جان جيئان تان پاڙيان
ھن وقت منھنجي سامھون سائين پٺاڻ صاحب جو تازو شاعري جو شايع ٿيل ڪتاب ”جان جيئان تان پاڙيان“ آھي. جنھن ۾ مختلف وقتن ۽ واقعن تي لکيل نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم موجود آھن. مون جڏھن ھي نظم پڙھيا ته مون به ائين محسوس ٿيو جيئن ڪتاب جي فليئپ تي محترم اياز گل صاحب لکيو آھي ته ”محمد علي جا ھي نظم، نظم- ڪھاڻيون آھن. جن ۾ ديس جو درد، مفلسي، پيڙائن ۽ ناانصافين جو ئي ذڪر آھي.“
سائين پٺاڻ صاحب ڪافي وقت کان مستقل بنيادن تي مختصر ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي، ان ڪري مون کي سندن ڪھاڻيون، سندس شاعري تي حاوي ٿيندي نظر اچن پيون. شاعري ۾ به مختصر ڪھاڻين وارو ٽچ ئي محسوس ٿئي ٿو. ان ڪري محمد علي صاحب جي شاعري رڳو پيار ۽ محبت تائين محدود ناھي پر اڄوڪي سماج جي ڀرپور ترجماني به ڪري ٿي ۽ سماج جي چھري تي تھذيب جي چڙھيل ڪوڙن چھرن ۽ ماسڪن کي به لاھي ڦٽو ڪري ٿو ۽ پنھنجي پڙھندڙ کي سماج جو اصل چھرو ڏسي ٿو. سندس نظمن ۾ سنڌو درياءِ جي سڪي وڃڻ جو به ڏک آھي ته شمشيرالحيدري جي زندگي جي آخري سال ۾ نظر جي ويھي وڃڻ جي ڏک تي به نظم آھي. وڃايل ماڻھپي جي ڏک جو بـه ذڪر آھي ته ڀٽن جي شھادتن جي ڏک جو ذڪر به ملي ٿو.
مون جڏھن، ھن ڪتاب ۾ موجود نظم، ”ندي ھوريان وھي ٿي پئي...“ پڙھيو ته مون کي ڪجھ سال اڳ محمد علي پٺاڻ جو ئي لکيل طويل نظم ”وقت بيھي نٿو...“ ياد اچي ويو. ڇو ته ھي نظم به ان ئي طرز تي لکيل آھي. ھن ڪتاب ۾ موجود آزاد نظم به ڪمال جا آھن. مثال طور ھي نظم ڏسو، جنھن ۾ سنڌو جو درد آھي.
”دانھون ڪوڪون،
ماڻھو گھايل،
وڻ ٽڻ زخمي،
پاڻي بدران،
واري واري،
زاري زاري،
سنڌو سارو،
ٿر جيان ٿي ويو،
سڏڪا سڏڪا،
تر جيان ٿي ويو.....!!“
اھڙي طرح ڪتاب ۾ موجود ھي آزاد نطم ته علم جي دشمنن لاءِ ھڪ للڪار وانگر لڳي ٿو.
”علم کي ڱوليون ھڻي سوچيو پيا،
انت ساڃاھ جو اچي ويندو ھتي،
۽ انڌيرو ٻوڏ بڻجي
لوڪ جي نيڻن ۾ ويندو ڦھلجي.....
ساھ روشني جا پوءِ
ڪين ڪڏھن ڀون کڻندي ديس ۾_
سوچ اھڙي
سچ چوان ٿو ڪوڙ آ_
علم گولي سان نه مرندو آ ڪڏھن....
علم آھي سج جنھن کي،
ڪو به ايٽم بم يا بارود ڪو،
ڪين ٿو ماري سگھي....
۽ نـه ان جي ترورن کي،
قيد ڪو اونداھ واري سوچ جو،
باندي بڻائي ٿو سگھي_
باندي بڻائي ٿو سگھي......“
ڪتاب جو نثري نظمن وارو پاسو به سگھارو ۽ دل ڇھندڙ آھي. انھي حصي جي شروع شروع ۾ ھي نظم پڙھڻ لاءِ ملي ٿو.
”حقيقت پسندي
منھنجي
اندر جي اکين
تنھنجي
چھري جو
اندر پڙھندي
سوچيو ته“
ان کان اڳي جو
برف
وڌيڪ ڄمي وڃي
پاڻ
گرمجوشي سان
موڪلائي ڇو نه وٺون.......“
يا وري نثري نظم پڙھي ڏسو:
”ڳجھي چوٽ
ڇڻندڙ گل
ٽڙندڙ گل ڏي
ڏسي
ڇا سوچيو
اھو نه پڇ....“
زندگي جي ستم تي ھي نظم تـه غضب جو آھي،
”زندگي جڏھن اکيون ڏيکاري ٿي
۽ ڳچي کان پڪڙي
ان جو اگھ پڇي ٿي
دل ان وقت
زلزلي جي زد ۾
اچي ٿي وڃي
۽ خوابن جا ڪيترائي شھر
کنڊرن جون
اڻ کٽ قطارون ٿا بڻجي وڃن.....“
سو اھڙا ۽ ان جھڙا ٻيا ڪيترائي خوبصورت نظم ھن ڪتان جو حصو آھن، جيڪي پڙھندڙن جي دلين جي ترجماني ضرور ڪندا. ھي ڪتاب پڙھندي ھن ۾ مون کي پروف جون به ڪٿي ڪٿي چڪون نظر آيون. جيڪي نون ۽ عام پڙھندڙن کي ڪجھ لفظن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي جون سبب بڻنجنديون. سو، ان طرف جيڪڏھن ليکڪ ۽ پبلشر ڌيان ڏين ھا ته ھي ڪتاب اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي پوي ھا.
ان باوجود به مون کي يقين آھي ته ھي ڪتاب شاعري سان دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ ڪنھن سھڻي تحفي کان گھٽ ناھي. ھن ڪتاب جو مھاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آھي. ان سان گڏ ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ سلطان احمد کوسي جا شاعر بابت ليک به ھن ڪتاب جو حصو آھن. جڏھن ته انگريزي ۾ ھن ڪتاب تي ڄام جمالي جو لکيل تبصرو به ھن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي.ڪتاب جي فليئپس تي سنڌي جي ٻن ناميارن شاعرن اياز گل ۽ ادل سومري صاحب جا رايا بـه لکيل آھن. ھن خوبصورت ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي نامياري نثرنگار اعجاز منگي جا خيال موجود آھن. هي ڪتاب ڪونج اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو آهي.
**