکجي ۽ ان کي زندگي جو حصو بڻائجي...
ماکي مک سندي،
رس گلڙن منجھان،
ڏس، کڻي چپ سان،
پوءِ مانار کي،
ساري سنسار کي،
ڪيئن مٺو ٿي ڪري،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
وقت اڳيان انسان صفا بيوس آھي، ڪجھ ھن طرح،
کيل پتليون اسان،
جنھن جا ڌاڳا سندس،
ھٿ ۾ ٿا رھن،
ٿو چوي ٿا کلون،
ڏک ڏئي، لڙڪ ٿي،
ڳلن تي ٿا ڪرون،
وقت بيھي نٿو....
وقت بيھي نٿو....
اسان جي ديس ۾ پاڻي به کارو ٿي ويو آھي، جيڪو پاڻي پي وقت سان گڏ زندگي به گزرندي ٿي وڃي ۽ ڏاڍي سوڙھي ٿيندي پئي وڃي... پر اسان جي سرڪار جي ڪن تي جون به ڪانه ٿي سري...
جر کارو ٿيو،
زھر ٿا پيا پيئون،
گند ڪچري مٿان،
زندگين جو سفر،
ڪونه سرڪار کي،
تر ڀي ڪو جھٻو،
وقت بيھي نٿو.....
وقت بيھي نٿو....
ھر شخص جي چھري مٿان چھرو چڙھيل آ، انسان جي ٻھروپيت نه پر ڪيترن ئي روپن جو ذڪر آھي. اسپتالن جي خراب صورتحال جو به ذڪر آھي ته اھي ڪيئن ڪوس گھرن ۾ تبديل ٿي ويون آھن.
ان کان علاوھ ليکڪ ھن طويل نظم ۾ ڀٽائي سائين، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀي، رزاق مھر، ڪيھر شوڪت سميت پنھنجي ڪافي پيارن تخليقڪارن کي بـ سھڻي انداز ۾ ياد ڪيو آھي.
ان سان گڏوگڏ انور ابڙي، زيب سنڏي، اعجاز منگي، بدر ابڙي، اخلاق انصاري، اياز گل، امداد حسيني، بادل جمالي ۽ ٻين دوستن سان به پيار ونڊيل آھي.
ھن ڪتاب ضرور پڙھندڙن جي دلين ۾ جاءِ ٺاھيندو.
**