سائنس فڪشن واريون ڪھاڻيون
ڪجهه ليکڪن ۾ اھا صلاحيت خوب ھوندي آهي جو ھو افسانوي انداز ۾ سماج جون تلخ حقيقتون پڙھندڙن تائين پھچائيندا آهن ته جيئن پڙھندڙ انهن کي بوريت بجاءِ وڏي تجسس ۽ دلچسپي سان پڙھي وڃن ۽ پڙهڻ کان پوءِ ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ٿين. ناميارو ڪھاڻيڪار زيب سنڌي به انهن ڪھاڻيڪارن مان ھڪ آهي جيڪي اسان جي سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن تي تڙپي اٿن ٿا. مون زيب سنڌي جو ڪھاڻين جو تازو ڇپيل ڪتاب ”آخري ماڻهو“ پڙهي پورو ڪيو آهي ۽ دل چيو ته ٻين پڙھندڙن سان به ڪتاب جو تعارف ونڊ ڪجي. ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآٓباد پاران ڇپايو ويو آهي. ھن ڪتاب ۾24 ڪھاڻيون شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب جو مھاڳ جامي چانڊيي لکيو آهي. ان ۾ جامي لکي ٿو ته ”زيب سنڌي جو ھي ڪھاڻين جو ڪتاب ”آخري ماڻهو“ به موضوعاتي ٻھڳڻائپ ۽ وسعت جي لحاظ کان سندس منفرد ڪتابن ۾ شمار ٿيندو.“
ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل تي ناليواري ليکڪه نورالھديٰ شاھ لکي ٿي ته ”مان جنهن زيب سنڌي کي سڃاڻيندي ھيس، ھي ته انھي کان گھڻو مختلف نڪتو. ھو ڪڏهن ۽ ڪيئن اڄ جي دور ۾ ڪجهه اھڙي انداز سان داخل ٿي ويو، جو ھن تي نئين نسل جي ڪھاڻيڪار جو گمان ٿئي ٿو. زيب جا ڪردار اڄ جا ڪردار بڻجي چڪا آهن ۽ انهن ۾ جديد دور جو اضطراب نظر اچي ٿو. مان زيب جي ڪھاڻين ۾ آفاقيت جو ڦھلاءُ ڏسي سوچي رھي ھيس ته انهن ڪھاڻين کي ته ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجي، ڇو ته اھي ھر انهي ٻولي جون يئي ڪھاڻيون لڳنديون جنهن ۾ اھي ترجمو ڪيون وڃن“.
ھن ڪتاب جون شروع واريون ٻئي ڪھاڻيون ”ايڪٽيھين ڊسمبر“ ۽ ”آخري ماڻهو“ سائنس فڪشن واريون ڪھاڻيون آهن جنهن تي سنڌي ۾ شايد يئي ڪنهن لکيو ھجي. انهن ٻنھي ڪھاڻين ۾ اھو ڏسيو ويو آهي ته انسان ڪيئن نه احساسن کان خالي ٿي ويو آهي. دنيا کي فتح ڪرڻ ۽ لالچ جي صورت ۾ ھو دنيا جي سمورن انسانن کي ماريندي دير نٿو ڪري.
ايڪٽيھين ڊسمبر ۽ آخري ماڻھو ڪھاڻي جو اھم ڪردار اھو سائنسدان آهي جيڪو ٽي مھاڀاري جنگ ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي مارڻ جو ڪمپيوٽر ۾ ھڪ پروگرام ٺاهي ٿو ۽ پوءِ ماڻهو ماري ڪيئن نه ھو اڪيلو ۽ آخري ماڻهو ھجڻ جي خوف ۽ درد ۾ پاڻ کي به گولي ھڻي ماري ٿو ڇڏي. انهن ڪھاڻين ۾ اھو احساس ڏياريو ويو آهي ته انسان ترقي جون منزلون ته طي ڪري ويو آهي پر اڄ به لالچ جي ڪري ھو احساسن کان خالي ٿي سڄي دنيا جي انسانن کي ماريندي دير نٿو ڪري ۽ بيرحم ٿي ٿو پوي ۽ اھي بيرحمي ۽ ظلم جي انتھا اسان دنيا ۾ ھن وقت ڏسي رھيا آھيون.
ڪھاڻي ”اوڀر ۽ اولھ جا بگھڙ“ ٻن ملڪن جي سپاھين جي ڪھاڻي آهي جنهن ۾ اھو احساس ڏياريو ويو آهي ته نفرتن جي بنياد تي ڪجهه شاطر ماڻهن زمين کي ورھائي ملڪن جو سرحدون ٺاهي انسانن کي ھڪٻئي کان جدا ڪري خاردار تارن ذريعي نفرتون پکيڙي ڇڏيون آهن.
ھن ڪتاب جي ھر ڪھاڻي جاندار ۽ دلڇھندڙ آهي. ھنن ڪھاڻين ۾ موھن جي دڙي جي تباهي ۽ لاوارثي جو درد به شامل آهي ته ان پوڙھي پيءُ جو درد به شامل آهي جيڪو پٽ کي روزگار ڏيارڻ لاءِ خودڪشي ڪري ٿو ته جيئن فوتي ڪوٽا تي سندس پٽ کي رکيو وڃي. ادبي ڪانفرنسن جو به ذڪر آهي جن ۾ ادب گھٽ ۽ ڏيکاءَ وڌيڪ ھوندو آهي. حال اھو آهي جو سچل کي به سندس نالي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ويھڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ ھال مان ٻاھر ڪڍيو ٿو وڃي.
ھن ڪتاب ۾ ”وجود جو ورھاڱو“ نالي ڪھاڻي جو اھم ڪردار ھڪ ٻڌڙي ۽ بيحد سگھاري باوقار عورت آهي جيڪا ڪھاڻي جي آخر ۾ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم تي چئي ٿي ڏي ته ”مان سنڌ آھيان ۽ مان پنهنجي وجود جو ورھاڱو ڪڏھن به قبول نه ڪنديس!“
منهنجي خيال ۾ ھن ڪتاب جي ھر ڪھاڻي اسان جي سماجي بيحسي، تاريخي ورثي کان لاتعلقي، بيروزگاري، ناانصافي ۽ درد ڪٿا آهي جنهن ۾ ماڻهو کي ماڻهو ماري پيو. وڌيڪ پڙھندڙ پاڻ پڙهي سوچين ۽ سمجھن ته آخر اسان جي سماج ۾ ھي سماجي بحران ڇو پيدا ٿيو آهي. مون نوٽ ڪيو آهي ته زيب صاحب جي ڪھاڻين جو محور سنڌ آهي. جنهن ۾ ھو سنڌ جي درد تي فڪرمند به آهي ۽ پراميد به آهي ته ھن ظلم جو انت ٿيندو ۽ نيٺ ته روشني ٿيندي.
ھن سھڻي ڪتاب ۾ گل محمد عمراڻي، تاج بلوچ، امداد حسيني ۽ رحمت ماڃوٺي جا ڪمينٽس به شامل آهن.
**